ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي ڪلچر ۽ جمهوري قدر

Editorial

وزير اعظم عمران خان خلاف جڏهن کان مخالف ڌر تحريڪ اعتماد جمع ڪرائي آهي ته ان وقت کان وٺي سياسي گرمي ڪجهه وڌي وئي آهي. هڪٻئي تي الزامن جو سلسلو به وڌيو آهي ته سياسي ڪلچر ۾ گهڻي ڪڙاڻ کي به محسوس ڪري سگهجي ٿو. سياست هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن ۾ پنهنجي ڳالهه رکڻ جو فن رکندڙ سياستدان کي ماهر سمجهيو ويندو آهي، ان ۾ جنهن جو لهجو جيترو نرم ۽ نوڙت وارو هوندو آهي، اهو اوترو ئي ڪامياب سياستدان ليکيو ويندو آهي. پر هاڻوڪن ڏينهن ۾ وزير اعظم عمران خان جو لهجو پنهنجن مخالفن خلاف نه رڳو سخت آهي پر اهو نفرت سان ڀريل به نظر اچي رهيو آهي. هو نه رڳو پنهنجن مخالفن جا غلط نالا وٺي ٿو پر انهن لاءِ الڳ الڳ تشيبهون به استعمال ڪري رهيو آهي، جن کي هتي ورجائڻ نامناسب لڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪوبه سياستدان جيڪو ملڪ لاءِ سياست ڪندڙ هجي، ان جي نظرين، سندس پارٽي منشور ۽ شخصيت سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر ڪنهن جي ذات تي حملا ڪرڻ يا اڌ نالن سان سڏڻ ڪنهن به ريت هڪ ملڪ جي وزير اعظم کي نٿو سونهين. ڇاڪاڻ ته سياست جي ڪلچر کي گندو ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته اسين سموري سياسي ڪلچر کي بدبودار ڪري غيرجمهوري قوتن کي اهو نياپو ڏئي رهيا آهيون ته سياستدان ڪنهن به ريت فضيلت واري ٻولي نه ڳالهائيندا آهن ۽ اهي سدائين هڪٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ لڳا پيا هوندا آهن.
ڪالهه وزير اعظم عمران خان مانسهرا ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪيو، سندس تقرير جو هدف وري به مخالف ڌر هئي، خاص طور تي آصف زرداري، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان. جن کي هو مختلف لقبن سان سڏي مخاطب ٿيندو رهيو. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کان وٺي ان جي وزيرن توڙي مشيرن تائين سڀئي ملڪي سياست ۾ گارگند کي هٿي ڏيندا رهيا آهن. جنهن جي ڪري جيڪا اسهپ ۽ سياسي تماشو نظر اچي رهيو آهي، اهو هن ملڪ جي سياسي ڪلچر توڙي سياست لاءِ ڪو بهتر عمل ڪونهي. جنهن جي جيتري نندا ڪجي سا گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته سياسي طور اختلاف رکڻ نه رڳو عمران خان جو حق آهي پر هر سياستدان جو حق آهي ۽ اهو جمهوريت ۾ ٿيندو رهندو آهي. جڏهن اختلاف راءِ رکبي آهي ته ان جا به ڪي اصول هوندا آهن. عمران خان جي هاڻوڪين تقريرن ۾ سندس اختلاف راءِ گهٽ ۾ پنهنجن سياسي مخالفن لاءِ نفرت وڌيڪ نظر اچي ٿي، ان ڪري سندس شخصيت جي حوالي سان جيڪا ساک ماضي ۾ جڙيل هئي، ان کي نقصان پهچي رهيو آهي. اسين اڳ به اهو بيان ڪري چڪا آهيون ته عدم اعتماد هڪ جمهوري ۽ آئيني عمل آهي. جنهن کي مخالف ڌر وارا ماضي ۾ به استعمال ڪندا رهيا آهن ۽ جڏهن به اهو اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو آهي ته ماضي ۾ ان جي آجيان ڪئي وئي آهي. ان کي بهتر نموني سان سرانجام ڏنو ويو آهي پر هاڻ اهڙي ڪهڙي قيامت اچي وئي آهي جو عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ آپي کان ٻاهر نڪري وئي آهي ۽ ملڪ ۾ هڪ اهڙو سياسي ماحول پيدا ڪيو ويو آهي، جو گهڻا سياسي معاملا مونجهاري جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. جڏهن ته هاڻوڪي سياسي راند ۾ اڃا تائين اهو چٽو نظر نه پيو اچي ته ڪنهن کي ناڪامي ملندي. پر تنهن هوندي به ڄڻ ته وزير اعظم عمران خان شڪست جي ڊپ کان اهڙيون تقريرون ڪري رهيو آهي، جنهن سان ڪو آئيني بحران پيدا ٿي وڃي ۽ ان کان پوءِ غيرجمهوري قوتن کي پوري جمهوري نظام جي تڏا ويڙهه ڪرڻ جو جواز ملي وڃي.
پي ٽي آءِ جنهن سياسي ڪلچر کي هٿي ڏئي رهي آهي، اهو ڪنهن به ريت قبول نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ عوام هن قسم جي سياسي ٻولي استعمال ٿيندي نه ٻڌي آهي. جيڪا هن وقت وزير اعظم استعمال ڪري رهيو آهي. ان مان اهو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو ته وزير اعظم پنهنجي مزاج ۾ سياسي نرمي اختيار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ هو ڪاوڙ ۾ اچي ماحول کي ته خراب ڪري رهيو آهي، سياسي ماحول ويتر گندو ڪري رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومتي ڌر کي گار گند کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ان کان سواءِ پنهنجن مخالفن کي غلط نالن سان سڏڻ توڙي انهن کي عجيب غريب لقب ڏيڻ کان پرهيز ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هڪ صحتمند سياسي ڪلچر ئي بهتر سماج کي جنم ڏيندو آهي ۽ اهو جمهوريت جي گهرج پڻ آهي. بهتر سياسي ڪلچر جمهوري قدرن جو حصو آهي. جنهن جي اهميت کي هر سياستدان کي نه رڳو سمجهڻ گهرجي پر ان تي عمل به ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button