ملڪ جو سياسي گرمي پد بوائلنگ پوائنٽ تي پهتل آهي، ان ڪري اهي خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن ته جيڪڏهن ان کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته ڪو وڏو ڌماڪو ٿي سگهي ٿو، هن ڀيري مخالف ڌر کان وڌيڪ حڪومت ٻرندي تي تيل هاري رهي آهي، جنهن سان صورتحال ويتر خطرناڪ ٿي وئي آهي. جيڪڏهن حڪومتي ڌر پوئتي نه هٽي ۽ آئين ۽ قانون تي عمل نه ڪيو ته نه صرف اها آئين جي ڀڃڪڙي هوندي، پر صورتحال ڌماڪي سان تباهي مچائي سگهي ٿي. هينئر تائين مخالف ڌر وزير اعظم جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ نه صرف آئين ۽ قانون مطابق پيش ڪئي وئي آهي، پر اها چاهي ٿي ته آئين ۾ ڄاڻايل طريقئڪار تحت رٿ کي ايوان اندر پيش به ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر جيڪو اڻ ڌريو هوندو آهي، يا هي خواهش ڪئي ويندي آهي ته اهو اڻ ڌريو هجي يا گهٽ ۾ گهٽ Judicious هجي، پر ائين به نه ٿي رهيو آهي،حڪومتي ڌر به اسپيڪر جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائي رهي آهي. هينئر هڪ اهڙي اسپيڪر جي ضرورت آهي جيڪو نه صرف پنهنجو دماغ استعمال ڪري، پر آئين ۽ قانون جو ڀرم به رکي. موجوده اسپيڪر مان اهڙي نيڪي ۽ چڱائي جي اميد به گهٽ ڪري سگهجي ٿي.
سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪشمير ۽ ڪي پي ڪي هائوسز، جيڪي وفاق جي ايڪي جي علامت آهن، اهي اهڙا هائوس آهن، جن تي رڳو لاڳاپيل ايڪائين جي حڪومتن جو اثر رسوخ يا سڪو هلي سگهي ٿو، وفاق جيئن صوبائي خودمختياري کي اورانگهيندو ۽ لتاڙيندو رهيو آهي، ان جو ماضي ۾ ڪو به مثال نٿو ملي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته ايڪائين جي تقدس جو ڀرم رکيو وڃي ها، پر سدائين خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي حقن جي لتاڙ ڄڻ حڪمرانن جي اڻ لکيل آئين جو حصو هجي، بنگال جي ورهاڱي کان وٺي، سنڌ ۽ بلوچستان نه صرف وقت جي حاڪمن پر اسٽيبلشمينٽ جي نشاني تي آهن. سياسي تاريخ ۾ جيترو هنن ٻن صوبن يا ايڪائين کي دٻايو ويو آهي، ان جو ڪو به مثال نٿو ملي. اهوئي سبب آهي جو اسٽيبلشمينٽ کي وڌيڪ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو آهي، هنن ٻن ايڪائين ۾ وڌيڪ فوجي آپريشن ڪيا ويا ۽ اتان جي عوام پنهنجن پيارن جا لاش کنيا آهن، ان ڪري هينئر به ٻئي ايڪائيون اصل حڪمرانن تي يقين ڪرڻ ۽ انهن جي واعدن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
تازوئي اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ جي ٻن ايم اين ايز ۽ ٻه درجن ڪارڪنن غيرمهذب انداز اختيار ڪندي، نه صرف ان اهم هائوس تي حملو ڪيو، پر ان جا در به ڀڃي ڇڏيا. ان سان گڏ هي ريڊ زون جو علائقو سڏجي ٿو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت ٻين ججز جا گهر به آهن، انهن پي ٽي آءِ جي غير آئيني ۽ غير مهذب حرڪتن کي پنهنجن اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو به هوندو.ان جو اظهار سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس بار جي درخواست جي ٻڌڻي دوران به ڪيو، پر چيف صاحب جو رويو انتهائي ٿڌو هو، جڏهن ته ان معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهربو هو، چيف جسٽس جي ذڪر تي اٽارني جنرل جيڪو وفاق جو وڪيل هوندو آهي، ان معافي به طلب ڪري ورتي ۽ بعد ۾ هن عمران خان سان ملاقات ڪري ڪارڪنن جي شڪايت ته ڪئي، پر وري ڪجهه ٻين ايم اين ايز جي گهرن اڳيان ساڳي نوعيت جو احتجاج ڪيو ويو، سنڌ ۾ چوڻي آهي ته ” ڪتي جا ڪن ڪٽيندو، ته وڌيڪ کهرو ٿيندو”، سو هاڻ به ساڳي صورتحال نظر اچي پئي.وزير اعظم جي اٽارني جنرل جي خاطرين جي باوجود پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جو غير مهذب عمل جاري آهي.حڪومتي ڌر جي رويي کي سامهون رکندي حڪومتي صفن مان وڌيڪ ايم اين ايز ٻاهر نڪري مخالف ڌر سان ملي رهيا آهن. ان حوالي سان نوان نالا به سامهون اچي ويا آهن، ان سان گڏ مخالف ڌر جي سموري شو جي ماسٽر مائينڊ آصف زرداري اشارو ڏنو آهي ته قومي اسيمبلي سان گڏ ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ به وڏي وزير محمود خان جي خلاف رٿ پيش ڪئي ويندي ۽ انهن وٽ صوبائي اسيمبلي جي 45 ميمبرن جي حمايت آهي. هي خبرون به آهن ته جلدي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي خلاف به بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي ويندي، ان حوالي سان مخالف ڌر پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي.
سنڌ هائوس تي حملي کان اڳ ۽ پوءِ ڪجهه نوان سگنل به سامهون آيا آهن، انهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزير اعظم جي خلاف اليڪشن ڪميشن جي شوڪاز نوٽيس جي خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ کان انڪار ڪندي ايستائين چئي ڇڏيو ته وزير اعظم جي ڪنڊڪٽ کي سامهون رکندي اسٽي ڏئي نٿا سگهون، عدالت جي جج ايترو به چيو ته وزير اعظم کي گهٽ ۾ گهٽ اليڪشن ڪميشن جي سامهون پيش ٿيڻ گهرجي ها، ائين نه ڪرڻ کانپوءِ هو ڪوبه رليف ڏئي نٿا سگهن. ان سان اليڪشن ڪميشن وزير اعظم کي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي وزير اعظم عمران خان ۽ سندس ساٿين جي پيش ٿيڻ لاءِ ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا آهن. ٻئي اهم ڳالهه هي ٿي ته سپريم ڪورٽ بار جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ واضح طور تي چيو ويو ته عدالت جو سياسي معاملن سان ڪوبه واسطو ناهي، پر بي اعتمادي جي رٿ قانون مطابق پيش ڪئي وئي آهي ۽ ان تي عمل به قانون ۽ آئين تحت ٿيڻ گهرجي. ان جو مطلب هي هو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي اهو حق حاصل آهي ته اهي جيڪو قائد ايوان چاهين چونڊي سگهن ٿا.هينئر تائين ٻنهي صورتن ۾ عمران خان جي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪوبه امڪان نظر نٿو اچي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ پنهنجن باغي ايم اين ايز جي خلاف ڪارروائي ڪري ٿي ته وزير اعظم اڪثريت وڃائي ويهندو، ساڳي طرح جيڪڏهن 14 ميمبر وزيراعظم جي خلاف ووٽ ڏين ٿا ته ان صورت ۾ به عمران خان جي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز ناهي. هي ميمبر رڳو نموني خاطر ظاهر ٿيا آهن، بقول مخالف ڌر جي ته انهن وٽ وڌيڪ ميمبر آهن، جيڪي عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيندا.
وزير اعظم هينئر تائين مخالف ڌر کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي ته انهن جن ميمبرن کي پاڻ سان ملايو آهي، انهن خلاف باقاعده مهم هلائي ويندي ۽ انهن جي گهرن جي سامهون احتجاج ڪيو ويندو.هي ٻولي صرف عمران خان نه ڳالهائي رهيو آهي، پر سمورا وزير به ساڳي ٻولي ڳالهائين پيا. حڪمران نه چاهيندا ته اسيمبلي جو اجلاس آئين مطابق ٿئي، هو هينئر ٽرمپ ڪارڊ جو ذڪر ڪن ٿا ۽ هي تاثر ڏين ٿا ته عمران خان آخري بال تائين ڪجهه نه ڪجهه ڪري ويندو ۽ مخالفن جي هٿ ڪجهه به نه ايندو. اسلام آباد جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هي خبرون آهن ته اهم اداري به عمران خان کي گهرائي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي ۽ هي خبرون به آيون ته عظيم سپه سالار ۽ عمران خان ۾ منهن ماري به ٿي آهي، جنهن جي تصديق ته نه ٿي آهي، پر افواهه ضروري هلي رهيا آهن. گادي واري شهر ۾ صورتحال جيئن ئي ڳڻتي جوڳي ٿئي پئي، ان سان گڏ مختلف حلقا، وري واڳ ڌڻين ڏانهن ڏسڻ لڳا آهن، ڪي ته اهڙا به آهن، جن اهم اداري کي مداخلت جي اپيل به ڪئي آهي. هاڻ هي ڪهڙي نوعيت جي مداخلت هوندي؟ ڇا هو وفاقي گادي واري شهر جو ڪنٽرول سنڀالي وٺندا يا سموري ملڪ ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪندا؟ هو سويلين حڪومت جي صلاح مشوري سان سڀ ڪجهه ڪندا يا صورتحال مان فائدو وٺندي پاڻ ئي ميدان ۾ لهي پوندا؟ شيخ رشيد به گدڙ ڀڀڪيون ڏيڻ جو ماهر آهي، هو وري آئين جي آرٽيڪل 245 تحت ملڪ ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڪنٽرول فوج حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. هي ساڳيو شيخ رشيد آهي، جيڪو ٻرندي تي تيل هاريندو رهيو آهي. هن ته وري وري چيو پئي ته پيپلزپارٽي جو لانگ مارچ اسلام آباد نه ايندو، نه ئي وري پي ڊي ايم جو مارچ اسلام آباد پهچڻ وارو آهي، هاڻ ته پ پ جو مارچ سڀني ڏٺو ۽ ڪجهه ڏينهن اندر مخالف ڌر جو مارچ به اسلام آباد ۾ ٿي ويندو، ان سان گڏ نه صرف عدالتون پر واڳ ڌڻي به ساڳئي پيج تي هوندا، ٻئي طرف مخالف ڌر جي ٻئي اهم قوتون دفاع لاءِ ميدان ۾ هونديون، پر عمران خان کي بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي مائنس ون فارمولي کي منهن ڏيڻو پوندو. هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته نه صرف حڪومت جا اتحادي، پر پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ميمبر به مخالف ڌر سان گڏ آهن، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان کي استعيفا ڏيڻي پوندي، اسيمبليون ٽوڙڻيون پونديون يا وري بي اعتمادي جي رٿ ذريعي سدائين سياسي ميدان کان ٻاهر نڪرڻو پئجي ويندو.اهڙي صورتحال کانپوءِ عمران خان جو ڪهڙو سياسي مستقبل هوندو،اهو سڀ سمجهي سگهن ٿا.