ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وزير اعظم جي ڪرسي لُوڏن ۾

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

ملڪ ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال کي ڏسي، اھو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جو عوام، ڀلائيءَ لاءِ، عوام دشمن ماحول بدلجڻ وارو آھي. ظاھري طور سڄي ملڪ جي بدلجندڙ صورتحال ڪارڻ “سليڪٽيڊ ڪپتان” جو ڊراپ سين ٿيڻ وارو آھي يا ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته “سليڪٽيڊ ڪپتان” مان، سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ڀلائيءَ خاطر کانئس دائمي جند ڇٽڻ واري آھي.
اھا به سچائي آھي ته انھيءَ تبديليءَ ۾، ملڪ جي گڏيل ڀلائي سمايل ٿي سگهي ٿي پر اھم سمجهاڻي ڏيڻ مناسب آھي ته اھو ضروري ناھي ته اعتراض جوڳي ڳاٽي ٽوڙ صورتحال ڪارڻ، سگهوئي ڀلائيءَ واري مکيه تبديلي اچڻ واري آھي، مطلب اھو آھي ته ڀلائيءَ واري تبديلي ته اچي سگهي ٿي پر ھلندڙ ڳاٽي ٽوڙ مسئلن کان سواءِ ڄاڻي واڻي خطرناڪ صورتحال کان نڪرڻ لاءِ ڀلائيءَ کي روڪڻ خاطر نوان نوان مسئلا پيدا ٿيڻ سان سڄي ملڪ جي عوام جي گڏيل ڀلائيءَ ۾ عملي طور دير بہ ٿي سگهي ٿي پر اھا خاطري ڪري سگهجي ٿي ته ھاڻوڪي مصيبت واري ڳاٽي ٽوڙ ۽ گندي صورتحال مان ترت يا ڪجهه دير سان ئي سھي، ڀلائيءَ واري صورتحال پيدا ٿيندي ڇاڪاڻ ته ظلم واري صورتحال سدائين برقرار ڪونه رھندي آھي.
ھاڻوڪي سيويلين وفاقي سرڪار جيڪا خطرناڪ صورتحال پيدا ڪئي آھي سا سڄي ملڪ لاءِ ھاڃيڪار آھي ڇاڪاڻ ته کين ظاھري طور سنڌ سان وڏي گهڻائيءَ يعني اڳ ۾ قائم چونڊيل سرڪار ھئڻ باوجود، زوردار نفرت ٿي رھي آھي ۽ وفاقي سرڪار پي ٽي آءِ کان سواءِ پارٽيءَ جي سنڌ جي پي ٽي آءِ عھديدارن ۽ اسيمبليءَ ميمبرن ڪيترا ڀيرا سنڌ جي چونڊيل سرڪار کان سواءِ سنڌ جي عوام خلاف گندي ٻولي ڪم آندي آھي. ٻيو ته ٺھيو پر سنڌ جي پير پاڳاري جو بيان تازو ميڊيا ۾ آيو آھي ته ھو عمران خان جي آخري دم تائين حمايت ڪندو، چاھي ٻيا نه ڪن.
ھاڻي اچو ته ملڪ جي ھاڻوڪي وفاقي سرڪار بابت ڳالھايون جن جي وفاق کان سواءِ چئن مان ٽن صوبن ۾ به حڪومتون آھن، يعني سنڌ ۾ سندن حڪومت ھرگز ڪونھي جيڪا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جي آھي. بھرحال، وفاقي سرڪار جي ظلمن خلاف جدوجھد ته سڄي ملڪ ۾ ھلي رھي آھي. تازو بلوچستان جي تنظيم، عمران خان سرڪار جي حمايت ڇڏڻ وارو بيان جاري ڪيو آھي.
ٻئي طرف، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پنھنجي بيان ۾ ڄاڻايو آھي ته جيڪڏھن مخالف ڌر، ڀروسي نه ھئڻ وارا ووٽ موٽائي وٺي ته سرڪار (وفاقي) به ٺاهه ڏانھن اچي سگهي ٿي. بھرحال، ھڪ اھم سوال پيدا ٿي پيو آھي ته ڇا وفاقي سرڪار جي ساڍن ٽن ورھين جي دور ۾ ھن جيڪي وعدا ڪيا آھن سي ڪڏھن پورا به ڪيا آھن ڇا؟ جواب آھي، ھرگز نه. انھيءَ سلسلي ۾ جماعت اسلاميءَ جي امير، سراج الحق جي بيان جو به ڪاٿو لڳائڻ گهرجي. سندس چواڻي: ڪروڙ نوڪرين ڏيڻ جو اعلان ڪندڙ، پاڻ بيروزگار ٿيڻ وارو آھي. وزيراعظم عمران خان 1100 ڏينھن دوران 1100 ڪوڙ ڳالھايا، کائڻ جي گره کان، پيئڻ جي قطري تائين، ھر شيءِ تي ٽيڪس لڳايا ويا.
ٻئي طرف، پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي اھم اڳواڻ بلاول ڀٽي زرداريءَ چواڻي: سليڪٽيڊ وزيراعظم جي ڪھاڻي ھاڻي ختم ٿيڻ واري آھي پر انھيءَ سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان جيڪو حڪمران پارٽي يعني پي ٽي آءِ پارٽيءَ جو سربراهه به آھي، سندس چواڻي: اپوزيشن جا ٿورا جن عوام کان ھينئر مھانگائي وساري ڇڏي آھي. وزيراعظم اھا به دعوا ڪئي آھي ته مخالف ڌر جي، ڀروسي نه ھئڻ واري تحريڪ ناڪامياب ٿيندي، اپوزيشن ايندڙ اليڪشن به ھارائيندي. سندس ھڪ اڳوڻو بيان به ميڊيا ۾ ڇپيو ھو. وزيراعظم چواڻي، اسان سال 2028ع تائين اقتدار ۾ رھنداسون. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب جيڪڏھن عمران خان اڃا به پنج سال وڌيڪ اقتدار ۾ ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان رھيو ته ڪروڙين انسان جيڪي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائيءَ ڪارڻ آزار ۾ آھن، سي وڌيڪ ۽ لاڳيتي مھانگائيءَ آڻڻ خاطر آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ اسان جي اڳيان انسانن جي اھميت وڌيڪ آھي. بھرحال، ميڊيا ۾ ڇپيل بيانن موجب اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي پي سي) شڪايت ڪئي آھي ته وزير اعظم کي اليڪشن ڪميشن چونڊ مھم ھلائڻ لاءِ قانون موجب جهليو آھي پر ھو نٿو مڃي.
ٻئي طرف، جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق پنھنجي ھڪ ٻئي بيان ۾ اھم ڳالهھ به ڪئي آھي ته عمران خان ميڊيا کي پنھنجو دشمن سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته انھن، سرڪار (وفاقي) کي اصل تصوير ڏيکاري آھي. سندس اھا دعوا اھم آھي ته عمران خان پاڪستان ۾ غير اخلاقي طريقي تي عمل ڪرڻ جو بنياد وڌو آھي. ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران ملڪ ۾ جلسا ڪندو رھي ٿو.
انھيءَ سلسلي ۾ ھاڻوڪي دکدائڪ ملڪي صورتحال کي ڏسي ڪجھه بي ريا تبصرا ڪريون ٿا ته جيئڻ پڙھندڙن کي صورتحال کي بھتر سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. ڏسجي ته “ڳاٽي ٽوڙ مھانگو وزيراعظم” عوام کي نامنظور آھي. جيڪڏھن عوام جي آمدني ۾ واڌ ڪئي وڃي ته پوءِ مناسب مھانگائي ھجي ھا ته پوءِ سھپ ٿي سگهي ٿي پر اسان وٽ وفاقي سرڪار ٻين ملڪن ۾ وڌيل آمدنيءَ جو حوالو ھرگز نٿي ڏئي. رڳو ھڪ طرفو مھانگائي نامنظور آھي جڏھن ته مھانگائيءَ ڪري ماڻھن جي آمدني گهڻو گهٽجي وئي آھي. آمدني گهٽجي وڃڻ جو وفاقي سرڪار حوالو نٿي ڏئي. بھرحال، مھانگائي، بيروزگاري ۽ عوام دشمن پاليسين جي ڪري سليڪٽيڊ ڪپتان جا ڏينھن پورا ٿي ويا آھن. ڳڻتي جوڳيون پاليسيون اختيار ڪري عوام ساڍن ٽن سالن کان ھلندڙ وفاقي سرڪار جي دور دوران، مھانگائيءَ جي باهه ۾ سڙي رھيو آھي تڏھن ته ڪنھن وزيراعظم کي صلاح ڏني ته عوام کي مھانگائيءَ ذريعي باهه ۾ نه ساڙ. بھرحال، اھا عام سوچ آھي ته سليڪٽيڊ ڪپتان جو ڊراپ ٿيڻ وارو آھي ۽ عوام جي جند ڇٽڻ واري آھي.
ٻئي طرف، وفاقي وزير عمران خان جي پراڻي حامي ۽ ھاڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ پرويز الاھيءَ جو بيان سنڌي اخبار ۾ ميڊيا جي مين نيوز طور شايع ٿيو آھي. سندس چواڻي سرڪار سان ڳالھين جو وقت ختم ٿي ويو آھي. اپوزيشن جو اتحاد جٽاءُ دار آھي، وزيراعظم سو سيڪڙو خطري ۾ آھي، سمورين اتحادين جو سو سيڪڙو جهڪاءُ اپوزيشن ڏانهن آھي. ھاڻي سرڪار سان ڳالھيون لاءِ وفد موڪلڻ جو وقت ختم ٿي ويو آھي.
بھرحال، ھاڻوڪي صورتحال کي ڏسي اھو چئي سگهجي ٿو ته وفاقي سرڪار عمران خان جو عھدو ختم ٿي ويندو. کيس بردباريءَ جو احساس ھجي ھا ته ھاڻي پاڻ ئي استعيفا ڏئي ڇڏي ھا پر منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب سولائيءَ سان استعيفا ڪونه ڏيندو. اسٽيبلشمينٽ کيس اقتدار ۾ آندو آھي ۽ سندس خواھش آھي ته ساڍن ٽن ورھين جي ملڪ ۽ عوام دشمن لاڳيتين سرگرمين باوجود، اھي کيس سپورٽ ڪن پر ائين ڪرڻ ظاھري طور ڏکيو لڳي ٿو. مطلب اھو آھي تہ وزيراعظم عمران خان جي ڪرسي زوردار لوڏن ۾ آھي ۽ اميد آھي ته عوام جي هن مان جند ڇٽي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button