عمران خان شڪست کان ڪيترو به پري ڀڄي پر مات مسلسل هن جي ويجهو اچي رهي آهي. هو هن مهل تائين پنهنجي مک مٿان ڪانفيڊنس جو ميڪپ ملي هلي رهيو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن هن جا پنهنجي مٿان چاڙهيل اهي ليپ لهي ٿا وڃن ۽ هن جو اصل پريشان روپ پڌرو ٿي پوي ٿو. هاڻي ته هن جا پنهنجا حامي حلقا به اهو چوڻ لڳا آهن ته عمران خان جي حڪومت مشڪل بچي.
اها حڪومت جيڪا عملي طور تي ڪجهه نه ڪري سگهي. اها حڪومت جنهن عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو تاريخي بار وڌو. ان حڪومت کي بچائڻ جي سلسلي ۾ عوام اڳيان ڪيئن ايندو؟ عمران خان ته عوام وٽ مهانگائيءَ جي علامت بڻجي چڪو آهي. بازارن ۾ جڏهن به دوڪاندارن ۽ گرهاڪن جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿي پوي ٿو ته دوڪاندار عمران خان جو نالو ئي کڻي ٿو ته قيمت تي ٿيندڙ بحث پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي وڃي ٿو. هن جا ڪجهه جملا ته طنز جا تير بڻجي ماڻهو هڪ ٻئي مٿان ڪڇين ٿا. خاص ڪري هن جو اهو جملو ته هن جي سڃاڻ بڻجي چڪو آهي ته “گهبرانا نهين”. عمران خان جي حڪومت ۾ جنهن حال کي عوام پهتو آهي، ڇا اهڙو حال ڪندڙ حڪومت کي بچائڻ جي لاءِ عوام اڳيان ايندو؟ عمران خان جي حڪومت مان پاڪستان جي ماڻهو ته ڇا پر خاتون اول جي لقب واري پيرڻيءَ جا جن به بيزار ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڇا عمران خان ڪنهن ورد وظيفي ۾ مصروف نظر نه اچي ها؟ عمران خان کي پاڻ به اهو احساس ٿي ويو آهي ته هن جي حڪومت کي هاڻي ڪوئي به بچائي نه ٿو سگهي. سواءِ……..!!
سواءِ ان ڪال جي جنهن جو هاڻي سياسي ۽ صحافتي حلقا عام جام ذڪر ڪرڻ لڳا آهن. پاڪستان جي سياست ۾ هن وقت اسٽيبلشيمنٽ جو تمام گهڻو تذڪرو ٿي رهيو آهي. هن وقت “امپائر” جو مطلب ماڻهن کي تمام آسانيءَ سان معلوم ٿي ويو آهي. عمران خان چاهي ٿو ته “امپائر” هن جي مدد ڪري ۽ مخالف ڌر جو مطالبو آهي ته “امپائر” اڻ ڌريو رهي. عمران خان هاڻي ته اها وضاحت به ڪري چڪو آهي ته هن اڻ ڌرئي يا نيوٽرل لاءِ “جانور” جو لفظ ان معنيٰ ۾ استعمال نه ڪيو، جنهن معنيٰ ۾ ان کي ورتو ويو آهي يا ورتو وڃي پيو. عمران خان لاءِ هن مهل صرف هڪ ئي آسرو آهي ته ڪنهن طرح سان سندس اقتدار جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ اهو ڪردار ادا ڪري، جنهن ڪردار جو عمران خان پاڻ به مخالف رهيو آهي.
عمران خان جي ڪوشش هئي ته هو پاڪستان جي سياسي ٻوڙ کي مغربي ڪلچر جو تڙڪو هڻي پيش ڪري ۽ اها دعويٰ ڪري ته هن پاڪستان جي سياست ۾ تمام وڏي بلڪه عالمي سطح جي تبديلي آندي آهي پر مزي جي ڳالهه اها هئي ته هن وٽ اهڙي ٽيم ئي نه هئي، جيڪا پاڪستان جي سياست ۾ اهو پرفارم ڪري سگهي. ان حوالي سان عمران خان جا سمورا اعلان ۽ هن جي اڪثر واعدا هن جو پتو پڇا ڪندا رهيا. هاڻي ته عمران خان شڪست جو اهڙو باب بڻجي چڪو آهي جو ماڻهو هن کي مات جا سبب به پڇا نه ٿا ڪن. عمران خان جي سياست جنهن طريقي سان ناڪام ٿي آهي، اهڙي ناڪامي هونءَ ته جنرل ضياءَ کان پوءِ اقتدار ۾ ايندڙ لڳ ڀڳ سمورن حڪمرانن جي حصي ۾ آئي آهي پر عمران خان جو خاص طور تي ذڪر ان ڪري ضروري سمجيهو وڃي ٿو جو عمران خان جي لاءِ هن ملڪ جي نوجوانن ۾ هڪ طرح جي اميد هئي.
اها تحريڪ انصاف نه هئي. اها تحريڪ اميد هئي. اهو عمران خان جو زوال ناهي. اهو ان اميد جو زوال آهي، جيڪا اميد ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ٿي هئي ۽ ماڻهن سوچيو هو ته واقعي “جڏهن عمران خان ايندو ته هن ملڪ جو مان ۽ شان وڌي ويندو. تڏهن پاڪستان جو هڪ نئون تصور عمل ۾ ايندو” پر ڇا ٿيو؟ جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو اسان جي اکين آڏو آهي. ان ڪري ئي ته هن مهل سوشل ميڊيا تي عمران خان جي حمايت ۾ ٺهيل گيت جي پيروڊي تمام گهڻي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن جا اڪثر مخالف ڳائي ٻڌائين ٿا ته “جڏهن عمران ويندو ته هي ملڪ بچي ويندو” جڏهن ته ملڪ جا ناميارا اقتصادي توڙي سياسي ماهر ان خيال جا آهن ته عمران خان جي وڃڻ سان پاڪستان جي عوام لاءِ ڪنهن به طور تي سکيا ڏينهن نه ايندا. پاڪستان هن وقت جنهن اقتصادي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان جو انت عمران خان جي وڃڻ سان نه ايندو. ان جي ابتڙ ان ڳالهه جا امڪان وڌيڪ آهن ته عمران خان جي وڃڻ سان ملڪ جو معاشي مسئلو پهريان کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندو ۽ اهو ڪجهه ٿيندو، جنهن جو عوام کي شايد ان وقت احساس ئي ناهي. عمران خان جيڪڏهن حڪومت هلائيندو رهيو ۽ هن پنهنجو مدو پورو ڪيو ته عوامي زندگيءَ ۾ پيدا نه ٿي سگهندڙ خوشحاليءَ جي ناڪاميءَ جو سمورو بار عمران خان جي ڪلهن تي پوندو ۽ عمران خان شايد پنهنجي شڪست جي ملبي مان ٻاهر اچي عوام سان بااعتماد بڻجي اکيون نه ملائي سگهي ها پر جيڪڏهن هن کي هٽائي جيڪڏهن مخالف ڌر اقتدار ۾ ايندي ته اها هڪ سال جي لاءِ پاڪستان ۾ ڪا هٿرادو خوشحالي به نه آڻي سگهندي ۽ عمران خان پنهنجي حڪومت جي مجموعي ناڪامي مخالف ڌر جي کاتي ۾ درج ڪندو ۽ هو اهائي دعويٰ ڪندو ته جڏهن هن جي حڪومت جو وڻ ڦل ڏيڻ وارو هو ته ان کي مخالف ڌر ڪرپشن جون ڪهاڙيون هڻي ڪٽيو. ان صورت ۾ عمران خان سموري چارج مخالف ڌر جي مٿان فريم ڪندو ۽ مخالف ڌر کي هڪ سال جي لاءِ اقتدار تمام گهڻو مشڪل پوندو. اها ڪا مشڪل ڳالهه ناهي. ان کي سمجهڻ جي لاءِ اٺ ڪتابن جا نه گهرجن. پر عمران خان پوءِ به اقتدار سان ان لاءِ چنبڙيو پيو آهي جو اقتدار شيءَ ئي اهڙي آهي. جيڪڏهن اقتدار اهڙي شيءَ نه هجي ها ته ڇا نواز شريف ايترو خوار خراب ٿيڻ جي باوجود ۽ شهباز شريف عمر ۽ صحت جي اهڙي حال هجڻ جي هوندي به اقتدار جي آڱر چٽڻ لاءِ ڇو آتا آهن ۽ ڇو اقتدار جو آسرو ملندي ئي آصف زرداري تشويشناڪ صحت جي صورتحال واڪنگ اسٽڪ سميت وساري ملڪي سياست جي ميدان ۾ لٿو آهي ۽ هن ۾ وري اميد پيدا ٿي آهي ته هن لاءِ ڪوئي عهدو عمل ۾ اچي سگهي ٿو.
پاڪستان جي مجموعي سياسي صورتحال ۾ عمران خان جا باقي بچيل سڄڻ ۽ خيرانديش هن کي اها صلاح ڏيندا هوندا ته هو پنهنجي اقتداري ناڪاميءَ جو پورو بار مخالف ڌر جي مٿان وجهي پاڻ عوام جي همدردي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ نڪري پوي پر هڪ ته عمران خان کي اهو خوف به آهي ته هن کي اقتدار مان آئوٽ ڪري هن جي مٿان جيڪي ڪيس مڙهيا ويندا، انهن جي ڪري هو تمام گهڻو پريشان ٿيندو پر هن کي اهو به ته سوچڻ گهرجي ته پاڪستان جي سياست ۾ اهو ته عام طور تي ٿيندو ئي رهندو آهي. اهو سڀ ڪجهه ته پاڪستاني سياست جو ڪلچر آهي. اهو ڪلچر جنهن کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ عمران خان آيو هو ۽ ان ڪلچر عمران خان کي تبديل ڪري واپس اماڻي ڇڏيو. ڇو ته ڪا به شيءَ جڏهن اها ڪلچر جو روپ اختيار ڪري وٺندي آهي ته ان جي سگهه تمام گهڻي سرس ٿي ويندي آهي. عمران خان پاڪستان جو سياسي ڪلچر تبديل نه ڪري سگهيو پر پاڪستان جي سياسي ڪلچر عمران خان کي تبديل ضرور ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي ته عمران خان عزت سان آئوٽ ٿيڻ بدران امپائر جي مدد حاصل ڪري اڃان تائين کيڏڻ چاهي ٿو. جڏهن ته هن وقت هن جي لاءِ بالنگ ڪرڻ کان بهتر ٻيو ڪو آپشن نه آهي. عمران خان جيڪڏهن متل ميلي مان آئوٽ ٿي وڃي ٿو ته هن ۾ ڪافي ڪشش هوندي پر جيڪڏهن هو پنهنجو مدو پورو ڪري نڪتو ته شايد هن جي آواز ۾ اها اپيل نه هجي، جيڪا هجڻ جو هڪ سياستدان کي فائدو ئي پوندو آهي. هن کي هن جا سڄڻ ساٿي جيڪو مشورو به ڏيندا، اهو هن کي هن وقت سمجهه ۾ نه ايندو. ڇو ته اقتدار ۽ اهو به خاص طور تي پاڪستان جو اقتدار پڪي پختي سياستدان جي عقل جو فيوز اڏارڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. هن ملڪ جي نوجوانن سمجهيو هو ته پاڪستاني سياست عمران خان کي پاڻ جهڙو نه ڪري سگهندي پر اهي اهڙي شرط هارائي ويا آهن. ڇو ته عمران خان پاڪستاني سياست کي تبديل ڪرڻ بدران پاڻ تبديل ٿي ويو آهي ۽ هو پنهنجي ختم ٿيندڙ اقتدار تي جهڙي طرح پاڪستان جي عام سياستدانن وانگر پار ڪڍي رهيو آهي، هن جي حالت واقعي رحم جوڳي آهي.
اقتدار ڪيتري نه بري آزمائش جو نالو آهي. اهو انسان کي ڪيترو نه ڪيرائي وجهي ٿو! ڇا ڪنهن ڪڏهن سوچيو به هو ته اهو عمران خان جو اهڙو حال ڪندو جو عمران خان به هڪ سال وڌيڪ ڪرسي تي ويهڻ جي لاءِ هِن هُن جا پير پڪڙڻ جي لاءِ مجبور ٿي پوندو. هو جيڪو پنهنجن منحرف ميمبرن کي واپس اچڻ جي لاءِ ايلاز ڪري رهيو آهي، اهو طاقتور شخصيتن سان هن وقت ڪهڙي طرح پيش ايندو هوندو؟ جڏهن ته عمران خان جي اهڙي شخصيتي زوال تي هن جي بااصول مخالفن کي افسوس ٿي رهيو هوندو. ڇو ته عمران خان بيعزتيءَ سان کيڏڻ بدران عزت سان آئوٽ ٿيڻ ۾ يقين رکندڙ رانديگر هو پر اڄ هو امپائر جي آڱر کي ڪيتري نه مجبور اکين سان نهاري رهيو آهي!!