ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ گورنر راڄ جو مطالبو

Editorial

جڏهن کان مخالف ڌر جي پارٽين وزير اعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ جمع ڪرائي آهي، ان وقت کان وٺي حڪومت نه رڳو آپي کان ٻاهر نڪري وئي آهي پر حڪومت جو هر وزير اهڙي غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪرڻ لڳو آهي، جنهن کي سياسي روايتن جي خلاف چئجي ته غلط نه ٿيندو. عدم اعتماد هڪ آئيني ۽ جمهوري معاملو آهي، جنهن ۾ چونڊيل نمائندا پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندي وزير اعظم تي اعتماد جو اظهار ڪري سگهن ٿا. پر حڪومت ان معاملي کي ايترو ته تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي جو جنهن معاملي جو فيصلو پارليامينٽ ۾ جمهوري طريقي سان ٿيڻو آهي، ان جو فيصلو روڊن رستن تي جلسن ۽ ڌرڻن ذريعي ڪيو پيو وڃي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻوڪو وزير اعظم ڪيترو جمهوريت پسند آهي. ڪالهه گهرو وزير شيخ رشيد وزير اعظم عمران خان کي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پارليامينٽ لاجز ۾ ڪنهن جي زندگيءَ کي ڪو خطرو ڪونهي. سنڌ هائوس ۾ خريد ۽ وڪرو ٿي رهيو آهي. چڱو ٿيو جو سنڌ هائوس وائکو ٿي ويو. هن جو چوڻ هو ته هن عمران خان کي صلاح ڏني آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي. سڄي قوم عمران خان سان گڏ آهي. وزير اعظم سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائي سگهي ٿو، هاڻ سندس مرضي اٿس. پي ٽي آءِ حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به وزير اعظم خلاف هي ڪا پهرين عدم اعتماد ناهي آئي بلڪه ان کان اڳ به اهو سلسلو هلندو رهيو آهي پر ان خلاف هن قسم جو سياسي رويو اختيار نه ڪيو ويو آهي. هي هڪ سياسي عمل آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا وزير ۽ وزير اعظم اهو سمجهن ٿا ته انهن وٽ نمبر پورا آهن ۽ ڪنهن به ريت اپوزيشن پارٽيون ان رٿ ۾ ڪامياب نٿيون ٿي سگهن ته پوءِ ان کي ڪوبه ڊپ نه ڪرڻ گهرجي بلڪه ان عمل کي سولو بنائڻ لاءِ آيل رنڊڪن کي ختم ڪيو وڃي. ان کانسواءِ پي ٽي آءِ جا جيڪي ميمبر سنڌ هائوس ۾ موجود آهن، انهن جو چوڻ آهي ته انهن کي ڪا به پئسن جي آڇ ناهي ٿي ۽ اهي پنهنجي ضمير جي سڏ تي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. جيڪڏهن اهي حڪومتي وزير پنهنجي وزير اعظم کان ڌار ٿي چڪا آهن ته انهن کي غير جمهوري طريقي سان واپس نٿو آڻي سگهجي بلڪه اها ڪوشش ڪئي وڃي ته عدم اعتماد واري معاملي کي جيترو جلدي ٿي سگهي اڪلايو وڃي ۽ پرامن طريقي سان اڪلايو وڃي ته بهتر رهندو. سنڌ ۾ هن وقت امن امان جي ڪا خراب صورتحال ناهي ۽ نه ئي اتي ڪو اهڙو واقعو ٿيو آهي جيڪو حڪومت جي وس کان ٻاهر هجي ته پوءِ رڳو ان ڪري سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ گهرجي ته پنجاب جا ايم پي ايز تحريڪ انصاف سان پنهنجو سياسي ناتو ٽوڙي هاڻ اپوزيشن وارن سان گڏجي ويا آهن. شيخ رشيد کي به اهو اندازو هوندو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ ايترو سولو ڪونهي ڇاڪاڻ ته هي عمل آرڊيننس وسيلي نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ملڪ ۾ جمهوريت پسند قوتون ان عمل جي حمايت ڪنديون. شيخ رشيد اهڙيون صلاحون ڏئي وزير اعظم عمران خان لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ جون سڀئي پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته هتي جمهوري نظام هلندو رهي. جيڪڏهن هاڻ عمران خان لاءِ حالتون ساڳيون نه رهيون آهن ۽ اپوزيشن پارٽيون وڌيڪ مضبوط ٿي هن خلاف عدم اعتماد ڪامياب بنائڻ واريون آهن ته پوءِ کيس ان جو مقابلو جذباتي ٿي ڪرڻ بدران هڪ سياسي دماغ وسيلي ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سياست ۾ ڪنهن به آئيني عمل کان روڪي نٿو سگهجي. سنڌ ۾ جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت گورنر راڄ لاڳو ڪري ٿي ته اهو نه رڳو هڪ غيرجمهوري عمل هوندو پر ان سان معاملا وڌيڪ خراب پڻ ٿيندا. تنهنڪري ڪنهن به غير جمهوري اپاءُ کان پاسو ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ وڌيڪ سياسي ڏڦيڙ پيدا نه ٿئي ۽ عدم اعتماد وارو معاملو پنهنجي مقرر تاريخ تي بهتر نموني حل ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته سياست ۾ پرامن نموني معاملن کي حل ڪرڻ جي وڌيڪ گنجائش هوندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button