مشتاق گبول، سنڌي ادب ۾ ڄاتل سڃاتل نالو آھي. هُن جي سڃاڻپ جو خاص حوالو ته شاعري ئي آھي، پر شاعريءَ کان سواءِ هو اخبار ۾ خاڪا به لکندو رھيو آھي. سليم چنا جي واين تي آڌاريل ڪتاب “گهٽيون گهاءُ ڏين ٿيون” جو تفصيلي مهاڳ به لکيائين، جنهن ۾ وائي ۽ ان جي گهاڙيٽن تي باريڪ بينيءَ سان نظر وڌل آھي. ايئن سمجهو ته اهو مهاڳ وائيءَ تي هڪ دستاويز آھي. ان کان سواءِ سندس ڪتاب “شاعري جون صنفون”، “سنڌ جي صوفياڻي شاعري”، “سنڌي مضمون” شاعريءَ جا ٻه ڪتاب “چوڙين جو سُڏڪو” ۽ “خوابن جا رنگ” ايم فل مقالو “سنڌي شاعريءَ ۾ دوهي جي روايت ۽ پسمنظر” ۽ “جذبات ڀاشا” (هندي دوھن جو ترجمو ) شامل آھن.
جيڪي ماڻھو ادب کي سياسي، سماجي حالتن يا سياست کان الڳ ڪري ڏسندا آھن؛ مون کي خبر ناهي ته انهن ماڻھن جو قد ڪيترو هوندو آھي؟ پر پاڻ جيڪو سکيو آھي سو ڪامريڊ لينن جي لفظن ۾ هينئن آھي ته “تخليق جي ڪسوٽي عمل ئي آھي.” شيخ اياز اسان جو اتساهه آھي، نالو کڻڻ يا ٻُڌڻ شرط ئي ذھن ۾ هڪ وشال قد رکندڙ پربت جو تصور اڀري ايندو آھي ۽ ان تصور جي ڪري اڪثر عقيدت ڀريل جذبات سوچن تي حاوي ٿي ويندا آھن ۽ ڳالهائڻ اپشگن سمجهيو ويندو آھي.
پر ڳالهائڻ گهرجي، لکڻ گهرجي. اهو ئي شيخ اياز سان محبت ڪرڻ ان کي مان ڏيڻ ليکبو. شيخ اياز جي شاعريءَ ڏانهن اينداسين ته اسان کي هن جي شاعريءَ ۾ موضوعن جي وسعت سان گڏ نواڻ به ججهي ملندي.
“شيخ اياز جا آزاد نظم” مشتاق گبول جو تازو ڇپيل ڪتاب آھي. جنهن جو موضوع تنقيد آھي، جيڪا شيخ اياز جي آزاد نظمن تي ڪيل آھي. هن ڪتاب جي شروعات ۾ جيڪو آزاد نظم جو تعارف پيش ڪيل آھي. اهو ليکڪ 2017ع ۾ مرتب ڪيل پنهنجي ئي ڪتاب “شاعري جون صنفون” مان کنيو آھي.
آزاد نظم بابت سائين شمشر الحيدري سنڌي شاعريءَ جو اڀياس ۾ لکي ٿو ته “آزاد شاعري موضوع ۽ هيئت جي لحاظ کان اسان جي روايتي مروج شاعريءَ جي لازمي ۽ بنيادي اصولن کان بلڪل بي نياز آھي. آزاد شاعريءَ ۾ نه فقط قافيي ۽ رديف جي پابنديءَ کان انحراف آھي، پر ان سان گڏ اسلوب ۽ فرسودہ مواد کان بغاوت ئي صحيح نموني ۾ آزاد شاعريءَ جو فن آھي.”
سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي شروعاتي لکندڙن ۾ سوڀراج، فاني، شيخ اياز، شيخ راز، نارائڻ شيام، بردو سنڌي، سڳن آھوجا ۽ شمشيرالحيدري شامل آھن. ان کان پوءِ ھري دلگير، امداد حسيني، قمر شھباز، نعيم دريشاڻي، تنوير عباسي، بشير مورياڻي، گورڌن محبوباڻيءَ جا نالا سر فهرست آھن، جن هن صنف کي سنڌي ۾ عروج بخشيو.
اياز پنهنجي ڪتاب “ڀؤنر ڀري آڪاس” جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو: “آزاد نظم شعري ڪيفيت جو آزادانه جولان آھي ۽ نه بي راهه روي، جيئن عام طرح سمجهيو ويندو آھي. دراصل آزاد نظم ۾ مقفيٰ نظم کان زيادہ ترنم ۽ فني صلاحيت جي اظھار جي گنجائش آھي”.
“ڀؤنر ڀري آڪاس” ۾ شامل آزاد نظمن جو انگ ويهھ آھي. ۽ ان ۾ شامل ڪجھه نظمن تي الڳ الڳ مضمون لکي، انهن تي ڳالهايو ويو آھي ۽ ڪجھه نظمن تي مجموعي طور ڳالهايو ويو آھي.
شيخ اياز اهو شاعر آھي، جنهن پنهنجي تخليقن وسيلي سنڌي ادب توڙي سنڌ جي ماڻھن کي جيڪو اتساهه ڏنو، اهو ورهاڱي کان پوءِ واري ڪاري دؤر (اهو ون يونٽ هجي يا آمريتي دؤر) ان تخليقي مزاحمت ۾ هن سان ڪير به ڪلهو نٿو ملائي سگهي. اياز ديس کي ياد ڪندي سکي کي نه وساريو آھي. هن وٽ سدائين اکيون کليل ئي رهيون. ۽ انهن کليل اکين سان هن جيڪي نج سنڌي ٻوليءَ ۾ بيت لکيا، اُهي به پنهنجي پر ۾ شاهڪار آھن.”شيخ اياز جا آزاد نظم” ۾ اياز جي آزاد نظمن تي جديد سائنسي نظرين پٽاندر ڳالهايو ويو آھي.
“اياز عاشق هو. فطرت پسند هو، فطرت پسنديءَ جو لاڙو اياز جي نظمن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. اياز پنهنجي آزاد نظمن ۾ زندگي ۽ ڪائنات کي فلسفياڻي نقطه نظر سان ڏٺو آھي. اياز جي اڪثر نظمن ۾ فطرت پرستي ۽ فرد جي انفرادي آزاديءَ کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آھي.”
مجموعي طور هن ڪتاب ۾ آزاد نظمن جا تنقيدي ۽ تجزياتي مطالعا، اياز جي نظمن ۾ آدرشي ڪردارن جي تصور، ڪارپوريٽ ڪلچر، موت جي تصور ۽ نظمن جا فني ۽ فڪري جائزا ورتل آھن. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “ڀؤنر ڀري آڪاس” جي پيش لفظ ۾ ئي لکيو هو ته هو پنهنجي هيءَ تخليقي محنت وقت جي حوالي ڪري ٿو ۽ هن جون تخليقون بدلجندڙ دنيا ۽ جديد قدرن آڏو ٽڪي سگهن ٿيون يا نه اها ڳالهھ هو وقت تي ڇڏي ٿو.
1962ع ۾ ڇپيل “ڀؤنر ڀري آڪاس” کي اڄ سٺ سال گذري ويا آھن. اڌ صديءَ کان وڌيڪ وقت گذري وڃڻ باوجود اياز جي تخليقن جي جوت جهيڻي نه ٿي آھي ۽ ان مان اها ڳالھه واضح ٿئي ٿي ته “اياز ايندڙ نسلن جو شاعر آھي.” اڄ اياز اسان وٽ جسماني حوالي سان موجود ته ناهي. پر هو پنهنجي فڪر يعني تخليقن وسيلي ٻوليءَ جي هنج ۾ گُلن وانگر ۽ ادب جي اُڀ تي چنڊ وانگر چمڪي رهيو آھي. مشتاق گبول تنقيد جي موضوع تي “شيخ اياز جا آزاد نظم” جهڙو ڪتاب ڏئي، هڪ بهترين ڪم ڪيو آھي. ڪتاب ۾ نظمن تي تفصيلي اوک ڊوک ٿيل آھي ۽ تخليقن جو ڪو به پاسو ڳالهائڻ کان رهجي نه ويو آھي.
مشتاق حساس طبعيت سان گڏ خاموشيءَ سان ڪم ڪندڙن مان آھي ۽ هيءَ جيڪو هن پنڌ ڪيو آھي، اميد آھي ته اهو پنڌ هو اڳتي به جاري رکندو. نت نون موضوعن تي تخليقي تحقيقي توڙي تنقيدي ڪتاب هو سنڌي ادب جي پاٺڪن تائين پهچائيندو رهندو.