سياسي اقتدار تيزي سان نيازي جي هٿن مان نڪري رهيو آهي، پر هي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ لا تيار ڪونهي. بي اعتمادي رٿ جمع ٿيڻ کان پو نيازي ۽ سندس حوارين جنهن قسم جو ماحول جوڙيو آهي، اهو به سندن حق ۾ وڃڻ بدران اٽلندو سندن خلاف وڃي رهيو آهي. هو سمجهن ايئن ٿا اپوزيشن جو گهيرو تنگ ڪري رهيا آهن پر اصل ۾ سندن ئي گهيرو سوڙهو ٿي رهيو آهي. 27 مارچ تي ڊي چوڪ تي 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ اعلان جو به دراصل اپوزيشن کي سوڙهو ڪرڻ جي ٽرڪ هئي پر اپوزيشن پاران لانگ مارچ جي اعلان کان پو سڄي صورتحال نيازي ٽولي جي ڳچي ۾ پئجي وئي آهي. مطلب ته ڪنهن به رخ کان نيازي جا وار موثر ثابت نه پيا ٿين، نيازي سرڪار نه بچندي اهو ته طئي ٿي چڪو آهي. پر نيازي ويندي ويندي پاڻ کي سياسي شهيد ڪرائڻ چاهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو شيخ رشيد اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته “عمران خان جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو آهي.” سچ اهو آهي ته ڪو اضافو ناهي ٿيو، ڇاڪاڻ ته نيازي ۽ سندس حوارين جا سڀ هٿڪنڊا بي اثر ثابت ٿي رهيا آهن.
تازيون اهم اڳڀرايون هي آهن ته ترين گروپ نيازر سرڪار خلاف بيهڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي جڏهن ته عليم خان گروپ حتمي فيصلي جي ويجهو ۽ “ڏسو ۽ انتظار ڪريو” جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. ترين گروپ وفاق ۽ پنجاب ۾ بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي لا ووٽ ڏيندو، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي قيادت عليم گروپ کي ايندڙ چونڊن ۾ ڪجهه سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمنٽ جو اشارو ڏئي چڪي آهي. چيو پيو وڃي ته حڪومتي ميمبرن عمران اسماعيل، شاهه فرمان، پرويز خٽڪ، فواد چوڌري ۽ عامر ڪياني طرفان عليم خان تي اپوزيشن کان پري رهڻ لا دٻا آهي ۽ اهي سڀئي عليم خان کي پنجاب اسيمبلي ۾ وڏ وزارت جي چونڊ ۾ چوڌري پرويز الاهي خلاف حڪومتي اميدوار بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر ذريعن جو چوڻ آهي ته نيازي عليم خان کي وڏ وزارت جو اميدوار بڻائڻ تي اڃا تائين راضپو ظاهر نه ڪيو آهي.
ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار وانڪواڻي دعويٰ ڪئي آهي ته “ٽي وفاقي وزير پي ٽي آءِ ڇڏي ويا آهن ۽ هڪ ڇڏڻ وارو آهي. اهي ڪير آهن، انهن جا نالا في الحال نه ٻڌائيندس.” هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي رميش ڪمار چيو ته “مان غلط ڪمن جي هميشه نشاندهي ڪندو رهندو هوس. پارليامينٽ لاجز ۾ منهنجي زال کي پي ٽي آ جي ماڻهن فون ڪري مون کي گڏهه چيو، اهي اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن. زال کي ڌمڪيون ملڻ بعد سنڌ هائوس آيس ۽ وڏي وزير کي تحفظ جي اپيل ڪئي. مون کي پئسن جي ضرورت ناهي، ڪير به خريد نٿو ڪري سگهي. منهنجي ڪاوڙ جا ڪافي سبب آهن، چاهيان ٿو ته سڀ کان وڌيڪ اقليتي برادري جا ڪم ٿين. هن وقت 33 ميمبر اسيمبلي ڇڏي ويا آهن. هاڻي عمران خان کي فوري استعيفا ڏيڻ گهرجي.
گهٻرايل نيازي سرڪار جي هڪ جمهوريت دشمن وفاقي وزير شيخ رشيد نيازي کي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني، اهڙي غيرجمهوري تجويز خلاف سخت ردعمل سامهون آيو. پاڪستان بار ڪائونسل چيو ته “سنڌ ۾ گورنر راڄ جي مطالبي سان ملڪ ۾ انتشار جو خدشو آهي. گورنرر راڄ سان جمهوري عمل کي نقصان ٿيندو اهڙو غيرجمهوري قدم روڪڻ لا عوام ۽ وڪيل برادري هر حد تائين ويندا.” اهڙي تجويز اچڻ کان پو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان کي غير آئيني قدم قرار ڏيندي سخت ردعمل ظاهر ڪيو. پنهنجي بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته “مان واضح طور ٻڌائي ڇڏيان ته وفاقي حڪومت طرفان سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو ڪو به غير آئيني قدم سنڌ جي عوام طرفان بي مثال مزاحمت کي جنم ڏيندو.” ٻئي طرف نيازي جي پارٽي مان آواز به آيو، اهو آواز ڪنهن ٻئي نه پر قريشي جو آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ پ پ مخالف لانگ مارچ ڪري چڪو آهي. جنهن پڻ اهڙي ڪنهن به قدم جي مخالفت ڪئي آهي. شايد ان موڊ کي ڏسندي ڪلهه نيازي سنڌ ۾ گورنر راڄ نه مڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته “قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي تشدد، گرفتاري ۽ عدم اعتماد جي رٿ ۾ حصو وٺڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. عوامي نمائندن جون جانيون، آزادي ۽ خاندان خطري ۾ آهن. اسيمبلي ميمبرن کي فاشسٽ حڪومت کان حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جو حق آهي. پ پ ۽ پي ڊي ايم ميمبرن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنديون. انشاءَ الله ڪجهه دوست عمران خان جي الزامن جو جواب ڏيندا. اسان پنهنجا سمورا پتا ظاهر نه ڪنداسين ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ تفصيل سامهون ايندا. او آءِ سي جي ڪانفرنس جي ڪري اسان اسلام ۾ ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، حڪومت اسان کي ڌمڪيون نه ڏيئي.”
هوڏانهن فواد چوڌري جي سنڌ هائوس ۾ ايڪشن جي تياري واري بيان تي به پيپلز پارٽي سخت ردعمل ظاهر ڪيو. سعيد غني چيو ته “جيڪڏهن حڪومت سنڌ هائوس تي ڪارروائي ڪئي ته ردعمل شديد هوندو. وزيراعظم ۽ وفاقي وزير ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اهو تاثر ڏنو ويو ته سنڌ هائوس ۾ ميمبرن کي جبري رکيو ويو آهي، پر اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته اهي سڀ پنهنجي مرضي سان موجود آهن. ڪنهن ايم اين اي سان زبردستي ڪئي وئي ته اسان به شرافت جي چادر ناهي پاتي، رڳو پي ٽي آ نه پر پ پ ۽ نواز ليگ جا ميمبر به موجود آهن. عمران خان هاڻي اڳوڻو وزيراعظم چورايو ويندو، پو هي چوندو ته مون کي ڇو ڪڍيو؟ اها شرم جي ڳالهه آهي ته هو ميمبرن جي جاسوسي ڪرائي رهيو آهي. ميمبرن جا فون ٽيپ ڪرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. جيڪڏهن خراب گورننس تي گورنر راڄ لڳڻو آهي ته اڳ ۾ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ لڳڻ گهرجي. سنڌ هائوس جي سيڪيورٽي سنڌ پوليس ڪندي آهي، پنجاب هائوس جي پنجاب پوليس ڪندي آهي. سنڌ هائوس ۾ نفري ان ڪري ويهاري، ڇو ته وفاقي حڪومت ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. ايم اين ايز کي اغوا ڪري رهي آهي، جيڪڏهن حملو ڪيو ويو ته ظاهر آهي اتي موجود سيڪيورٽي هٿ تي هٿ رکي نه ويهندي.” سنڌ هائوس خلاف ڪارروائي جي امڪان تي نواز ليگ به سخت ردعمل ڏيکاريو آهي. خاقان عباسي چيو ته “پارليامينٽ واري حرڪت سنڌ هائوس ۾ ورجائي وئي ته ان جا اگرا نتيجا نڪرندا.” بهرحال، ڪلهه تائين اهي خبرون به آيون ته سنڌ هائوس مان ميمبرن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.”
ن ليگ قيادت سڄي ملڪ ۾ موجود پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي 23 مارچ جي لانگ مارچ جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته “جيڪڏهن وفاقي گادي واري شهر ۾ بدامني ٿي ته گهرو وزير کان وٺي ڊپٽي ڪمشنر تائين سڀ ذميوار هوندا.” اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عاصما ملڪ طرفان پي ٽي آءِ ۽ ٻين سياسي جماعتن کي ڊي چوڪ تي جلسي کان روڪڻ جي درخواست تي شنوائي ٿي. عاصما ملڪ چيو ته “اسلام آباد ۾ پرتشدد احتجاج ۽ ٽڪراءَ جو خدشو آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي جي احتجاج سان جهيڙا ٿيندا. پي ٽي آءِ ۽ ٻين سياسي جماعتن جي ڊي چوڪ تي ميڙاڪي کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.” چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته “ڪنهن شهري يا پارٽي کي پرامن احتجاج کان نٿا روڪي سگهون. اها ريگوليٽر جي ذميواري آهي. عدالت خطرن کي ماپڻ جو ڪم نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن بدامني ٿي ته گهرو وزير کان وٺي ڊپٽي ڪمشنر تائين سڀ ذميوار هوندا.” عدالت اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج کي يقيني بڻائڻ جي ذميواري گهرو وزارت ۽ انتظاميا کي ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.
جڏهن ته نيازي جي صدارت هيٺ سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. جڏهن ته نيازي پاران سويلين حساس ادارن کي پارليامينٽ جي ميمبرن جي سخت نگراني جو حڪم ڏنو ويو آهي.