ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وفاقي سرڪار: تون ھيڻو آن ھٿيارن سان

Eidotorial-Article -Mohammad Khan Sial

وزيراعظم عمران خان جو تازو بيان ميڊيا ۾ ڇپيو آھي. سندس چواڻي: عدم اعتماد واري ووٽنگ کان ھڪ ڏينھن اڳ، سرپرائيز ڏيندس ۽ استعيفيٰ ڪنھن به صورت ۾ ڪونه ڏيندس. جيئن ته وزيراعظم پنھنجي ساڍن ٽن ورھين جي دور دوران اختلافي بيان ڏيندو رھندو آھي سو سندس بيان تي مڪمل ڀروسو ڪري نٿو سگهجي پر ظاھري طور اھا ڳالھه سندس بيان مان به چٽيءَ ريت ظاھر آھي ته ملڪ جي عوام جي زروردار مخالفت باوجود سندس استعيفيٰ ڏيڻ جو اردو ناھي.
اھا تلخ سچائي آھي ته وفاقي سرڪار جا ڪيترا وزير، صلاحڪار ۽ سندن حڪمران پارٽيءَ (پي ٽي آءِ) جا اڳواڻ ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ سان لاڳاپيل اڳواڻ جيڪا گندي ۽ اعتراض جوڳي ٻولي ميڊيا ۾ لاڳيتي ڪتب آڻي رھيا آھن، تنھن ته عام ماڻھن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آھي. اھڙين حرڪتن کي عوام آڏو وائکو ڪرڻ توڙي نندڻ تي مجبور ٿي پيا آھيون ڇاڪاڻ ته اصل مقصد ملڪ جي مجموعي وايومنڊل کي بھتر بڻائڻ ئي ھوندو آھي ۽ ھئڻ به گهرجي.
اھا نيڪ نيتيءَ سان، اسان ليکڪن جي صلاح آھي ته جن کي سياسي اختلاف آھن سي اخلاق اندر رھي ڀلي پنھنجا اختلاف دھرائين پوءِ ڀلي ڪھڙي به پارٽيءَ سان واسطو ڇو نه ھجين، جيڪو سندن بنيادي به حق آھي. بھرحال، جيڪي گارين واري گندي ٻولي سياسي مخالفن لاءِ عام طور استعمال ڪن ٿا، سا وڏي زيادتي ۽ ظلم آھي ۽ عام اخلاق جو کليو کلايو قتلام به. اھڙن ظالمن کي معاف نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏھن انھن جي گندي ٻوليءَ کي روڪڻ لاءِ باقاعدي جدوجھد ڪبي ۽ مختلف سياستدان ۽ ليکڪ زوردار آواز اٿاريندا رھندا ته اڳتي ھلي ملڪ جي مجموعي صورتحال بھتر به ٿي سگهي ٿي. جيڪي حڪمران عام طور يعني پبلڪ ۾ مخالفن کي گاريون ڏين ٿا تن جي سڌي يا اڻ سڌي ريت آجيان ڪنھن به صورت ۾ نٿي ڪري سگهجي. جيڪڏھن انھن جي سپورٽ ڪبي ته اڳتي ھلي سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ اھڙو گندو ماحول پيدا ٿي پوندو جو عام طور شريف ماڻھو گندي ٻوليءَ جي عام استعمال تي سخت پريشان ۽ ڳڻتي جوڳا بڻجي ويندا.
انھيءَ سلسلي ۾ ڳڻتي جوڳي ڳالھه اھا آھي ته اسان جو سليڪٽيڊ وزيراعظم، پنھنجن ساڍن ٽن ورھين جي حڪمرانيءَ دوران، پاڻ به نامناسب لفظ ڪتب آڻيندو رھيو آھي پر حڪمران ته سندس خاص مددگار شھباز گل جي لاڳيتين ۽ کليو کلايو پبلڪ گارين ڏيڻ تي حڪمران، لاڳيتي پراسرار ماٺ اختيار ڪري ڇڏي آھي جنھن ڪري سندس ڪيترا وزير، صلاحڪار ۽ پارٽيءَ جا اڳواڻ مخالفن کي کليو کلايو گاريون ڏئي رھيا آھن ۽ اھو سلسلو ھاڻي وڌي ويو آھي. ٻيو ته ٺھيو پر ميڊيا کي به استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪا ڏک جي ڳالھه آھي. بھرحال، اھو عام تاثر پيدا ٿي پيو آھي ته حڪمران پارٽيءَ جي ڪيترن اڳواڻن کي اعتراض جوڳي ماحول کي سڌارڻ جي، ٽڪو ئي دلچسپي ناھي، نه ته وزيراعظم چاھي ھا ته صورتحال کي اخلاق اندر سولائيءَ سان ڪنٽرول ڪري بھتر بڻائي سگهي ھا ۽ گاريون ۽ گندي ٻولي ڪم آڻيندڙن کي عام بيان ڏئي جهلي ڇڏي ھا. اھڙي ريت ملڪ جو ماحول، وڌيڪ گندي ٿيڻ کان بچي وڃي ھا پر افسوس ته ماحول سڌريو ناھي، ويتر خراب ٿي ويو آھي. بھرحال، اھڙن اڳواڻن کان چڱائيءَ جي اميد ڪرڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آھي.
ٻئي طرف، سنڌ جي گورنر (پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل) عمران اسماعيل جو تازو بيان ڇپيو آھي ته صدر اختيار ڏنو ته مان سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪندس. سچائي اھا آھي ته سندس وفاق سرڪار ۽ سندس پارٽيءَ جا ڪيترا اڳواڻ صاف صاف بيان ڏئي چڪا آھن ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪونه ٿيندو پر سنڌ جي گورنر تازو ميڊيا سان ڳالھائيندي اھڙو اعلان ڪيو آھي ته ڏاڍو اچرج ٿيو آھي. سندس چواڻي: ملڪ جي صدر اختيار ڏنو ته گورنر راڄ لاڳو ڪندس. اھڙن احتجاجي بيانن مان اھا ڳالهھ ثابت ٿئي ٿي ته اسان وٽ ڪيترا پي ٽي آءِ اڳواڻ خاص ڪري سندس سنڌ گورنر، صورتحال کي بھتر بڻائڻ بدران تباهه ڪرڻ جي چڪر ۾ رُڌل آھن. افسوس!
جيستائين گارين ڏيڻ جو سخت احتجاجي رويو آھي ته ميڊيا موجب وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شھباز گل ٽي وي پروگرام دوران سنڌ جي اقليتي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر رميش ڪمار تي ڪڙڪي پيو، مٿس سنگين الزام ھنيا ۽ کيس گهڙي گهڙي يعني بار بار گنديون گاريون ڏنائين. ٻئي طرف، حڪمران پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر رميش ڪمار جو اھو به چوڻ ھو ته پي ٽي آءِ جا ٽي وزير، پارٽي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويا آھن. جڏھن ته پي ٽي آءِ جا 33 ميمبر مختلف پارٽين سان مامرا طئي ڪري چڪا آھن، انھن ۾ ٽي وفاقي وزير به شامل آھن.
ٻئي طرف، اسٽيبلشمينٽ دعوى ڪندي رھندي آھي ته اھا بي ريا آھي ۽ ڪنھن کي سپورٽ نٿي ڪري. عام تاثر اھو آھي ته اھا ملڪ تي سندن ئي اصل راڄ آھي ۽ ھاڻوڪو حڪمران عمران خان به سندس نيت سان اقتدار ۾ آندل آھي. بھرحال، اھو به تاثر آھي ته ملڪ اندر حڪومتون سندن مرضيءَ سان ھلنديون رھنديون آھن، پر جيڪي اڻ سڌي ريت ڪنٽرول ڪري، حڪومت ھلائيندا رھندا آھن، تن جو آخر ۾ بڇڙو حال ٿيندو آھي. بھرحال، ھاڻ اسٽيبلشمينٽ جو فرمان آھي ته ملڪ جي اقتصاديات، گورننس، احتساب، چونڊ ۽ عدالتي نظام جھڙن بنيادي مامرن کي درست ڪرڻ خاطر اسٽيبلشمينٽ ھڪ فيصلي طور ايجنڊا جي تياريءَ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏ ڪري ويھارجي ۽ اھي حوصلي افزائي ڪرڻ تي راضي ٿي وڃن. جيڪڏھن ٻيئي ڌريون گڏجي ويھي ڳالھين تي راضي ٿي وڃن ته چونڊ سميت مستقبل جو فيصلو ٿي سگهي ٿو. اھو به تاثر ڏنو ويو آھي ته اليڪشن اڳ ۾ به ٿي سگهي ٿي.
جماعت اسلاميءَ جو سربراهه سراج الحق، ھونئن ته گهڻو ڪري ھر ڏھاڙي عمران خلاف اھم بيان ڏيندو رھندو آھي پر عمران خان کي اسيمبليءَ ۾ ووٽ ڏيڻ بابت تازو کل جهڙو موقف اختيار ڪيو اٿس. سندس چواڻي اڪيلو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر مولانا عبدالاڪبر چترالي غيرجانبدار رھندو مطلب ته عمران خان جي فائدي ۾ اڻ سڌي ريت ووٽ استعمال ڪندو.
انھيءَ کان سواءِ، (ق) ليگ جنھن جا پنج اسيمبلي ميمبر آھن، تن عمران خلاف پي ڊي ايم جي کليو کلايو حمايت ڪئي آھي. انھيءَ کان سواءِ، پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ)، ايم ڪيو ايم سان پراڻو اتحاد جاري رکيو آھي ڇاڪاڻ ته سندن اصل مقصد ڳاٽي ٽوڙ لاڳيتي مھانگائي ۽ بيروزگاري آڻيندڙ عمران خان کان جند ڇڏڻ آھي.
منھنجي ڇنڊڇاڻ آھي جنھن سان ڀلي اختلاف ھجن ته اسٽيبلشمينٽ جو اصل مقصد، عمران سرڪار کي مناسب تحفظ ڏيڻ آھي. جڏھن ته پي ڊي ايم اڳ به تحريڪ ھلائڻ لاءِ احتجاجي مھم ھلائي ھئي. نواز ليگ جي ھڪ اڳواڻ چواڻي کين اسٽيبلشمينٽ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ کان جهليو ھو. بھرحال، ھاڻي به اسٽيبلشمينٽ ٽنگ اڙائي ٿي. اھو اھم سوال آھي ته کين عوام سان ايڏي ھمدردي آھي ته عمران خان کان ترت استعيفيٰ وٺي، باقي مختلف طريقا استعمال ڪري سندس ناجائز سرڪار جو مدو وڌائڻ يعني مڪمل ڪرڻ ظلم آھي ڇاڪاڻ ته انھيءَ کان جيتري ترت جند ڇٽندي ته ان ۾ ملڪ جو فائدو ھوندو. بھرحال، سياسي اختلاف الڳ پر عمران سرڪار کي ھٽائڻ لاءِ ملڪ جي فائدي ۾ گڏيل جدوجھد تيز ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button