ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان سرڪار واري ميلي جي پڄاڻي!

Editorial-Article- Ali Muhammad Memon

وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ وزير اعظم عمران خان واري سرڪار ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جي وچ ۾ وڏي ملاکڙي جو ميدان تيار ٿي ويو آهي. وزير اعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي اسپيڪر طرفان ووٽنگ 28 مارچ 2022ع تي ٿيڻ وڃي رهي آهي ۽ ٻنهي ڌرين طرفان پنهنجي ڪامياب ٿيڻ وارا اعلان ڪيا پيا وڃن. مخالف ڌر جي جماعتن کي پنهنجي بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي لا، 162 ووٽن کي 172 ڪرڻ لا قومي اسيمبلي جي وڌيڪ 10 ميمبرن جي ووٽن جي ضرورت آهي، جڏهن ته حڪومتي ڌر وزير اعظم عمران خان کي پنهنجي مقرري واري اڳوڻي ڳڻپ موجب 179 ووٽ حاصل هئڻ ڪري ئي سندس حڪومت اڃا تائين قائم آهي. پر اها به حقيقت آهي ته پارليامان جي ٻنهي ايوانن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حالتون تيزي سان بدلجي رهيون آهن. خاص طور تي قومي اسيمبلي ۾ حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جي لڳ ڀڳ 30 ميمبرن طرفان حڪومت جو ساٿ ڇڏي ۽ مخالف ڌر سان ملي وڃڻ واريون خبرون منظر عام تي اچي چڪيون آهن، جنهن مان 24 ميمبرن طرفان گذريل ڏينهن سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ قومي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي جماعت جي وزير اعظم ۽ حڪومت تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت کان ڌار ٿي مخالف ڌر جو ساٿ ڏيڻ ۽ وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي حمايت ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. اهڙي ريت، ظاهري طور تي وزير اعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي چڪي آهي ۽ هاڻي بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ جي نون نتيجن جي لکت ۽ رڪارڊ تي اچڻ باقي آهي.

تمام گهڻي ڳڻتي واري ڳالهه آهي ته، اسان جي پياري ملڪ جي چاڪليٽي هيرو، ڪرڪيٽ سپراسٽار ۽ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي”اڪيلي دعويدار وزير اعظم عمران خان“ لا سياسي آکاڙي ۾ لهڻ يا ملاکڙي يا ڪشتي واري ميدان ۾ دنگل ڪرڻ گهڻو مختلف ۽ موتمار راند آهي. ملڪ جي سياست وارو ڪم ۽ ميدان، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۽ ڪرڪيٽ واري بال ۽ بيٽ واري راند کان گهڻو مختلف معاملو آهي. ڪپتان صاحب جنهن ميدان جو ماهر هو يقينن اهو 12 رانديگرن ۽ هزارين تماشائين جي ميدان ۾ ٿيندڙ مقابلا هئا پر سياست ۽ حڪمراني جو ميدان سموري ملڪ ۽ دنيا جي سمورن معاملن کي منهن ڏيڻ ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي مستقبل ۽ جياپي سان لاڳاپيل وسيع ذميوارين جي صورت ۾ نڀائڻيون هيون پر بزرگ ڪپتان يقينن انهن بابت پڇاڻن، ڪاوشن ۽ خدمتن واري سکيا ۽ تربيت نه هئڻ ڪري مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو. يقينن، ڪرڪيٽ واري قومي هيرو ۽ ريٽائرڊ بزرگ رانديگر کي جنهن به امپائر يا ڪن خاص دوستن مجبور ڪري يا بادشاهت جا مزا ڏيکاري سياست جي ميدان ۾ لاٿو، انهن يقينن ساڻس ڪا چڱائي نه ڪئي. ڇاڪاڻ جو ڪرڪيٽ واري ميدان جي مقابلي ۾ ملاکڙي يا دنگل وارو ميدان بلڪل مختلف ۽ ڪسرت ۽ ملهه پهلوانن طرفان هڪٻئي جي سندرن ۾ هٿ وجهي کڻي زمين تي ڪيرائڻو هوندو آهي يا ڪشتي واريون لتون ۽ مڪون هڻي ساڻو ڪري مات ڏيڻي هوندي آهي. اهڙي قسم جي هاڃيڪار ڪم ۾ ملڪ جي بزرگ ڪرڪيٽر کي ملهه يا پهلوان طور لاهڻ يقينن نامناسب عمل هو، ڪپتان کان اهو ڪم جنهن به ورتو هوندو يقينن انهي ملڪ ۽ ڪپتان سان ڪو پراڻو رهيل پلاند ئي ڪيو هوندو.
وزير اعظم عمران خان، پنهنجي گذريل چئن سالن واري حڪومت ۾ هن قوم جي ڪا خدمت ڪئي يا نه ۽ حڪومت جي ڪا ڪارڪردگي آهي يا نه پر سندس سڃاڻپ ”يو ٽرن سرڪار“، و”اعدا ڪري وساريندڙ سرڪار ۽ ڳالهيون ڪري ڦري وڃڻ واري حڪمران“ طور ته ضرور مشهوري ٿي وئي آهي. باقي جيڪا ڪسر رهيل هئي اها به هاڻي پوري ٿي وئي جو وزير اعظم، سموري ملڪ ۾ جلسا ڪري مخالفن کي”گاريون ڏيڻ وارو عالمي رڪارڊ“ پڻ قائم ڪري رهيو آهي. حڪمران جماعت ۽ حاڪم جي باقي رهيل خواهشن تي پڻ ملڪ ۾ عملدرآمد ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ حڪمران جماعت کي ڇڏيندڙ اسيمبلي ميمبرن جي پناهگاهن ۽ گهرن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا ويا آهن. گذريل ڏينهن، اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ٻن ميمبرن فهيم خان ۽ عطاءُ الله جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جي جٿي طرفان سنڌ هائوس تي حملو ڪيو ويو ۽ اهي دَر ڀڃي اندر داخل ٿي ويا. هنن اندر وڃي هنگامو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، سنڌ هائوس ۾ مقرر پوليس اهلڪار مڇريل ڪارڪنن اڳيان بي وس نظر آيا، جڏهن ته اسلام آباد پوليس جي نفري به سنڌ هائوس پهچي وئي پر اها به پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. آخرڪار پوليس، پي ٽي آءِ جي ٻنهي ايم اين ايز ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي سيڪريٽريٽ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو جتي هو خاص مهمان جي حيثيت ۾ رهيا ۽ وزير اعظم جي خاص صلاحڪار شهباز گل وڃي منٽن ۾ گرفتار ايم اين ايز کي آزاد ڪرائي پاڻ سان گڏ وٺي ويو، ملڪ جي گادي واري شهر جي ريڊ زون ۾ موجود چيف جسٽس جي رهائشگاهه، بلوچستان هائوس، خيبر پختونخواهه هائوس، پنجاب هائوس واري ايراضي کي لتاڙي خاص نگراني ۾ حملي آورن کي حفاظت سان وٺي وڃي سڀ کان آخر ۾ موجود سنڌ هائوس تي حملو ڪرائڻ يقينن ملڪ جو تمام وڏو ۽ ڇرڪائيندڙ واقعو ٿيو آهي، جنهن کي وفاقي سرڪار ۽ خاص طور تي گهرو کاتي جو شاهڪار ضرور قرار ڏئي سگهجي ٿو.
وزير اعظم عمران خان پنهنجي حڪومت جي خاتمي واري حالت کي سمجهڻ ۽ مانائتي طريقي سان منهن ڏيڻ يا ڪرسي ڇڏي مخالف ڌر ۾ وڃي ويهڻ واري معاملي ۾ يقينن ناقابل يقين صدمي واي حالت ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جنهن کي پنهنجي هر ڪم ۽ قدم لا طاقت ۽ زبان جو استعمال ئي سمجهه ۾ اچي رهيو آهي. يقينن اهڙي قسم جي صورتحال جا ملڪ جي سياسي ۽ انتظامي حالت تي نامناسب ۽ هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن. حڪمران پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ڪمن جو احتساب ڪرڻ ۽ پاڻ سڌارڻ بجا مخالفن کي سندس سورن ۽ ناڪامين جو ذميوار سمجهي حملا ڪري رهيا آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو لاڏ ڪوڏ سان آيل سرڪار هن وقت بي مانائتي طريقي سان اقتدار مان ڌڪجي ڌار ٿيڻ وڃي رهي آهي ۽ ويندي ويندي به پنهنجي باغي ميمبرن کي خلاف ووٽ ڏيڻ کان اڳ ئي ڪنهن به صورت ۾ نااهل ڪرائڻ لا قانوني رستا ڳولهي رهي آهي ۽ صدارتي آرڊيننس جاري ڪرائڻ لا پڻ حيلا هلايا پيا وڃن پر قانون واري وزارت باغي ميمبرن کي نااهل ڪرڻ جو آرڊيننس آڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ٻي صورت ۾ مخالف ڌر جي مرڪزي جماعت، پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت کي ختم ڪري صوبي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لا پڻ ڪاوشون ڪيون پيون وڃن، جنهن سان معلوم ٿي رهيو آهي ته عمران خان سرڪار واري ميلي جي پڄاڻي ٿيڻ وڃي رهي آهي. اهڙي قسم جي صورتحال ۾ سهڻي سنڌي ۾ مشهور چواڻي موجود آهي ته، ”رب رسي ته مت کسي، هڻي ڪين هٿيار!“.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button