پاڪستان ۾ صحافت ڪيئن ڪبي آهي، ان بابت جيترا وڏا صحافي باخبر رهيا آهن، انهن ايتريون ئي تڪليفون ڀوڳيون آهن. اها تڪليف رڳو رياست جي طرف کان ڪونه ملندي آهي. اهو سور اندر ۾ عام خلق جو درد اوتڻ سان ملندو آهي. جيڪڏهن اهو صحافي وڌيڪ پڙهيل هجي. ڪتابن سان گڏ عام خلق جي درد کان به گهڻو واقف هجي ته پو ان جي تڪليف ۾ اڃا به اضافو ٿيندو آهي. اهي صحافي پو حڪمرانن ۽ ڪامورن جون خبرون کوٽڻ کان وڌيڪ اهميت ان ماڻهن جي زندگي کي ڏيندا آهن، جيڪا زندگي ان کي مهاڻي، ڌنار، ٻڪرار، بيروزگاري ۽ غربت سبب ميري ٿي ويل زندگي ۾ وڌيڪ نظر ايندي آهي. پو اهو صحافي ان ماڻهو جي اندر جو راز پروڙي ان فطرتي حسناڪي کي پنهنجي قلم وسيلي نروار پيو ڪندو آهي. ٻيا اهي ماڻهو آهن. جيڪي صحافت جي نالي تي اسان جي صفن ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اهي صحافي قطعي ناهن. صحافت ڏسڻي هجي ۽ صحافت تي ڪم ڪرڻو آهي ته پو جان خاصخيلي جهڙن اڏول ڪردارن کي ئي اڳيان رکڻو پوندو. جان خاصخيلي ئي فطرتي لقائن تي وڌ کان وڌ لکندڙ صحافين منجهان هڪ هو. جڏهن اخبارن ۾ خبرن جي ٻاڙائي هجي اتي ٻئي ڏينهن دي نيوز ۽ انٽرنيشنل ڪنهن انگريزي اخبار ۾ 8 ڪالم خبر لڳي پئي هوندي هئي، خبر اها نه هوندي هئي ته هن رياست ۾ حڪمران طبقي جي جنگ جو ڇا ٿيندو پر خبر اها هوندي هئي ته فلاڻي علائقي جي زمين کي کاري پاڻي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جتي انسان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو، پکي اڏام ڪري پرديس وڃي وسائين ٿا، انسان جي لڏپلاڻ سان گڏ جانور مري وڃن ٿا. ان جانورن جي موت ۽ انسانن جي آبائي ڳوٺن ۽ وستين مان نڪري وڃڻ، اتي ڪو پٺيان رهجي ويل جانور جي اداس نظرن تي به هو فيچر لکي وٺندو هو. هو مين پڙي ۽ گٽڪو گٽڪو ڪري پنهنجي من جي مراد پوري ڪرڻ لا لائيو ويٺل واويلائي صحافي ۽ رپورٽر نه هو.
هو ان ماحوليات جي تباهي خلاف لکندڙ جيد صحافي هو. جنهن جي خبرن تي ٿر ڪول جا بنياد به لڏي ويندا هئا، هو ڊيلٽا ۽ سمنڊ طرفان هن سنڌ جي ڌرتي کي ڳڙڪائڻ وقت به هر وقت فڪرمند رهندو هو، جان خاصخيلي وٽ فطرف ۽ ماحول تي لکڻ جا انيڪ موضوع هوندا هئا، هن وٽ زراعت، ڀاڄين جي ديسي پراڻن ٻجن جا قصا هوندا هئا. جان خاصخيلي ديسي ٻجن تي انگريزن اخبارن جي صفن تي وڌ کان وڌ لکيو، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪووڊ وبا ڦهلي ته جان خاصخيلي جو قلم ماحوليات تي وڌيهڪ وهڻ لڳو هو. جتي صحافي چوندا هئا ته يار خبرن جي ٻاڙائي آهي ڇا ڪجي، اتي جان خاصخيلي ڌنارن سان ڪچهريون ڪري ڀلوڙ نسل جي ٻڪرين تي اسٽوري ڪڍي ايندو هو. جان خاصخيلي جي وڇُوڙي کان اڳ سندس بصرن جي پوکائي ۽ آبادگارن کي اگهه نه ملڻ بابت هن انگريزي اخبار ۾ اسٽوري لڳائي هئي، جيڪي پوري سنڌ جي هارين، آباگارن جي درد جو نوحو هو. جنهن ۾ هن آبادگارن ۽ هارين سان ڪچهري ڪندي ٻڌايو هو ته بصر جي پوکائي تي ڪيترو خرچ ٿيو. هن وقت مارڪيٽ ۾ بصر جي ويليو ڇا آهي. عوام ڪيترو استعمال ڪري ٿو. بصر جي گهٽ اگهه سان تباهي جا منظر به جان خاصخيلي پنهنجي اسٽوري ۾ واضح ڪري ڏيکاريا هئا. هن وٽ ميرپورخاص جي انبن جون به منفرد اسٽوريز هيون. هو وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي پوکائي تي وڌ کان وڌ لکندڙ صحافي هو. هو جانورن جي پالنا ۽ ان جي بيمارين تي تفصيل ۾ وڃي لکندو هو. هو پراڻن وڻن تي لکڻ لا وڻن جو پورو شجرو کڻي اڳيان رکندو هو. هن کارو ڇاڻ، ڪي ٽي بندر، بدين ۽ ٺٽو جي سامونڊي پٽي جي تباهي تي وڌ کان وڌ لکيو. اتي رهندڙ مهاڻن ۽ ملاحن جا هان ڏاريندڙ پروفائيل به جان خاصخيلي ئي لکيا هئا. هو بدين، ٺٽو جي ساحلي پٽي تي ماڻهن جي لڏپلاڻ تي وڌيڪ فڪرمند هوندو هو. هو فطرت جي منظر ڪشي ڪندڙ سائنسدان ئي هو. هو ٿر ۾ مهينن جا مهينا رهيو پيو هوندو هو. هن لڪل ڪردارن تي انگريزي ٻولي ۾ وڌيڪ اسٽوريز لکيون. هن مها ٻوڏن جي تباهه ڪارين تي دي نيوز سميت ٻين اخبارن ۾ فيچر اسٽوريون ٺاهي پوري دنيا جون اکيون کوليون. هو پاڻي جي مسئلي تي وڌيڪ سنجيده نظر ايندڙ صحافي هو. جان خاصخيلي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو، هو ڪراچي پريس ڪلب ۽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو ميمبر هو. جتي ٿيندڙ سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو. هن جي ڪهاڻين جو ڪتاپ پڻ ڇپيل آهي. هڪ ڪتاب شاعري جو پڻ لکيو.
جان خاصخيلي ساس ڪراچي جي اليڪشن ۾ پڻ بيٺًو هو. هن جي ڪراچي ۾ اردو ادب جي اديبن، صحافين ۽ دانشورن سان وڌيڪ ويجهڙائپ هوندي هئي. هو سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جا لڪل پروفائيل سامهون آڻي نروار ڪندو هو. آئون چوندو آهيان ته حسن درس وٽ عام ماڻهو شاعري ۾ سمائجي ويو ته جان خاصخيلي وٽ وري نثر جي صورت ۾ اوتجي ويو، هو پنهنجي لکڻين ۾ اهڙي ماڻهن سان ويٺو ڪچهري ڪندو هو، جان خاصخيلي هالا کي ڇڏي 1983 ڌار ڪراچي وڃي صحافت ڪئي هئي، جتي جو ماحول جان خاصخيلي لا کليل درسگاهه هو، جتان هن صحافت، شاعري ۽ ادب سکڻ شروع ڪيو. ڪراچيءَ جي کليل رستن تي شور ۾ رهندي به هو ڀٽڪيو ڪونه، هن سستي ٿي ويل زندگي ۽ سمنڊ کي ويجهي کان ڏًٺو، تمر جي وڻن جي خوشبو جو هڳا به هن محسوس ڪيو. هوڙن تي ويٺل ماهيگيرن کي کليل سمنڊ ڏانهن ويندي ۽ ايندي به هن ڏٺو هو.
هن ڪراچي کان ناتو ٽوڙي پنهنجي هڪ صحافتي دنيا حيدرآباد ۽ ڳوٺ ڪرم نظاماڻي ۾ آباد ڪري ورتي هئي، ڪراچي اهو جيڪو اجگر شهر آهي، اتي رهندڙ صحافي فرش کان عرش تي به پهچيو وڃن. جتي ماڻهو روپ مٽائي ڪجهه به ٿي وڃي ٿو، اتي جان اجگر شهر کان پاڻ کي پاسيرو ڪري “گم ٿيل ماڻھوءَ جو سفرنامو” ڪتاب لکي پڙهندڙ حوالي ڪيو هو. هن وٽ دربدر ٿي ويل زندگي جي منفرد ڪهاڻي هوندي هئي. هو پنهنجي لکڻين ۾ سماج کان وڇڙيل عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن ماڻهن جا ويٺو سور سليندو هو.
جان خاصخيلي شاگردي واري دور ۾ جيئي سنڌ ۾ رهيو، ان وقت مها ڪوي شيخ اياز وائيس چانسلر هو. جنهن خلاف جيئي سنڌ وارن مهم هلائي، احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جان خاصخيلي کي هالا مان گرفتار ڪيو ويو. جتي ٽي مهينا جيل ۾ رهيو. انگريزي صحافت کان پهرين جاڳو، هلال پاڪستان، برسات اخبار ۾ ڪم ڪيو. هو اخبارن جي ادبي پيجن جو انچارج پڻ رهيو. آخري عمر تائين دي نيوز سان سلهاڙيل رهيو. ٽائيمس آف انڊيا، ڊان، نيوز لائين، هيرالڊ، ورلڊ نيٽ ڊيلي آمريڪا اخبار ۾ پڻ خوب لکيو.
جان خاصخيلي پنهنجي ويجهو رهندڙ دوستن جا به ڪمال جا پروفائيل لکندو هو. هن مشهور هاري اڳواڻ ۽ منهنجي دوست دادا علي بخش تي لاجواب پروفائيل لکيو هو. دادا علي بخش اهو عوامي ليڊر آهي، جيڪو صحافين جي هر وقت گهيري ۾ رهندي به ڪنهن به صحافي کي انٽرويو ڏيڻ لا راضي نه هوندو آهي. پيادل مارچ جو خالق به دادا علي بخش آهي. دادا علي بخش جي زندگي تي خورشيد قائمخاني به لاجواب لکيو آهي. جان خاصخيلي جي دل جيئن بيوفائي ڪئي، ان وقت سندس دوستن جي دل به ڦاٽي پئي هئي. اها تڪليف ڪير به بيان نه ڪري سگهندو. آئون ته چوندو آهيان جان خاصخيلي جهڙن دوستن جي وڇوڙي تي تعزيت سندن وارثن سان گڏ دوستن سان به ڪئي وڃي. هن پنهنجي صحافي دوست بادل ٿري تي ڪمال جو لکيو هو. بادل ٿري اڻ پڙهه هوندي به سنڌي صحافت جو چمڪندڙ ستارو هو. جان خاصخيلي ڪٿي لکيو هو ته بادل ٿري اڇڙي ٿر وٽ بارڊر ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هو، مالوند گهراڻي سان تعلق هئس، هن کي خانبهادر محمد حيات جوڻيجو سانگهڙ وٺي آيو هو، جتان بادل ٿري جي نالي سان مشهور صحافي ٿي سامهون آيو. جان خاصخيلي ڪٿي لکيو هو ته هڪ ڀيري عبدالواحد آريسر ۽ ڪامريڊ بادل ٿري هڪ ڳوٺ ۾ ڪچهري ڪرڻ ويا هئا. رات جو دير ٿي وئي ته اهي اتي ئي ترسي پيا. صبح جو سوير بادل ناڙا ڇوڙ جي خيال سان ٻاهر نڪتو ته زمين ڪلراٺي هئي ۽ هن جي نظر به گهٽ هئي ان ڪري هي ترڪي پيو. ان تي رڙ ڪري آريسر کي چيائين ته”اڙي آريسر هن ڌرتيءَ جي آزادي لاءِ ٿو مڙس مارائين!” اهڙيون ڳالهيون جان خاصخيلي ئي لکي سگهندو هو، هن کي صحافت جي استاد اسحاق مڱريو سميت الئي ڪيترن دوستن جا پروفائيل لکڻا هئا، جيڪي هو نه لکي سگهيو. هن جي دل جي بيوفائي وقت فطرت به اداس ٿي هوندي. اهي پکي، وڻ ۽ جانور به ڪجهه پلن لا سندس نوحو لکندڙ جي موڪلاڻي تي سوڳوار ٿيا هوندا. جان خاصخيلي سنڌ ۾ فطرف تي تباهه ڪارين جو هڪ سچائي سان ڪيس وڙهندڙ صحافي هو، هن جو خال ڀرجڻ سچ به ڏکيو عمل هوندو. هو فطرت ۽ ماحوليات لا اول صف ۾ وڙهندڙ ۽ لکندڙ صحافين منجهان هو، جنهن جي سڃاڻپ سنڌ کان ٻاهر يورپ تائين هئي. جان خاصخيلي مري ته ان ڏينهن ويو هو، جنهن ڏينهن ماحوليات تي وڌ کان وڌ لکندڙ ۽ جدوجهد ڪندڙ سندس ساٿي محمد علي شاهه لاڏاڻو ڪري ويو هو.