انسان جيئن وجود ورتو آهي، تيئن ئي بيمارين سان جهيڙيندو رهيو آهي. شروعات کان ئي انسان انهن بيمارين کي سمجهڻ ۽ انهن جو علاج ڳولڻ لاءِ وس ڪندو رهيو آهي. جيستائين بيمارين جو علاج نه ملندو آهي اوستائين انسان بيوس ۽ قدرت اڳيان لاچار، ان جي هٿ وس هوندو آهي ۽ جڏهن بيمارين جو علاج نه ملندو آهي ته اهي بيماريون وبائي صورت اختيار ڪري وٺنديون آهن، پوءِ انهن جو علاج انسان ڪنهن معجزاتي ڪرشمي اندر ڳوليندو آهي. پير فقير، ٽوڻا ڦيڻا، عبادتون، چلا ڪٽڻ وغيره انساني بيوسي جو اهڃاڻ آهن. ايستائين جو بيمارين وبائن سبب بيمارين جا نالا به ڪنهن ڀڳوان ۽ ديوتائن سان منسوب ڪيا ويندا آهن. پر اهو سڀ هوندي به انسان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي ۽ هر دور ۾ بيمارين کي سمجهڻ، ان جو سبب ڄاڻڻ، ان جا اهڃاڻ سڃاڻڻ ۽ ان جو علاج ڳولڻ جي تحقيق جاري رکي آهي. ڇاڪاڻ ته انسان اهو ڄاڻي ورتو آهي ته موت کان بچڻ جو مستند ۽ پڪو رستو فقط تحقيق جو ئي آهي. هر دور ۾ انسان موت جا سبب ڄاڻڻ ۽ ان جي حل تائين پهچڻ کي ئي انساني بقا جو رستو سمجهيو آهي. ڪيتريون ئي بيمارين جي سببن کي ڳولي لهڻ ۽ ان جو علاج دريافت ڪرڻ پٺيان انسانن جون ڪاوشون ۽ محنتون رهيون آهن.
ڪيتريون ئي اهڙيون محلق بيماريون هيون، جن جو ڪو علاج ڪونه هو ۽ ماڻهو ان بيماريءَ جي چڪاس ڪرڻ بنا ئي هن دنيا مان هليا ويندا هئا ۽ سندن پونئير رب جي رضا سمجهي ان تي ماٺ ڪري ويهي رهندا هئا. پر ڪي اڻ ورچ ۽ تحقيق ۾ مصروف فرد انهن بيمارين جا اصل ڪارڻ ڳولڻ ۽ انهن جو علاج دريافت ڪرڻ ۾ لڳا رهندا آيا ۽ نيٺ ان بيماري کي مات ڏئي سموري انسانذات جي نسل مان انهن بيمارين جي پاڙ پٽي ڪڍيائون.
اڄ 24 مارچ سلهه (ٽيوبر ڪلوسز) T.B بيماريءَ جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان مون ضروري سمجهيو ته آئون بحيثيت هڪ ميڊيڪل ڪارڪن جي، ماڻهن کي ان بيماري جي تاريخ، سببن، اهڃاڻن ۽ ان جي علاج بابت مڪمل آگاهي ڏيان جيئن هن بيماري خلاف ڪيل جنگ جو آئون حصو بڻجي سگهان.
هيءَ هڪ تمام قديمي بيماري آهي، جنهن جي باري ۾ فقط قياس آرايون موجود هيون. پر علاج بابت ۽ بيماريءَ بابت ڪنهن کي به ڄاڻ نه هئي، انگلينڊ جا ماڻهو ان بيماريءَ کي بادشاهه جي نافرماني جي نتيجي ۾ ٿيندڙ عذاب سمجهندا هئا. هندو مذهب جي ماڻهن جي خيال موجب غلط ڪمن ڪري هيءَ بيماري لڳي ٿي ۽ اها بيماري ديويءَ جو شراپ تصور ڪيو ويندو هو. مطلب ته هر ڪا قوم هن بيماريءَ کي پنهنجي ڪرتوتن جو نتيجو ڀائيندي هئي. صحيح معنى ۾ ان بيماريءَ جا اهڃاڻ مصر ۾ مليل (ممين) مان مليا آهن. جن مان خبر پوي ٿي ته هيءَ بيماري قبل مسيح ۾ به موجود هئي، جنهن ڪري وڏي انگ ۾ ماڻهن جو موت هن بيماريءَ سبب ٿيندو هو.
يوناني هن بيماريءَ کي ٿائسز Pthisys چوندا هئا، جنهن جي معنى آهي ڳري وڃڻ. هن بيماريءَ جي جراثيم کي طبي زبان ۾ مائيڪوبيڪٽيرين ٽيوبر ڪلوسز T.B چئبو آهي ۽ سنڌيءَ ۾ هن بيماريءَ کي سلهه جي بيماري چيو ويندو آهي. سڀ کان پهرين جرمني جي هڪ عظيم سائنسدان پروفيسر رابرٽ ڪاڪ 24 مارچ 1882ع ۾ مختلف تحقيقن ذريعي سلهه جو جراثيم ڳولي لڌو. هي عظيم سائنسدان 1843ع ۾ ڄائو ۽ 1910ع ۾ وفات ڪئي. رابرٽ ڪاڪ کي سندس انهيءَ تحقيق تي 1905ع ۾ نوبل پرائيز پڻ مليو. هن سلهه جي جراثيم جي باري ۾ جيڪا معلومات ڏني تنهن کي ڪاڪ پاسچوليٽ جو نالو ڏنو ويو. 1884ع ۾ هن جو ٻيو مضمون Mitt.k.jesundh رسالي ۾ شايع ٿيو. هن مضمون ۾ هن جانورن تي ٿيل تجربن ۽ تحقيق بابت واضح طور تي معلومات فراهم ڪئي ۽ (ڪلچر) ٽيسٽ ڪرڻ جو طريقو ظاهر ڪيو. سندس تحقيقي مواد 1938ع ۾ ڪلاسڪس آف ميڊيسنس ۾ ٻيهر شايع ٿيو. سندس ٻيو تحقيقي مواد cokoch phenomena جي نالي تي شايع ٿيو. سڀ کان پهرين سلهه جي علاج لاءِ دوا اسٽيپٽومائيسن ايجاد ٿي ۽ تنهن کانپوءِ چار ٻيون دوائون ايجاد ٿيون. جيڪي هن وقت تائين ڪاميابي سان استعمال ٿينديون اچن. ڪنهن دور ۾ هي علاج تمام ڊگهو ۽ مهانگو هوندو هو. اڄڪلهه حڪومت هن بيماريءَ جي علاج تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ پنهنجي مختلف سينٽرن تي بيماريءَ جي سڃاڻپ لاءِ بلغم، رت جي چڪاس ۽ علاج جنهن جو دورانيو ڇهه مهينا آهي. اهو مفت ۾ ڪرائي رهي آهي.
صحت جي عالمي اداري مطابق پاڪستان ۾ ڏهه لک جي آباديءَ تي ٻه سئو اسي ڪيس سلهه جا ظاهر ٿي رهيا آهن. ھن وقت پاڪستان ۾ 573000 (پنج لک ٽيھتر ھزار) انسان ٽي بيءَ جي مرض ۾ ورتل آھن. جن مان تقريبن پنجونجاھه سيڪڙو کان وڌيڪ مريض 273000 (ٻه لک ٽيھتر ھزار) علاج ڪرائڻ ٽي بي ڊاٽس سينٽر تي اچن ٿا. باقي پنجيتاليھه سيڪڙو 300000 (ٽي لک) مريض علاج لاءِ اسپتال تائين نه ٿا پهچن. ان سلسلي ۾ سنڌ صوبي جا انگ اکر ڏسون ته سنڌ ۾ 136000 ھزار سلھه جا مريض موجود آھن، جنھن مان 67000 ھزار مريض علاج واسطي ٽي بي ڊاٽ سينٽر ۾ علاج لاءِ اچن ٿا، جڏھن ته 96000 (ڇھانوي ھزار) مريض علاج نه ڪرائڻ وارن مريضن ۾ شامل آھن. صحت جي عالمي اداري جي تحقيق موجب پاڪستان ۾ هر سال اڍائي لک مريضن جو اضافو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته دنيا ۾ تقريبن 90 لک ٽي بي جا ڪيس موجود آهن، جن ۾ يارهن سيڪڙو ٻار آهن. پاڪستان ۾ 37 سيڪڙو پندرهن سالن کان گهٽ ڄمار جا ٻار آهن، جن ۾ پندرهن سيڪڙو کان ٽيهه سيڪڙو سلهه جا مريض آهن ۽ اٺ کان ويهه سيڪڙو ٻار سلهه وگهي فوت ٿيڻ سميت 46000 ھزار مريض ھر سال سلھه وگھي فوت ٿي ويندا آهن. ٻئي طرف ايم ڊي آر (ملٽيپل ڊرگ رززسٽنس) اهي ڪيس جيڪي اڌ ۾ علاج ڇڏين ٿا يا وزن مطابق دوا نه ٿا وٺن يا ڊاڪٽر جي غلط چڪاس سبب دوائون کائين ٿا جنهن جي ڪري ان قسم جي ٽي بي جا پاڪستان ۾ ست کان يارهن سيڪڙو تائين ڪيس موجود آهن. جنهن جو علاج مهانگو آهي. ان جي چڪاس جين ايڪسپرٽ ٽيسٽ ذريعي ڪئي ويندي آهي، جيڪا اوجها سينٽر ڪراچي ۽ آءِ سي ڊي ڪوٽڙي ۾ مفت ڪئي ويندي آهي ۽ دوائون پڻ مفت مهيا ڪيون وينديون آهن. جيڪا انتهائي خطرناڪ حد آهي. جنهن کي گلوبل ايمرجنسي قرار ڏنو ويو آهي.
ھن وقت سلھه جي علاج لاءِ صحت کاتو حڪومت سنڌ طرفان 399 (ٽي سئو نوانوي) مرڪز پوري سنڌ ۾ نھايت ئي اثرائتي انداز سان ڪم ڪري رھيا آھن. جن ۾ رورل سينٽر، ڊسٽرڪٽ ھيڊڪواٽر اسپتالون ۽ سرڪاري ڊسپينسريون شامل آھن، انھن اسپتالن ۾ سلھه جي بيماري لاءِ ٽي بي ڊاٽس سينٽر قائم آھن، جيڪي مفت بلغم جي چڪاس سان گڏ مفت ايڪس ري ۽ مفت دوائون فراھم ڪري رھيا آھن. ياد رھي ته انھن سينٽرن ۾ ايڇ آءِ وي جي ٽيسٽ پڻ مفت ڪئي وڃي ٿي.
هيٺ ڏنل علامتون جنهن به فرد ۾ نظر اچڻ ته ان فرد کي صحت جي مرڪز ڏانهن موڪليو وڃي جنهن کي؛T.B, DOTS سينٽر چئبو آهي.
سلهه جون علامتون:
· کنگهه جو مسلسل ٽن هفتن کان وڌيڪ هجڻ
· شام وقت هلڪو بخار
· بدن ۾ سستي
· وزن ۾گهٽتائي
· بک نه لڳڻ
· پگهر جو اچڻ
· ڪڏهن ڪڏهن بلغم ۾ رت اچڻ
سلهه جي ڦهلجڻ جا سبب:
کنگهڻ، نڇ اچڻ يا کانگهارو جڳهه جڳهه تي ڦٽو ڪرڻ سان سلهه جا جراثيم هوا ذريعي هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو ڏانهن ساهه کڻڻ دوران منتقل ٿين ٿا. سلهه جي بيماري انهن ماڻهن کي جلدي لڳندي آهي، جيڪي ڪمزور هوندا آهن يا کين بار بار مختلف بيماريون ٿينديون آهن.
بچا لا اپا:
· بلغم کي هر هنڌ ٿڪڻ نه گهرجي، ڪنهن بند دٻي ۾ بلغم گڏ ڪري کڏ کوٽي پوري ڇڏي يا وري ان بلغم کي ساڙي ڇڏڻ گهرجي.
· گهر ۾ هوا ۽ سج جي روشنيءَ جو لازمي بندوبست هئڻ گهرجي.
· کنگهڻ ۽ نڇ ڏيڻ وقت هٿ يا رومال سان منهن کي ڍڪڻ گهرجي.
· مريض کي بيماريءَ بابت تعليم ڏيڻ گهرجي ۽ وزن مطابق دوا ڏيڻ گهرجي.
· مستند ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ضروري آهي.
ياد رکو سلهه هڪ قابل علاج بيماري آهي، جيڪا ڇهن مهينن جي باقاعدہ دوا وٺڻ سان بلڪل ختم ٿي ويندي آهي. علاج دوران ڪنهن به مرحلي ۾ دوا کي هرگز نه ڇڏڻ گهرجي. دوا ڇڏڻ سان مريض جي قوت مدافعت ختم ٿي ويندي ۽ ٻيهر دوا ان تي اثر نه ڪندي ۽ پوءِ ان بيماري جو علاج ڏکيو ۽ مهانگو ٿيو پوي. سلهه جي ان قسم کي ايم.بي.آر چئبو آهي. اهن وقت پوري سنڌ ۾ 270 ڊائگنوسٽڪ سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ بلغم جي چڪاس ۽ ڇهن مهينن جو علاج بلڪل مفت ميسر آهي.