عرفان لُنڊ
اسان اڃان تائين شاعري ٻُڌي سحر ۾ گرفتار ٿي وڃڻ واري قوم آھيون، سائنسي مضمون ۽ ميٿاميٽيڪس اسان جي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيندا آھن. فڪري مضمونن کان الائي ته ڇو اسان پاسيرا آھيون. اسان پنهنجي ماضي جي تاريخ بيان ڪندي ڏاڍو فخر محسوس ڪندا آھيون. پر اها تلخ حقيقت آھي ته اسان تنقيد کي پنهنجايو ئي ناهي. اسان جون اڄوڪيون حالتون ڪنهن به ريت سازگار يا کڻي ايئن چئون فائدو ڏيندڙ نه آھن. ڪجھ دوستن جي راءِ آھي ته “شاھ لطيف تي هن مهل تائين ڪا وڏي پئماني تي غير سرڪاري تحقيق ناهي ٿي.” پنهنجي پر ۾ اها ڳالھ سچ به آھي.
چوندا آھن ته “مزاحمت زندگيءَ جي علامت آھي” پر اسين گونگا بڻيل آھيون. اسان ۾ ڪيترائي قومي سطح جا اوگڻ آھن. هڪ پاسي اسان دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هجڻ جي دعويٰ ڪيون ٿا ته وري ٻي پاسي زميني حقيقتون ان دعويٰ جي بلڪل اُبتڙ آھن. اختلاف راءِ کي اسان دشمني سمجهون ٿا. حقيقت اها به آھي ته اسان بنيادي انساني خصلتن کان به ڪٿي ڪٿي وانجهيل آھيون. جديد دنيا جي قدرن جو رسو اسان جي ڳچيءَ ۾ پيل آھي. ۽ اسين گهلبا اچون پيا.
اهڙين حالتن ۾ هي ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري صاحب آھي.
جيڪو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪوشش ۾ آھي ته هو سنڌي ادب جي پاٺڪن کي جديد ادبي نظرين کان واقف ڪرائي ۽ انهي ڪوشش ۾ سائين جو تازو هڪ ڪتاب ڇپيو آھي.
“تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب” جي نالي سان مرڪ پبليڪيشن پاران ڇپايل هي ڪتاب ٻه سئو ڇانوي صفحن تي مشتمل آھي. جنهن ۾ مختلف موضوعن تي ايڪويھ تفصيلي مضمون شامل آھن. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکيو آھي. جيڪو تفصيلي ۽ جاندار آھي ۽ ادب جي شاگردن کي ضرور پڙھڻ گهرجي. تنقيد منهنجي خيال ۾ تخليق جي اُکيل ئي آھي ۽ ان سان تخليق ۾ موجود مثبت ۽ منفي پاسن توڙي خوبين ۽ ان جي رنگينين کي انڊر لائين ڪرڻ ئي آھي. هي ڪائنات تضادن جو مجموعو آھي ۽ “هڪ باغي جو انڪار پوري دنيا کي خوبصورت بڻائي سگهي ٿو.”
سنڌي ادب ۾ تنقيد کي اهميت نه ڏني ويندي آھي. يا ايئن کڻي چئجي ته تنقيدي مضمونن کي پڙھيو ئي نه ويندو آھي ۽ اهڙي صورتحال ۾ پهرين ڳالھ ته سنڌي ادب ۾ تنقيد نگارن جو تعداد تمام گهٽ آھي. ٻي ڳالھ ته اسان جا محترم لکندڙ پڙھندڙ وري تنقيد ۽ تنقيد نگارن کان ايئن اوپرا آھن جيئن مريم توپ جو مُنهن ٽنڊوالهيار کان اوپرو هو.
(۽ ان اوپرائپ تي خود تنقيد نگارن کي به سوچڻ ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت پڻ آھي ته آخر ايئن ڇو آھي؟)
اسان وٽ ڪي ماڻ ماپا موجود ئي نه آھن، اڪثر سڀ لکي پنهنجي ڪم کي پئسا ڀري پاڻ ئي ڇپرائي اعزازي ڪاپين جي صورت ۾ ورهائي ڇڏن ٿا ۽ اهڙن ڪتابن جي ريڊرنگ ڪيتري ٿئي ٿي اهو به اسان سڀ بخوبي ڄاڻون ٿا.
دنيا ڪٿي بيٺي آھي؟ اسان ڪٿي بيٺا آھيون؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ اسان کي جديد ادبي تنقيدي نظرين کي پڙھڻو ۽ سمجهڻو پوندو. پر اڄ جا لکندڙ تنقيد پنهنجي جڳھ تي پر نثر ۽ نظم جي ڪتابن پڙھڻ کان به لاچار آھن.
سوشل ميڊيا جي جلدي اُڀري ايندڙ ڪلچر ۽ موبائلن اسان کي انفراديت پسندي جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي.
خاص ڪري سنڌ ۾ ٻھراڙي هجي يا شھر، ماڻھو جي کيسي ۾ ڄڻ ماڻھو پيل آھي، ۽ اهو به هن جي مرضيءَ جو ماڻھو ، جنهن کي جيئن وڻي ان کي تيئن استعمال ڪري ۽ ان ڪلچر سبب جيڪا شئي جيئن اسان کي ڏيکاري وڃي ٿي، اسان به ان کي ايئن ئي سمجهون ٿا.
هر واقعو يا گفتگو, محبت, نفرت, واسطو ,رشتو , فلم, ڊرامو, شاعري, توڙي ناول, نثر پنهنجي پاڻ ۾ پيش منظر سان گڏ پسمنظر رکندو آھي ۽ ميڊيا جون خبرون، اخبارن جو سرخيون، افسوس سان اسان تائين جيئن جو تيئن نه پهچنديون آھن. ڳالهيون سئو سيڪڙو ايئن نه هونديون آھن جيئن پيش ڪيو وينديون آھن.
خبر هتي ڪاروبار جو ذريعو آھي. بالي ووڊ جي فلم “رش” هجي يا 2021 ع ۾ آيل بالي ووڊ جي هڪ ٻي فلم “ڌماڪا ” هجي. اهي پنهنجي پر ۾ هڪ تنقيد آھن.
۽ ان ۾ اسان ڏسي سگهون ٿا ته ڪيئن نه سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي مرچ مصالحا هڻي سنسني خيز ڪري پيش ڪيو ويندو آھي. سڀ ڪاروبار جو حصو آھي ۽ ڪاروبارين جو ايمان منافعو ئي هوندو آھي ۽ ڪاروباري دنيا کي ڇڏي اسان جڏھن هڪ نظر ادب تي وجهنداسين ته سماجي رابطن جي وسيلن جي گهڻائي ماڻھن کي جيڪا آزادي ڏني آھي جيڪڏھن ان جو اشتقاق ڪنداسين ته اسان کي ڪيترين ئي اهم فڪري ڳالهين سان گڏ ڪيترائي منفي پهلو به نظر ايندا ۽ وري جڏھن ڳالھ ڪنداسين شاعريءَ جي ته هر ماڻھو هتي راڄ جو راڻو لڳو پيو آھي. چڱا ڀلا ماڻھو ان منفي نفسياتي پهلو ۾ گهيريل آھن ته، فلاڻي منهنجي تخليق تي رايو نه ڏنو آھي، آئون ڇو هن جي تصوير کي لائيڪ ڪريان؟
هر ماڻھو وٽ هزارين دوست موجود آھن. ۽ جن مان گهڻي ڀاڱي روزانو پنهنجون تخليقون (ڪي ته ڏھ ڏھ تخليقون به رکن ٿا) يا من اندر جون ڳالهيون لکي ڪري اپلوڊ ڪن ٿا ۽ اتي ٻيو ڏسندڙ ماڻھو ويچارو جيڪڏھن سڀ ڪم ڪار ڇڏي رڳو ڳالهيون يا تخليقون پڙھي رايا ڏيڻ ۾ لڳي وڃي ته به هو صبح کان رات تائين پنڌ کي پهچي نه سگهندو. نتيجي ۾ وقت جي ڪمي ۽ واسطن ۾ ڪا رنجش پيدا نه ڪرڻ جو نعم البدل اسان وٽ واھ واھ، لاجواب، ڪمال، جهڙا لفظ آھن ۽ نتيجي ۾ اهي رايا ملندڙ ته، تصور ئي تصور ۾ آسمان تي اڏرڻ لڳي ٿو. اهو بحث تمام ڊگهو آھي خير
اسان موٽي اچون ٿا، “ڪتاب تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب” ڏانهن، هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جا عنوان وسيع آھن.
پهريون مضمون نئراٽولاجي يعني علم البيان جو فن تي آھي ۽ ان کان پوءِ قديم ڏند ڪٿائي تنقيد نگاريءَ تي مضمون آھي جنهن ۾ ليڪک myth criticism بابت پنهنجي پڙھندڙن کي تاريخي حوالن جي روشني ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان کان سواءِ هم جنس پرستيءَ تي ٿيل تنقيد جي مطالعي تي مضمون آھي.
هم جنس پرستي ڏانهن لاڙو فطري آھي يا سماجي بحث ٿي چڪا آھن پر اها به تاريخي حقيقت آھي ته هم جنس پرستيءَ جو وجود صديون پراڻو آھي. ڪئير ٿيوري جي اصطلاح جي شروعات اٽليءَ جي عورتازاد اڳواڻ ۽ فلمي نقاد ٽيريسا ڊي لوريٽس 1990عيسوي ۾ پهريون دفعو هڪ ڪانفرنس ۾ ڪئي. ان کان اڳ جنسي ڇڪ يا اهڙي ٿيوريءَ جا تجزيا ڪارل الرچس، مئگنس هرشفيلڊ ايڊرورڊ ڪارپينٽر اوڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ڪيا.
ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ شاعريءَ جي خوبصورت حوالي سائين گلزار سيال جي هڪ اردو نظم . اڪبر لغاريءَ جي ڪتاب ادبي تنقيد جي تاريخ ، منير چانڊيي جي ناول ڪيف ڌاران ڪوءَ تي تنقيدي مضمون ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون شامل آھن. آخر ۾ هڪ مضمون پوسٽ ماڊرن ڊسٽوپيا تي آھي. هن مضمون جو عنوان “پوسٽ ماڊرن ڊسٽوپيا ۽ سنڌي ادب ” هجي ها ته بهتر ٿئي ها. ڪتاب تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب پڙھڻ سان اسان کي ڪارپوريٽ ۽ گليمر ڪلچر مان ٽُٻي هڻي نڪتل ويليوز، سامراجيت، جديد عالمي ادب، هم جنس پرستي کان ويندي شاعري ۽ شاعري کان ويندي ناول ۽ طنز نگاري، پوسٽ ماڊرن ڊيسپوٽيا کان ويندي ڪهاڻين ۽ نظمن تي جديد تنقيد جي معيار تي پورا لهندڙ تجزيا موجود آھن.
هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تنقيدي موضوع ۾ اهم جڳهه والاري ٿو.