هن ڀيري پاڪستان جو ڏهاڙو معاشي گهوٽالي، سياسي عدم استحڪام ۽ ويڙهاند واري ماحول ۾ ملهايو ويو آهي. 23 مارچ 1940 واري ڏهاڙي پيش ڪيل قرارداد ۾ جيڪي خوبصورت ڳالهيون ڪيون ويون هيون اڄ ڪنڌ ورائي پٺتي ڏسڻ تي پتو پوي ٿو ته نه رڳو اهي مقصد حاصل نه ٿي سگهيا آهن پر انهن جي رونق به وڃائجي وئي آهي. ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي ڳالهه جنهن ۾ اهي هر طرح آزاد ۽ سربلند هوندا، اسي سالن جي تجربي بعد ان دلاسي ۾ ڪا ڪشش نه رهي آهي. ماڻهن سمجهي ورتو آهي ته جنهن پاڪستان کي آزادي، خوشحالي ۽ ترقي کڻي اچڻو هئو اهو اڄ به انهن سمورن دل ٺاريندڙ واعدن کان ڪوهين ڏُور بيٺو آهي. بلڪ ڪجهه معاملن ۾ ته هندوستان ۽ بنگلاديش کان به پٺتي پيل آهي. ڪالهه جڏهن پوري ملڪ ۾ يومِ پاڪستان ملهايو ويو تڏهن اها ڳالهه هر ڪنهن جي اڳيان پڌري پٽ پئي هئي ته ملڪ تي حڪومت آمرن جي رهي هجي توڙي سويلين حڪمرانن جي، عوام جي بنيادي مسئلن جي حل ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو آهي. ڊگهي مدي واريون معاشي، سياسي ۽ سماجي پاليسيون نه جوڙيون ويون آهن. ڄڻ ان سان ڪنهن جو واسطو وڙو ئي نه هجي ته هن ملڪ ۽ ان جي عوام جو نيٺ ٿيڻو ڇا آهي؟ ڪرڻو ڇا آهي؟ سياستدانن توڙي آمرن وٽ ڪو روڊ ميپ ڪو منصوبو ئي ڪونه هو، سواءِ ان جي ته اهي پنهنجي ذاتي اقتدار کي ڪهڙي نموني ڊگهو ۽ مضبوط بڻائي سگهيا پئي، سواءِ ان جي ته اهي پنهنجي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڇا ڇا ڪري سگهيا پئي. اهو سڀ ڪجهه بيشڪ ڪيو ويو.
ملڪ اندر معاشي ۽ سياسي توڙي سماجي حوالي سان عدم استحڪام واري اها ڪيفيت هن وقت تمام شدت سان موجود آهي. مهانگائيءَ کي روڪڻ ڄڻ ته ڪنهن جي به وس ۾ ڪونهي. پاڪستاني سماج جا هڪڙا حصا ٻين کي ڪچو چٻاڙي وڃڻ جي حد تائين کانئن نفرت ڪن ٿا. جمهوريت ته ٺهيو پر سياست به اڃان تائين صراطِ مستقيم تي نه هلي سگهي آهي. سياستدانن انيڪ ڀيرا ڌوڪو کائڻ کان پوءِ به پنهنجي غلطين منجهان سبق نه سکيو آهي. نه عمران خان آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي قبوليندي وزيرِ اعظم واري ڪرسي خالي ڪري مخالف ڌر کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏيڻ لاءِ تيار آهي نه وري مخالف ڌر کيس باقي 15 مهينا برداشت ڪرڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي جهوليءَ ۾ ويهڻ کان انڪاري ٿي رهي آهي. مخالف ڌر جو اعتماد به ووٽر بدران ووٽ ڳڻيندڙ تي آهي. جيتوڻيڪ عوام ضمني ۽ ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ته اهي خراب ڪارڪردگيءَ جي ڪري تحريڪِ انصاف کان نفرت ڪن ٿا. اهي يقينن ايندڙ عام چونڊن ۾ به تحريڪِ انصاف بدران مخالف ڌر کي ووٽ ڏيندا پر مخالف ڌر عام چونڊن تائين ترسي نه ٿي سگهي. ان کي هاڻي جو هاڻي اقتدار گهرجي پوءِ ڀل اهو ڪهڙي به قسم جي سوديبازيءَ جي نتيجي ۾ ملي. ان ڪري وزيرِ اعظم خلاف هاڻوڪي بي اعتمادي رٿ به پارليامينٽ، آئين ۽ سياست کي ڪمزور ڪري رهي آهي، سگهارو نه.
گذريل سال هڪ نوٽيفڪيشن جي معاملي تي وزيرِ اعظم ۽ طاقتور ڌر وچ ۾ جيڪي ڪجهه وهيو واپريو ان وزيرِ اعظم جي مقدر کي واضح ڪري ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته اختيارن جي تقسيم جي حوالي سان آئين ڀل ڇا به چوندو هجي پر عملي تجربا ڪجهه ٻيو ئي ٻڌائيندا رهيا آهن. وزيرِ اعظم جا برا ڏينهن تڏهن کان ئي شروع ٿي ويا هئا. کيس گهر موڪلڻ جو وقت اچي ويو هو. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي اوهان ڪنهن هڪ شخص کي نه پر پوري اداري کي “اڻ ڌريو” بڻيل ڏسي رهيا آهيو. جيڪڏهن ڪنهن اداري جي واڌ ويجهه ۽ تربيت بطور اداري جي ٿي هجي ته اهو پنهنجو ردِعمل اهڙي نموني اظهاريندو آهي.
مخالف ڌر بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابيءَ لاءِ گهربل ووٽن کان به وڌيڪ انگ گڏ ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ اها ڊاڙ ٺڪاءُ به هڻي رهي آهي پر تحريڪِ انصاف جي ڀڳوڙن کان علاوه حڪومت جي اتحادي جماعتن پاران مخالف ڌر جو ساٿ ڏيڻ جي پڪ سبب مخالف ڌر وٽ ايم اين ايز جو تعداد بهرحال گهربل کان گهڻو ئي ٿي ويندو. اهو ئي سبب آهي جو وزيرِ اعظم ڪجهه ٻيا حربا استعمال ڪري رهيو آهي. مثال طور هُو پنهنجي منحرف ايم اين ايز کي ڊيڄارڻ لاءِ بيان بازي ڪري رهيو آهي ته هُو انهن کي نيب ۽ ايف آئي اي وغيره ذريعي ڏسي رهندو. وزيرِ اعظم قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ذريعي پنهنجي انهن منحرف ايم اين ايز کي اسيمبلي اجلاس کان اڳ ئي نااهل قرار ڏياري ووٽنگ جو حصو بڻجڻ کان روڪڻ چاهي ٿو جيڪو آهي ته غير آئيني پر هن ملڪ اندر آئين جي پرواهه آهي ڪنهن کي؟ ان ڪري ڪجهه به ڪريو پر بي اعتماديءَ واري رٿ کي روڪيو جي پاليسيءَ تي عمل ٿي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ هائوس ۾ ترسيل تحريڪِ انصاف جي ايم اين ايز کي ڊيڄارڻ لاءِ انصافي گلو بٽ موڪلي سنڌ هائوس تي چڙهائي ڪرائي وئي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن جهانگير ترين جي هيلي ڪاپٽر ۾ ايم اين ايز اچي عمران خان کي ووٽ ڏئي رهيا هئا تڏهن اهو سندن ضمير جو آواز هئو پر هاڻي جڏهن اهي ساڳي مشق ورجائي رهيا آهن ته غدار ۽ ڀڳوڙا بڻجي ويا! سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته اسلام آباد پوليس ريڊ زون اندر اهڙي ڪاروائيءَ جي اجازت ڪيئن ۽ ڇو ڏني؟ اها ڪاروائي اسلام آباد پوليس جي ڪميشن پاس آفيسرن جي اهليت ۽ ايمانداريءَ تي سواليه نشان آهي.
اسلام آباد پوليس شايد پنهنجي سائين يعني وفاقي گهرو وزير جي حڪم تي ائين ڪيو هجي يا ان جي ڊپ کان خاموش رهي هجي ۽ وفاقي گهرو وزير وري پنهنجي سائين يعني وزيرِ اعظم جي ڪري ائين ڪيو هجي. بهرحال اهو ان ڳالهه جو اظهار آهي ته اسان جو موجوده سياسي ۽ حڪومتي سرشتو ڪيترو ڪمزور ۽ ناڪاره بڻجي چڪو آهي. سسٽم ڪم ئي نه ٿو ڪري. آفيسر شاهي کي پيسا ڪمائڻ ته اچن ٿا پر ان وٽ اها جرئت ڪانهي ته پنهنجو آئيني ۽ اصولي فرض ادا ڪري سگهي. اهڙي صورتحال ۾ عوام بهتري ۽ انصاف لاءِ نيٺ ڪنهن ڏانهن واجهائيندو.
بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ کان پوءِ عمران خان جي جوابي ڪاروائي کيس پاڪستاني ڊونلڊ ٽرمپ ثابت ڪري رهي آهي. جيئن نالي واري ليکڪ ۽ استاد ڊاڪٽر پرويز هودڀائي به لکيو آهي.
وزيرِ اعظم جيڪڏهن اسپيڪر ذريعي پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ واري حڪمت عمليءَ تي عمل ڪرڻ لڳو ته پوءِ مهينو کن اليڪشن ڪميشن ۽ ٻه ٽي مهينا سپريم ڪورٽ اندر اپيلن واري معاملي تي گذري ويندا. ان ريت هُو ڪافي وقت وٺي ويندو. ويجهڙ ۾ ڪيل ٽي وي تقرير دوران جڏهن هن چيو هو ته اقتدار کان ٻاهر هُو وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندو، سو هاڻوڪي دور بابت ئي چيو هئائين. خطرناڪ ته هُو ٿيندو پر کيس اها خبر هئڻ گهرجي ته جن کيس ننڌڻڪو ڪيو آهي اهي بهرحال کائنس وڌيڪ خطرناڪ آهن. تاريخ کان انڪاري نه ٿو ٿي سگهجي. جيڪڏهن خان صاحب بي اعتمادي رٿ واري معاملي کي مهينن جا مهينا لڙڪائي ڇڏڻ واري حڪمت عمليءَ تي هلڻ چاهي ٿو ته پوءِ ايڪسٽينشن ۽ نئين مقرريءَ جو ڇا ٿيندو؟ ظاهر آهي ته کيس اهڙي گستاخي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر رڳو تحريڪِ انصاف جي ڀڳوڙن تي ئي نه ٿي ڀاڙي پر اها حڪومت جي اتحادي پارٽين سان به رابطي ۾ آهي جن کي پنهنجو سياسي مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي. کين سجهي ٿو ته حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کي نظر ۾ رکندي ايندڙ عام چونڊن ۾ انهن جو سوڀارو ٿيڻ ممڪن ڪونهي ان لاءِ انهن کي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي سهڪار جي ضرورت پوندي ان ڪري اهي به حالتن تي گهري نظر رکيون ويٺا آهن ۽ صحيح وقت اچڻ تي پنهنجو وزن مخالف ڌر جي پُڙ ۾ وجهي بي اعتمادي رٿ کي ڪامياب ڪري ڇڏيندا. جنهن کان پوءِ خان صاحب يقينن مڇرجي پوندو ۽ آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وانگر پنهنجي ناڪاميءَ کي لڪائڻ لاءِ هر قسم جي تشدد جي واٽ وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويندو پر مالڪ سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهن ان ڪري انهن به اهڙي صورتحال لاءِ اڳواٽ تياري ڪري ڇڏي آهي. اهڙي موقعي تي ڇا ڪرڻو آهي، اها انهن کان وڌيڪ ٻيو ڪنهن کي خبر هوندي.
آخري ڳالهه اها ته خان صاحب کي نااهل ڪرڻ کان پوءِ به مخالف ڌر لاءِ سڀ ڪجهه سولو نه ٿي ويندو. ان لاءِ ڪيترا ئي سوال اڳواٽ ڪر کڻي بيٺا آهن. جهڙوڪ: مرڪزي حڪومت جي سربراهي ڪير ڪندو ۽ اها ڪيسيتائين قائم رهندي؟ صوبائي اسيمبلين کي ڪڏهن ٽوڙيو ويندو ۽ اتي ايندڙ وقت ۾ ڪنهن جي حڪومت قائم ٿيڻي آهي؟ معاشي، احتسابي ۽ اليڪشني حوالي سان ڪهڙيون تبديليون، ترميمون ۽ سڌارا ڪيا ويندا؟ اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستيءَ ۾ هلندڙ پارٽين جو مستقبل ڇا هوندو وغيره وغيره.