عمران خان جا مخالف ان نتيجي تي پھچي چڪا آھن تھ وفاقي حڪومت جو گھيرو ايترو تنگ ٿي ويو آھي، جو اھا مڙني ڪوششن جي باوجود آربٽ کان ٻاھر نڪري نٿي سگھي. بقول انھن جي ته قومي اسيمبليءَ ۾ بي اعتمادي رٿ عمران خان لاءِ واٽرلو ثابت ٿيندي ۽ ان جي بچڻ جا امڪان 10 سيڪڙو مس آھن. ان ڪري عمران خان لاءِ بھتر آپشن ھي آھي تھ ھو بي اعتماديءَ جي رٿ دوران مخالفن جو مقابلو ڪرڻ بدران استعيفيٰ ڏئي گھر روانو ٿي وڃي. ڇا موجوده خطرناڪ صورتحال جو اھو ئي حل آھي؟ ٻئي پاسي عمران خان چئي ٿو تھ ھو ميدان ڇڏي ڀڄڻ وارن مان ناھي، نھ ئي وري ھو مخالفن جي اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪندو. بقول هن جي ته مخالف مائنس عمران خان جي ڳالهه ڪن ٿا هو، انهن کان به اڳتي سوچي ٿو. ھو آصف زرداري جنھن کي بقول وزير اعظم جي ھن جي بندوق جي نشاني تي آھي، ان جي سنڌ ۾ حڪومت کي بھ نھ ڇڏيندو! ان حوالي سان پ پ کي ڌمڪائڻ لاءِ گهرو وزير شيخ رشيد گورنر راڄ ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي تجويز وزير اعظم کي ڏني،پر هن اها تجويز گوڏن هيٺان رکي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته هاڻ بي اعتماديءَ جي رٿ کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ آرٽيڪل 63 اَي جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بقول پي ٽي آءِ جي حلقن جي تھ ھو پ پ حڪومت کي گھر موڪلڻ لاءِ گورنر راڄ جو آپشن استعمال ڪندا، پر سنڌ حڪومت جا ڪجھه حلقا چون ٿا تھ جيڪڏھن عمران خان گورنر راڄ جو آپشن استعمال ڪيو تھ ھو سنڌ پوليس کي گورنر جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏيندا. ڇاڪاڻ تھ گورنر کي 18 ھين ترميم کانپوءِ اھڙو ڪوبھ اختيار ناھي تھ ھو سنڌ جي عوام جي چونڊيل اسيمبليءَ کي ٽوڙي سگھي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ته عمران خان کي کليو چيلينج ڏنو آهي ته هو سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪري ڏيکاري ته کيس خبر پئجي ويندي. پ پ جي حلقن جو خيال آھي تھ 18هين ترميم کانپوءِ گورنر جيڪڏھن ڪو unpopular قدم کڻي ٿو تھ ان لاءِ ھن کي پھرين سنڌ اسيمبليءَ کي ھڪ ٺھراءُ موڪلڻو پوندو، جيڪڏھن اڪثريتي ميمبرن ان جي حمايت ڪئي تھ گورنر ان آپشن کي استعمال ڪري سگھي ٿو. ٻيو آپشن قومي اسيمبليءَ جو آھي، جيڪڏھن قومي اسيمبليءَ ۾ اھڙي نوعيت جو ٺھراءُ منظور ڪرايو وڃي ٿو تھ سنڌ حڪومت جي خلاف قدم کڻي سگھجي يا وري آئين جي لاڳاپيل آرٽيڪل جو استعمال ڪندي ھنگامي حالتن جو اعلان ڪري سگھجي ٿو. عمران خان کي گھربل اھي سموريون سھولتون بند آھن، ان ڪري ھو ڪھڙي ريت سنڌ جي عوام جي چونڊيل اسيمبليءَ کي ٽوڙيندو، ان آپشن جي استعمال جو ڪوبھ طريقيڪار واضح ناھي. پ پ جا ڪجھه حلقا چون ٿا تھ جيڪڏھن سنڌ حڪومت جي قرباني ڏني بھ وڃي، ان باوجود عمران خان بي اعتمادي جي رٿ کان بچي نھ سگھندو. ان جو مطلب آھي تھ خطرو پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي ناھي، پر عمران خان جي حڪومت کي آھي. جيڪڏھن گورنر راڄ کي عمران خان جي پيدل سپاھين جون گدڙ ڀڀڪيون سمجھجن تھ غلط نھ ٿيندو. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن وفاقي يا صوبن اندر ڪو قدم کنيو وڃي ٿو تھ ان لاءِ ڪو آئيني رستو ئي ٿي سگھي ٿو. قانون جو نفيس وزير فروغ نسيم ھجي يا اين ڊي خان جو پٽ اٽارني جنرل، ڪو بھ ان پوزيشن ۾ ناھي تھ سنڌ حڪومت جي خاتمي لاءِ ڪو آئيني ۽ قانوني يا پارلياماني رستو ڪڍي سگھن.
سنڌ ۾ گورنر راڄ جو آپشن يا ڌمڪي اھڙي وقت ۾ سامھون آئي آھي، جنھن وقت، وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ قائم سنڌ ھائوس، جنھن کي ايم ڪيو ايم جي ھڪ اڳوڻي ايم اين اي جيڪا آمريڪا ۾ رھي ٿي، ان Sinned House لکي ٽوئيٽ ڪيو، جنھن جو مطلب آھي گنھگارن جو گھر يا ايوان. ھي ساڳي اڳوڻي ايم اين اي يا ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ آھي، جنھن جي مڙس عظيم طارق کي ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلرز نشانو بڻايو ھو ۽ ھو ان زماني ۾ ايم ڪيو ايم جو چيئرمين ھو. ھن کي ھينئر بھ ايم ڪيو ايم جا ھيڊڪوارٽرز Sinned House نٿا لڳن، جن پنھنجون وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آھن ۽ مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف انھن جا ضامن آھن. ھي ساڳيا ايم ڪيو ايم وارا آھن، جن ڪجھه مھينا اڳ سي ايم ھائوس اڳيان مظاھرو ڪيو، جنھن تي پوليس ڪڙڪي پئي ھئي ۽ ان پارٽيءَ جي اڳواڻن پ پ حڪومت خلاف خطرناڪ تقريرون ڪيون ھيون. متحده جي انھن اڳواڻن کي ڳالهھ سمجھه ۾ اھڙي وقت ۾ آئي، جنھن وقت وفاقي حڪومت يا عمران خان جي حڪومت انھن کي بچائڻ لاءِ ھڪ قدم بھ نھ وڌايو، ابتو نجي محفلن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن انھن تي چٿرون ڪيون ۽ ان سان گڏ ايم ڪيو ايم کي سمجھه ۾ اچڻ لڳو تھ انھن سدائين جيان وفاقي حڪومت، جيڪا پ پ مخالف آھي، ان سان اتحاد ڪري يا سليڪٽرز جي اشاري تي ووٽ ڏئي غلط سياسي فيصلو ڪيو ھو. ان ڪري ھاڻ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي ٻولي ئي ٻي آھي ۽ عمران خان بھ انھن نفيسن تي حيران ۽ پريشان آھي ۽ ھو چون ٿا تھ ھاڻ انھن کي ڪابھ “فون” ڪانھ ايندي، نھ ئي وري اشارو ملندو. ان ڪري اھي جيڪي فيصلا ڪندا، پنھنجي مرضيءَ سان ڪندا. ان ڪري ايم ڪيو ايم جا ھارڊ لائينرز ھجن يا سافٽ لائينرز سڀني ان ڳالهھ تي اتفاق ڪيو تھ ڪنھن بھ ريت پ پ سان سرچاءَ ڪجي تھ جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد مان اسٽيبلشمنٽ جي آشيرواد سان انھن کان جيڪي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون کسي پي ٽي آءِ جي حوالي ڪيون ويون آھن، اھي سو سيڪڙو واپس نھ بھ ملن پر ڪجھه بھتري اچي تھ اھي ٻڏل ٻيڙيءَ جون ھريڙيون ھونديون!
اسلام آباد جو سنڌ ھائوس، وفاق نھ پر سنڌ جي ملڪيت آھي. سنڌ ھائوس جي حدن جي اندر جيڪي بھ سياسي سرگرميون ٿينديون يا ڪيون وينديون، انھن جي ذميوار سنڌ حڪومت ھوندي. ان ھائوس جي سلامتيءَ جو بندوبست بھ سنڌ سرڪار جو ڪم آھي. ان ڪري ھينئر پيپلز پارٽي ۽ ان جي اتحادين جا چونڊيل نمائندا، توڙي حڪومت کان خُلع وٺندڙ ايم اين ايز بھ پارليامينٽ لاجز بدران سنڌ ھائوس ۾ اچي پھتا ۽ انھن کي بھ پناهه ڏني وئي. وفاقي حڪومت سنڌ ھائوس تي چڙھائي ڪري ايم اين ايز کي حراست ۾ وٺڻ گھريو پئي ۽ اھو تاثر ڏنو پئي ويو تھ مخالف ڌر ھارس ٽريڊنگ ڪئي آھي ۽ انھن ميمبرن کي ڪروڙين رپيا ڏنا ويا تھ جيئن اھي عمران خان جو ساٿ ڇڏي ڏين. اپوزيشن جي اڳواڻن کي انٽيليجنس رپورٽس مليون تھ ڪنھن بھ وقت حڪومت سنڌ ھائوس تي حملو ڪري سگھي ٿي، ان ڪري ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي تھ جيئن انھن ايم اين ايز کي حراست يا اغوا ٿيڻ کان بچائي سگھجي. پھرين اھو فيصلو ڪيو ويو تھ مک ٽي وي چينلز جي اينڪرز کي اجازت ملي تھ اھي سنڌ ھائوس ۾ وڃي ڪوريج ڪن، اينڪرز ميمبرن سان ڊائلاگ ڪري سگھن ٿا ۽ انھن کا پڇي سگھن ٿا تھ کين اغوا ڪيو ويو، انھن کي خريد ڪيو ويو يا انھن پاڻ پنھنجي “ضمير” جي آواز کي لبيڪ چوندي حڪومت کان پناهه جي درخواست ڪئي؟ جن ايم اين ايز اليڪٽرانڪ ميڊيا سان ڳالھايو، انھن مان اڪثريت پراڻن جيالن جي ھئي. باقي پارٽين جا ميمبر بھ اتي موجود ھئا. راجا رياض جيڪو اڳوڻو جيالو آھي، ان ميڊيا اڳيان انڪشاف ڪيو تھ انھن جا 24 ايم اين ايز عمران خان جي بي اعتماديءَ جي رٿ جي حمايت ڪندا. جيڪڏھن اھا ڳالهھ صحيح آھي تھ عمران خان جي حڪومت تھ وئي ۽ ھو اعتماديءَ جي ووٽ وٺڻ جي بھ پوزيشن ۾ نھ ھوندو. ميڊيا جي ميدان ۾ لھڻ کانپوءِ حڪومت کي پوئتي ھٽڻو پئجي ويو ۽ اھي بھ اطلاع آھن تھ اھي ايم اين ايز جن کي حڪومت کان خطرو ھو، انھن کي ڪنھن ٻي جاءِ تي منتقل بھ ڪيو ويو، تھ جيئن انھن کي بي اعتماديءَ جي رٿ واري ڏينھن پارليامينٽ ھائوس تائين پھچائي سگھجي.
هاڻ مخالف ڌر پنهنجن ميمبرن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ بي اعتماديءَ جي رٿ تائين مختلف هنڌن تي رکڻ جو فيصلو ڪيو. ڪجهه ميمبر اسلام آباد ته ڪي وري سکر تائين پهتل آهن. انهن قدمن جو مقصد عمران خان جي خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ کي يقيني بنائڻ آهي.
هينئر حڪومتي ڌر جي آپي کان ٻاهر نڪرڻ ۽ عدالتن جا در کڙڪائڻ باوجود اهڙي ڪابه اميد نظر نٿي اچي ته عمران خان کي بچائي سگهجي. اها ڳالهه به سمجهڻ جهڙي آهي ته هڪ طرف مخالف ڌر پنهنجون سموريون تياريون مڪمل ڪيون آهن، ته ٻئي پاسي عمران خان جا “محسن” جن کي عام ٻوليءَ ۾ سليڪٽرز سڏجي ٿو، اهي به ناراض آهن ۽ چاهين ٿا ته جيترو جلد ٿي سگهي عمران خان گهر ڀيڙو ٿي وڃي ته جيئن ٻيهر هو بيوفائيءَ جو سوچي به نه سگهي.