اوائلي خريف ۾ سنڌ پاڻيءَ جي کوٽ کي وڌيڪ ڀوڳيندي آهي، ان عرصي دوران ساريون، ڦٽيون ۽ ڪمند جو فصل ٿيندو آهي، جن مان ڪمند ۽ سارين کي وڌيڪ پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي پر جيئن ئي اپريل جو مهينو شروع ٿيندو آهي ته سنڌ جو شاخون سڪڻ شروع ٿي وينديون آهن ۽ ان کان پوءِ آبادگارن جا هٿ مٿي تي هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن انهن کي گهربل مقدار ۾ پاڻي ڪونه ملندو آهي ته اهي پريشان ٿي ويندا آهن ۽ سندن فصل وقت سر نه ٿي سگهندا آهن. هن وقت به سنڌ جي ڪئنالن ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ لڳي پئي آهي. هي معاملو سنڌ جي شاخن ۾ پاڻيءَ جي رسائيءَ جو آهي. ڪالهه جيڪي انگ اکر رپورٽ ٿيا آهن، اهي اهو ظاهر ڪري رهيا آهن ته سنڌ ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڻيءَ جي ڪيتري کوٽ ٿي سگهي ٿي.
خبر موجب سنڌو دريا ۾ پاڻي جي کوٽ سبب نارا ۽ روهڙي ڪئنال ۾ 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ نارا ڪئنال جي آبادگارن کي خريف جي پوکائي ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ووئنڻن جي پوکائي متاثر ٿيندي، جڏهن ته 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي رڳو پيئڻ لا ڏنو پيو وڃي. نارا ڪئنال ۾ اڳ ۾ 15 کان 14 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ سيڊا جي جنرل مينيجر غلام مصطفى اڄڻ رابطو ڪرڻ تي چيو ته آئون نارا ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بابت ٻڌائي سگهان ٿو. هن چيو ته نارا ڪئنال جي پاڻي جي سطح 14000 هزار ڪيوسڪ مان گهٽجي 4000 ڪيوسڪ تي پهتي آهي، ساڳي صورتحال روهڙي ڪئنال جي به آهي. هن چيو ته سنڌو دريا ۾ تربيلا کان پاڻي بند ٿيو آهي. تربيلا خالي ٿي ويو آهي. جنهن سبب پاڻيءَ جي کوٽ ٿي آهي، جيڪا 15 اپريل تائين جاري رهندي، هن چيو ته لاڙ توڙي وچولن علائقن ۾ خريف جي موسم شروع آهي، جڏهن ته ووئنڻ جي پوکائي متاثر ٿيندي، هن چيو ته نارا ڪئنال تي 8 ضلعن مان 46 لک ايڪڙ زرعي زمين کي پاڻي ڏنو ويندو آهي. خريف جي پوک لاءِ گهربل پاڻي نه هجڻ جي برابر آهي. هوڏانهن نارا ڪئنال ۾ پاڻي جو بحران سنگين رخ اختيار ڪري ويو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ مطابق سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ سبب 17 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ نارا ڪئنال ۾ پاڻي جو وهڪرو هڪدم گهٽجي 4700 ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي. نارا ڪئنال ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿيڻ سبب مٺڙائو ڪئنال سان لاڳاپيل مختلف شاخن سامروٽي، هوتا، شير، فضل، سلور، اڪال ۽ رڻ شاخ سميت سمورين شاخن ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ڪتيءِ جي پوکائي وارو عمل شديد متاثر بڻيل آهي، اڪثر علائقن ۾ آڳاٽو پوکيل ووئڻن جو فصل ۽ مرچن جو ٻيجارو به وقت سر پاڻي نه ملڻ سبب سڪي تباهه ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري آبادگار پريشان آهن. هوڏانهن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال آبادگارن کي پاڻيءَ جي کوٽ کان آگاهه ڪندي 15 اپريل تائين پوکائي نه ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي نئون ڪوٽ سب ڊويزن ۾ مقرر ڪيل آبپاشي سرويئر مڪيش ڪمار ٻڌايو ته پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيڻ سبب فل الحال فقط پيئڻ جو پاڻي شاخن ۾ فراهم ڪري رهيا آهيون، جئين ئي صورتحال بهتر ٿيندي ته پوکائي لاءِ به پاڻي ڏنو ويندو.
سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ان ڪري به ٿيندي آهي جو پنجاب جڏهن پنهنجا فصل پوکڻ شروع ڪندو آهي ته اهو سنڌ جي حصي مان پاڻيءَ جي کڻت ڪندو آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو سنڌ جا آبادگار ڀوڳيندا آهن پر پاڻي نه ملڻ ڪري عام ماڻهو به پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم رهجي ويندو آهي. اسين سمجهون ٿا ته هن معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ارسا پنهنجو ڪردار ادا ڪري اهو هاڻوڪي مند ۾ پاڻيءَ جي ورڇ اهڙي نموني ڪري جو سنڌ جو آبادگار متاثر نه ٿئي.