ڇا بي اعتمادي رٿ تي پيدا ٿيل بحران 25 مارچ جي اجلاس سڏائڻ کان پوءِ ڪجھه امڪاني حد تائين جھڪو ٿيو آهي يا وڌيڪ شدت سان امڪان پيدا ٿيڻ جو خطرو محسوس پيو ٿئي؟ ڇو ته اجلاس کان پهريان پوري رات ميڊيا ۽ سياسي حلقن ۾ حڪومت جي ڌر جي پاران اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وزير اعظم پارٽي جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي ته 25 تاريخ تي اجلاس جي شروعات ۾ فوتي ايم اين اي جي دعا گھرائڻ کان پوءِ ڏيڍ مهيني تائين اجلاس اسپيڪر قومي اسيمبلي ملتوي ڪري ڇڏيندو. 25 مارچ جو اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي پنهنجي ڪروڌي ڪيفيت ۾ نظر اچي رهيون هيون مخالف ڌر اڻ سڌيءَ طرح سان ميڊيا تائين پنهنجي حڪمتِ عملي اهائي ليڪ ڪئي هئي ته جيڪڏهن اجلاس مهيني ڍيڍ تائين ملتوي ٿيو ته پوءِ هو اسيمبلي هال جي اندر ڌرڻو هڻي ويهي رهندا. حڪومت کي اها پوري پوري ڄاڻ هئي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ان صورتحال جو احساس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي به هو. اجلاس شروع ٿيڻ سان ئي مغفرت جي دعا کان پوءِ اسپيڪر پنهنجي رولنگ ڏيندي صاف لفظن چيو ته وزير اعظم جي بي اعتمادي رٿ تي سومر جي شام جو اجلاس گھرائي بحث ڪيو ويندو ۽ انهيءَ کان پوءِ اهو امڪان پوئتي دٻجي ويو ته حڪومت غير آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي پاليسي تي قائم آهي.
ممڪن آهي ته حڪومت سومر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪي ٻيا هٿ ڪنڊا استعمال ڪري بي اعتمادي رٿ کي پيش ڪرڻ ۾ ڪي رڪاوٽون پيدا ڪري، ڇو ته اجلاس جي ملتوي ٿيڻ کان پوءِ اپوزيشن ڌر ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ٿي سگھي ٿو حڪومت ڪي غير جمهوري ۽ غير آئيني هٿڪنڊا استعمال ڪري ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته هو سخت مزاحمت ڪندا. ساڳي طرح حڪومت جي طرفان وزير خارجه شاھه محمود قريشي پريس جي آڏو جنوبي پنجاب صوبي جو بل ميڊيا کي ڏيکاريندي چيو ته هن “اسپيڪر وٽ اهو بل جمع ڪرايو آهي ۽ ايندڙ سومر تي اجلاس ۾ انهيءَ تي بحث ڪرايو ويندو” اهو به ممڪن آهي ته اسيمبلي جي اجلاس ۾ پهريون نقطو وزير اعظم تي بي اعتمادي جي رٿ جو هجي يا حڪومت جي طرفان ڦٽي ڪيل سياسي ڦٽاڪي جنوبي پنجاب جي صوبي جو بل زير بحث اچي.
تعجب آهي ته هڪ اهڙي موقعي تي پي ٽي آءِ سرڪار کي اهو بل ياد آيو آهي جڏهن سندس حڪومتي ڏينهن ختم ٿيڻ جي ويجھو وڃي رهيا آهن انهيءَ کان پهريان اهڙو ئي بل ن ليگ جي طرفان سينٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو. حڪومت ان تي ڪو به سنجيدا رويو اختيار نه ڪيو ۽ بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي فائلن ۾ دٻجي ويو. پر هن وقت بحث جو ڊائريڪشن چينج ڪرڻ جي لاءِ جنوبي پنجاب يعني سرائيڪي بيلٽ جي سياسي تضاد کي اڀاري پنهنجون سياسي همدرديون وڌرائڻ جي لاءِ هڪ اهڙو گوڙ ڪرائڻ جي ڪوشش ٿيندي جنهن سان ٽڪراءُ ٿئي. هي به امڪان آهي ته انهيءَ اجلاس ۾ يعني 28 مارچ جي اجلاس ۾ ڪو اهڙو سياسي تضاد اڀاريو وڃي يا اهڙي چپڪلش پيدا ڪرائي وڃي جو اسپيڪر کي اجلاس ملتوي ڪرڻ جو ڪو جواز ملي وڃي. انهيءَ جو وڌيڪ اشارو اسان کي تڏهن ملندو، جڏهن 27 مارچ تي عمران نيازي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندو، يعني جلسو ڪندو.
گھڻو امڪان اهو آهي ته اهو جلسو عمران خان جي مستقبل جو سياسي اعلان هوندو. هن وقت تائين بي اعتمادي رٿ کي جنهن طريقي سان حڪومت ڊيل ڪيو آهي انهيءَ مان لڳي ائين ٿو ته عمران خان هڪ شديد ٽڪراءُ چاهي ٿو ڇو ته پهريان هن ڊي چوڪ تي جلسي ۽ ڌرڻي سان قبضي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته ان کان پهريان پي ڊي ايم يعني بي اعتمادي رٿ کان به پهريان مهانگائي خلاف احتجاجي مارچ جو اعلان ڪيو هو، جيڪو 23 تاريخ تي رکيل هو. او آءِ سي ٿيڻ جي ڪري پي ڊي ايم جلسو پوئتي ڪيو پر حڪومت 27 تاريخ تي جلسي جو اعلان ڪندي، اهو ئي تاثر ڏنو ته سندس ايم اين اي ۽ اتحادي ان جلسي يعني ماڻهن جي انبوھه مان ڪراس ڪري ووٽ ڏيندا ۽ واپس ايندا ته به ماڻهن وٽان ئي گذرڻو پوندو يا عمران خان جنهن طريقي سان منحرف ٿيندڙ ايم اين ايز کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته هو نه گھرن ۾ رهي سگھندا ۽ نه انهن جي اولاد تعليم حاصل ڪري سگھندي ۽ نه وري انهن جون شاديون ٿي سگھنديون، اهڙين ڌمڪين کان پوءِ جيڪو ري ايڪشن سامهون آيو آهي اهو ٻڌائي ٿو ته حڪومت عوام جي يا ٻين آزاد ڌرين جي ڪا به پرواھه نٿي رکي.
پاڻ جانبداري ۽ غير جانبداري جي بحث ۾ به نٿا وڃون پر بي اعتمادي جي رٿ تي عمران نيازي جيترو چڙيل نظر اچي ٿو ۽ جيڪي ڌمڪيون هو مخالف ڌر کي ڏئي ٿو انهيءَ مان صاف اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ جي بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي تڏهن به هو پنهنجي بچيل سچيل سياسي طاقت سان وڌ کان وڌ ٽڪراءَ ۽ بحران پيدا ڪندو ۽ جيڪڏهن هو رٿ کي ناڪام ڪري ٿو وڃي (جنهن جو امڪان تمام گھٽ آهي) ته ان صورت ۾ به هو مخالف ڌر کي هڪ غير جمهوري ۽ حڪومت طاقت سان ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو هن وقت تائين هن انتظامي حڪومتي ڪارڪردگيءَ ۾ جيڪو مظاهرو ڪيو آهي اهو انتهائي لاپرواهي ۽ تڪبرانا ئي رهيو آهي. ٿي سگھي ٿو ته هن کي مخالف ڌر جي طاقت جو اندازو تمام گھٽ هجي، ڇو ته هن وقت تائين مخالف ڌر پنهنجي طاقت جو مظاهرو جلسن کان سواءِ ڪو به نه ڪيو آهي. ڇو ته کيس جيڪا قوت انهن کي روڊن تي اچڻ کان روڪي رهي هئي، انهيءَ کان به وڌيڪ مخالف ڌر پاڻ به نه ٿي چاهيو ته سياسي تحريڪ عوام جي طاقت سان اڳتي وڌي، ليڪن جيڪڏهن معاملو شدت تائين پهتو ته پوءِ مخالف ڌر اهوئي هٿيار استعمال ڪندي، جنهن کان هن وقت تائين هن لنوايو آهي پر جيڪڏهن عمران خان سياسي ميدان تي لهي ٿو جنهن جو امڪان وڌيڪ آهي ته پوءِ اهو هن جي لاءِ هڪ وڏو امتحان هوندو.
عمران خان جيڪو باربار چوندو رهيو آهي ته هو آخري بال تائين وڙهندو، ليڪن هن کي اهو يقينن ذهن ۾ هوندو ته سياسي مزاحمت ۾ آخري بال نه هوندو آهي. بلڪه مسلسل ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد هجي ٿي هن هن وقت تائين جيڪا به جدوجهد ڪئي آهي اها مخالف ڌر کي يا پاڻ سواءِ ٻين پارٽين کي چور ۽ ڪرپشن طعنن ۽ تنقيدن کان سواءِ ڪجھه ناهي ڪئي ۽ هن وٽ صرف ۽ صرف سافٽ ميلائي جدوجهد جو تجربو رهيو آهي سخت مزاحمت جنهن ۾ سول نافرمانيءَ جي تحريڪ، جيل ڀريو تحريڪ هجي ٿي. اهو تجربو ۽ اها جرئت پي ٽي آءِ ۾ پري پري تائين نظر ڪو نه ٿي اچي. حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ هڪ وڏو اسڪينڊل هي سامهون آيو آهي ته غير ملڪي فنڊ جيڪي پي ٽي آءِ کي مليا آهن، انهن ۾ تمام گھڻيون بي ضابتگيون ٿيل آهن ۽ ٻيو هن پارٽي جي بنيادي ڪارڪن کي اقتداري ڏينهن ۾ مايوس ڪيو آهي. هاڻي مستقبل جا ٽڪراءَ جيڪڏهن شديد مزاحمت وارا هو اڀارڻ جي ڪوشش ڪندو ته عمران نيازي وٽ اها طاقت تمام گھٽ آهي پر مخالف ڌر پاڻ وٽ پارٽي جي اندر اهڙو سيڪشن رکي ٿي، جو اهي سخت کان سخت ٽڪراءُ ڪري سگھن ٿا. هن وقت تائين حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ٽڪرائن ۾ پلڙو ڀاري مخالف ڌر جو اچي رهيو آهي جنهن نه رڳو سندس پارٽي کي ڪمزور ڪيو آهي پر انهيءَ کان وڌيڪ هن امپائر کي نيوٽرل ڪرڻ لا وڏي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ جيڪي ٽڪراءَ پيدا ٿيندي نظر اچن ٿا انهيءَ ۾ حڪومت جو پلڙو ڪمزور ۽ اپوزيشن جو ڀاري نظر اچي ٿو. ڇا عمران خان ڌيرج ۽ بردباري کان ڪم وٺي جمهوريت پسند رويي جي هڪ نئين تاريخ لکندو يا هڪ اهڙي تاريخ جيڪا کيس تاريخ جي اونداهي دور ۾ پهچائي ڇڏيندي؟