تعليم جي حاصلات رڳو اسڪول جي عمارت اڏجڻ وسيلي نٿي ماڻي سگهجي بلڪه اسڪول جي عمارت سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي ضرورتون هونديون آهن، جن جو اسڪول جي عمارت ۾ هجڻ لازمي هوندو آهي. پر سنڌ ۾ ڪئين اهڙا اسڪول آهن، جيڪي نه رڳو بنيادي سهولتن کان محروم آهن پر انهن ۾ ٻار هڪ عذاب وارو وقت گذاريندا آهن. پيئڻ جا پاڻيءَ کان وٺي واش روم جي سهولت کان اهي اسڪول وانجهيل هوندا آهن، جنهن جي ڪري نه رڳو سنڌ جي بنيادي تعليم متاثر ٿي رهي آهي پر جيڪي ٻار اسڪول وڃڻ چاهين ٿا اهي به اسڪول وڃڻ کان ڪيٻائين ٿا ۽ نتيجي ۾ تعليم وارو شعبو مڪمل تباهه لڳو پيو آهي. تنهنڪري ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسڪولن لاءِ ايندڙ فنڊ اسڪولن تي خرچ ٿيڻ کان سدائين رهجي ويندا آهن ۽ اهي فنڊ رڳو ڪامورن جي کيسن ۾ هليا ويندا آهن. ڪجهه وقت اڳ سنڌ حڪومت سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي پر ان جو به ڪو کڙتيل نه نڪتو نتيجي ۾ تعليم جي صورتحال ته نه سڌري پر جيئن هئي ائين ئي برقرار رهي. جڏهن تعليم کاتو شاگردن کي بنيادي سهولتون ئي فراهم نه ڪندو ته ڪهڙي ريت اهي پنهنجي تعليم جاري رکي سگهندا ۽ ڪهڙي ريت اهي اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ پاڻ ئي اتساهي سگهندا. ڪالهه جيڪا رپورٽ ڇپي آهي، اها اهو ٻڌائي رهي آهي ته سنڌ ۾ اسڪولن جي حالت ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙي ريت شاگرد بنيادي سهولتون نه هوندي تعليم کان محُروم لڳا پيا آهن.
ملير ضلعي جي 4 سئو 74 پرائمري اسڪولن ۾ پڙهندڙ 50 هزار کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ بجلي، پاڻي، چارديواري، فرنيچر ۽ واش روم جهڙي سهولت به اڪثر اسڪولن ۾ اڻلڀ آهي، تعليم کاتي جي حد درجي جي لاپرواهي سبب هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، ضلعي جي 6 سب ڊويزنن سب ڊويزن ابراهيم حيدري، سب ڊويزن بن قاسم، سب ڊويزن شاهه مريد، سب ڊويزن ايئرپورٽ، سب ڊويزن گڏاپ، سب ڊويزن مراد ميمڻ جا اسڪول سهولتن کان محروم آهن. انگن اکرن موجب گڏاپ جي عبدالله ڪانڙو ڳوٺ جو اسڪول بجلي کان محروم آهي، يار محمد بنديچو ڳوٺ جو اسڪول بجلي ۽ واش روم کان محروم آهي، قادر وليج موئيدان اسڪول بجلي، پاڻي ۽ بجلي کان محروم آهي، الله ورايو ڇٽو اسڪول ۾ بجلي، پاڻي ۽ واش روم کان محروم آهي. ملا فيض محمد اسڪول بجلي، واش روم ۽ پاڻي کان محروم آهي، پير بخش ڇٽو اسڪول بجلي، واش روم کان محروم آهي، ڌڻي بخش ڳوٺ بجلي ۽ واش رام کان محروم آهي، حقو خان بروهي اسڪول مڪمل طور تي بند پيل آهي، يار محمد ڪانڙو اسڪول بجلي، فرنيچر کان مڪمل طور تي محروم آهي، راهو گهرام اسڪول بجلي، واش روم کان محروم، صالح محمد ڳوٺ موئيدان اسڪول بجلي، واش روم کان محروم آهي، ساکو بروهي اسڪول موئيدان بجلي، واش روم کان محروم آهي، پٻ ملير اسڪول بجلي، پاڻي ۽ واش روم جي سهولت کان محروم آهي. جعفر خان گبول اسڪول واش روم، پاڻي کان محروم آهي، راڌو جوکيو اسڪول فرنيچر کان محروم آهي، حاجي ابراهيم گبول اسڪول واش روم ۽ پاڻي کان محروم آهي، گڏاپ وليج اسڪول فرنيچر کان محروم، موريو خان گبول اسڪول بجلي، فرنيچر ۽ واش روم کان محروم آهي، غلام محمد جوکيو اسڪول فرنيچر کان محروم آهي، حسن علي گبول سونگل اسڪول بجلي، فرنيچر ۽ واش روم جي سهولت کان محروم آهي، محمد برفت اسڪول بجلي، پاڻي ۽ واش روم سميت فرنيچر کان محروم آهي. مراد ميمڻ نمبر هڪ اسڪول فرنيچر جي کوٽ سبب ٻار پٽ تي تعليم پرائي رهيا آهن. اهڙي ريت گڏاپ جي 474 اسڪولن مان اڪثر اسڪولن ۾ پاڻي، بجلي، واش رومن ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب هزارين ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آهن، سنڌ سرڪار جي تعليمي ايمرجنسي جي باوجود به ڊسٽرڪٽ ملير جي اسڪولن کي اڃا تائين ڪي به سهولتون ملي نه سگهيون آهن، رهواسين جو چوڻ آهي ته ملير جي چونڊيل نمائندن جي مجرماڻي خاموشي سبب ڪيترائي اسڪول اڄ به ويران پيل آهن.
اسين سمجهون ٿا ته اسڪولن جي مٿي ڄاڻايل صورتحال بنهه خراب آهي، تنهنڪري تعليم کاتي کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ملير ۾ قائم اسڪولن ۾ موجود سڀني ٻارن جو اهو بنيادي حق آهي ته انهن کي اهي سڀ سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جيڪي هر اسڪول ۾ هونديون آهن. ڇا اهو عمل انهن ٻارن جي حقن تي ڌاڙو ناهي ته انهن کي اسڪول ۾ پيئڻ جو پاڻي به نصيب نٿو ٿئي ۽ اهي اسڪولن ۾ ان اميد سان ويندا آهن ته جيئن تعليم پرائي سگهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن ۽ جيڪڏهن اسڪول انتظاميه يا تعليم کاتي جو ڪوبه عملدار ان ۾ ڪا ڪوتاهي ڪري ٿو ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اسڪول کي ان وقت تائين مڪمل اسڪول قرار نٿو ڌئي سگهجي، جتي پيئڻ جي پاڻي، فرنيچر، صفائي ۽ واش روم جون سهولتون نه مليل هجن. ملير جي اسڪولن سوڌو سنڌ جي هر اسڪول ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن ٻار سٺي نموني تعليم پرائي سگهن ۽ اهي ذهني طور پرسڪون رهن.