شوبز

سجل ۽ احد ۾ علحدگي ٿيڻ جي دعوا، اڳڪٿي بھ سچ ثابت؟

پاڪستان جي مشهور اداڪار جوڙي سجل علي ۽ سندس مڙس احد رضا مير وچ ۾ علحدگي ٿيڻ جي دعوا هڪ صحافڻ ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سجل علي ۽ احد رضا مير ۾ علحدگي ٿيڻ جي دعوا تجزيي نگارن ڪئي آهي، جن جي اها پڻ دعوا آهي تھ جوڙو ڌار ٿيڻ جو اعلان جلد باقائدا طور پڻ ڪندو. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو جي ڪلب وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ شوبز جي صحافڻ آمنا عيساڻي دعوا ڪئي آهي تھ مارچ 2020ع ۾ شادي ڪندڙ سجل علي ۽ احد رضا مير جي علحدگي 2 سالن اندر ٿي وئي آهي. آمنا عيساڻي وڊيو ذريعي ٻڌائي رهي آهي تھ سجل کي ڇڏي منهنجا ڪيترائي ذريعا تصديق ڪري رهيا آهن تھ جوڙو قانوي طور ڌار ٿي ويو آهي، پر هن صورتحال ۾ منهنجي همدردي وڌيڪ سجل سان آهي، ڇوتھ طلاق جي صورت ۾ عورت وڌيڪ ڀوڳيندي آهي. هوڏانهن هڪ رپورٽ ۾ نجومي راجا حيدر ڪيل اڳٿي ٻيهر بحث هيٺ آهي، جنهن ۾ هن جوڙي ۾ طلاق بابت اڳڪٿي ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ نجومي ماهر راجا حيدر جنوري ۾ شوبز جوڙي ۾ طلاق جي اڳڪٿي ڪئي، تنهنڪري سندس اها اڳڪٿي سچ ثابت ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button