ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان کي گھر روانو ڪرڻ تي اتفاق..!

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

ھڪ ئي ڏينھن ٻھ اھم معاملا سامھون آيا آھن، ھڪ طرف قومي اسيمبلي جو اجلاس تھ ٿيو، پر ان ۾ وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي حوالي سان ٺھراءَ پيش نھ ٿيو، اسپيڪر ائين تاثر ڏنو ڄڻ ھو وڏو روايت پسند ھجي، گھٽ ۾ گھٽ عمران خان اھڙو ڪوبھ مثال قائم نھ ڪيو آھي، ھاڻ معاملو تھ 28 مارچ تائين ھليو ويو آھي، پر مخالف ڌر کي نھ صرف ايوان ۾ ڳالھائڻ نھ ڏنو ويو، پر مخالف ڌر جي اڳواڻ جو مائيڪ بھ بند ڪيو ويو، ان سان گڏ مخالف ڌر جي ڪاوڙ بھ ڏسڻ وٽان ھئي، اجلاس ۾ مخالف ڌر جا 159 ۽ حڪومتي ڌر جا صرف 80 ميمبر ھئا، اجلاس تھ روايتي انداز ۾ ھلايو ويو ۽ ھي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تھ وزير اعظم کي غير معمولي انداز سان گھر موڪلڻ جو ڪوبھ بندوبست نھ ڪيو ويو ۽ ھو جيئن جو تيئن اقتدار ۾ رھندو. ھي بھ ڏٺو ويو تھ حڪومتي اتحادي بھ حڪومتي بينچن تي ويٺل ھئا ۽ ھي تاثر ڏئي رھيا ھئا تھ اھي وقت کان اڳ پنھنجا ڪارڊز شو نھ ڪندا. ھينئر بھ پي ٽي آءِ تاثر ڏئي رھي ھئي تھ وزير اعظم وٽ ٽرمپ ڪارڊ آھي، جيڪو ھو 27 مارچ تي جلسي ۾ ظاھر ڪندو. اڄوڪي شو مان ھي سڀ مليو تھ حڪومتي ڌر جو مورال ڊائون ھو ۽ اھا وڏي پريشاني ۾ ورتل ھئي، اسپيڪر بھ عمران خان کي لائيف لائين ڏيارڻ لاءِ ننھن چوٽي جو زور لڳايو، پر بڪري مان ڪب تڪ خير منائي گي! حڪومت جي پيرن ھيٺان زمين نڪري چڪي آھي، اتحادي جن جي باري عمران خان جا خيال ڪڏھن بھ نيڪ نھ رھيا، انھن کي ھو رڳو مجبوري ۾ پاڻ سان گڏ رکي رھيو ھو، پر ھاڻ اتحادين جي دل ڀرجي وئي، انڪري اھي کلي عام چئي رھيا آھن تھ ھنن جي دل مخالف ڌر سان ڌڙڪي ٿي. سپريم ڪورٽ بھ ھي تاثر ڏنو تھ ھي سياسي معاملو آھي ۽ اھا صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏيڻ بدران واپس ڪري سگھي ٿي. ھي ھڪ نھ پر پنجن مان ٽن ججن رمارڪس ۾ ريفرنس واپس ڪرڻ جو اشارو ڏنو.
اسٽيبلشمينٽ ھجي، پارلياماني ايوان ھجن، عدليا ھجي يا وري حڪومتي اتحادي سمورا ان ڳالھه تي متفق نظر اچن پيا تھ عمران خان جي حڪومت جا ڏينھن ڳڻجي چڪا آھن.! جن پاڪستان ڊي تي اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ پريڊ دوران منظر ڏٺا يا رياستي ۽ حڪومتي عھديدارن جي پروٽو ڪول کي ڏٺو يا ان تقريب بابت ميڊيا جي حلقن تي حال احوال ٻڌا، انھن سڀني کي سمجهھ اچي وئي ھوندي تھ ھاڻ ھڪ صفحي تي ھجڻ واري ڪھاڻي ماضي جو حصو تھ بڻجي وئي، پر اهم عملدار وزير اعظم کي رڳو رسمي طور تي پروٽوڪول ڏنو، اهم عملدار جي سمورين حرڪات و سڪنات کي ڏسي ڪري محسوس ڪيو ويو تھ اھي صرف ناراض ئي ناھن، پر انھن کي پنھنجي سليڪٽيڊ تي افسوس بھ آھي. صدر عارف علوي تھ اسٽار آف دي شو رھيو، پر وزير اعظم عمران خان کي مڪمل طور تي آئسوليٽ ڪيو ويو، ڪجھه اھڙا پل بھ ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ٿيا، جن ۾ وزير اعظم، اهم عملدار کي منٿون ڪري رھيو ھو تھ ان سان اھم معاملن تي ڳالھائڻو آھي، پر چيف ايگزيڪٽو يا باس کي چيو ويو تھ ھن تقريب جي پڄاڻي کانپوءِ ڳالھايو ويندو. پر ٻنھي اھم عھديدارن ۾ ڪابھ ملاقات نھ ٿي، فون ڪال يا ٻئي ڪنھن مواصلاتي ذريعي معرفت رابطو نھ ٿيو!
پاڪستان ڊي جي موقعي تي توڙي جو صدر عارف علوي کي شاھي انداز سان گرائونڊ ۾ آندو ويو ۽ حسب معمول مطابق تقرير بھ ڪرائي وئي، پر وزير اعظم ۽ اهم عملدار جي ڪرسين کي گھڻو پرڀرو رکيو ويو، جنھن مان اھم عھديدار جي مڪمل “نيوٽرل” ھجڻ جو تاثر واضح طور نظر آيو. ان جي تصديق اهم عهديدار جي غير رسمي ڳالھه پوري ڪري ڇڏي، هن جي ڳالهھ ٻولهھ کي ڳالهھ گول ڪيو ويو، پھريان تھ چينلز تي ايڊوائس آئي تھ ان خبر کان پاسو ڪريو، ان جي باوجود ڊان تي ان ڳالهھ ٻولھه تي ٻڌل بيورو چيف جو ڊگھو بيپر ھلايو ويو ۽ بعد ۾ ڊان جي نشريات بھ ڪجهھ وقت لاءِ غائب ٿي. ھي پھريون موقعو ھو جو ڪنھن اھم عھديدار جي ميڊيا ٽاڪ يا غير رسمي ڳالهھ ٻولھه کي سينسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ رڳو قانون ساز اسيمبلي کي ملڪ جي باني قائد محمد علي جناح جي يارھين آگسٽ 1948 واري تقرير کي ان وقت جي وزير اعظم لياقت علي خان جي ھدايت تي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ھي تقرير بھ رڳو ڊان اخبار شايع ڪئي ھئي، جيڪا تاريخي ريڪارڊ ۾ محفوظ ٿي وئي!
اهم عهديدار جي سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت جي نوجوانن سان ڳالهھ ٻولهھ دوران ھڪ ئي وقت سياستدانن سان گڏ ميڊيا کي بھ رڳڙو ڏنو ويو، پر وڌيڪ رھنڊون عمران خان کي ئي آيون. ھن جي پريشاني ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو ۽ ھي پيغام بھ پھچي ويو تھ ھاڻ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سياستدانن کي في الحال نئين سيٽ اپ تائين ڪابھ فون ڪال نھ ايندي. انھيءَ ڳالهھ عمران خان جي پريشاني ۾ گھڻو اضافو ڪيو آھي. ھي پيغام بھ سامھون اچي ويو آھي تھ شايد عمران خان کي ھاڻ ڪابھ قوت بچائي نٿي سگھي.
پارلياماني ايوانن ۾ بھ جيڪا جوڙ توڙ ٿيڻي ھئي، ٿي وئي، ڪنھن کي ڪنھن سان گڏ ويھڻو آھي، ھي بھ ظاھري طور واضح ٿي ويو آھي. عمران خان جي حڪمراني مڪمل طور تي پلصراط تي آھي، جيڪا وار کان بھ سنھي ۽ تيز ڌار تي ھلي رھي آھي. عمران خان جي پنھنجي پارٽي ۾ جيڪي پکي اڏام ڪري آيا ھئا، اھي پنھنجن پنھنجن آکيرن ۾ واپس ھليا ويا يا واپس وڃڻ جون آخري تياريون مڪمل آھن. عمران خان، شيخ رشيد جي ذريعي آخري ھٿڪنڊا استعمال ڪري رھيو آھي، ڪنھن وقت ھو چئي ٿو تھ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي سگھجن ٿيون، تھ ڪڏھن وري ھي تاثر ڏئي ٿو تھ جيڪڏھن ڪجھه حڪومتي ڌر جا ميمبر مخالف ڌر سان ملي ويا آھن، تھ مخالف ڌر جا ميمبر بھ حڪومت سان رابطي ۾ آھن. ھي اصل ۾ نفسياتي جنگ آھي، جنھن جا اصل ۾ ماسٽر مائينڊ آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف آھن، جن کي مات ڏيڻ مشڪل لڳي ٿي، لڳي ٿو تھ جنھن اسڪول ۾ شيخ رشيد ۽ عمران خان پرائمري ۾ پڙھندا ھئا، اتي ھيڊ ماسٽر ۽ نائب ھيڊ آصف زرداري ۽ ميان نواز شريف ھئا!
مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ حڪومتي اتحادين ۾ ڳالھيون آخري مرحلي ۾ آھن، اتحادي ھينئر بھ تاثر ڏين ٿا تھ ھنن وزير اعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي حمايت جو فيصلو نھ ڪيو آھي، پر ھو جنھن پرچي تي حڪومت جو حصو ٿيا ھئا، اھا مدي خارج ٿي وئي آھي. واضح طور تي انھن کي پيغام ملي ويو آھي تھ ان ٻيڙي ۾ ٻيھر سوار ٿيڻو ناھي، جنھن ۾ ايڏو وڏو سوراخ آھي، جو اھا ڪنھن بھ وقت ٻڏي سگھي ٿي. انڪري انھن کي ھاڻ نئون بندوبست ڪرڻو آھي تھ جيئن انھن جي سياسي لائيف لائين رھي سگھي ۽ مستقبل ۾ بھ انھن کي اھڙي سيٽ اپ جو حصو ٿيڻو آھي، جيڪو مستقبل لاءِ ضروري ھوندو.
عمران خان جي عدالتن ۾ آخري جنگ ملڪ جي سڀ کان وڏي وڪيل اٽارني جنرل کي وڙھڻي آھي، پر ھو پ پ اڳواڻ اين ڊي خان جو پٽ ھجڻ باوجود، پگھر ۾ شل نظر آيو. ھن جي خاندان جون ھمدرديون پي ٽي آءِ جي حڪومت سان نھ ھجڻ باوجود ھو عمران خان جو وڪيل تھ آھي، پر ھن کي سپريم ڪورٽ ۾ دليلن ڏيڻ وقت وزن جي خبر پئجي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ توڙي جو آرٽيڪل 63 اَي جي تشريح ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي ھئي، جنھن ۾ ان ڳالهھ تي اتفاق محسوس ٿيو تھ جيڪڏھن قومي اسيمبلي جو اسپيڪر حڪومت کان الڳ ٿي ويل ۽ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي کٽي آيل اسيمبلي ميمبرن کي ووٽ جي حق استعمال کان محروم ڪرڻ لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ھيون، انھن ميمبرن مان 14 کي شوڪاز نوٽيس بھ جاري ڪيا ويا، حڪومتي ڌر ھي تاثر ڏئي رھي ھئي تھ اسپيڪر نھ صرف انھن ميمبرن کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ نھ ڏيندو، پر نااھل بھ قرار ڏئي ڇڏيندو. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ لارجر بينچ جي ٻين ججز جا بھ ھي رمارڪس ھئا تھ ڪنھن بھ اسيمبلي ميمبر کي ووٽ جي حق کان محروم ڪري نٿو سگھجي، جنھن وقت ايم اين اي ووٽ جو حق استعمال ڪيو تھ ان کي ڳڻپ کان ٻاھر ڪڍي نٿو سگھجي، جيڪڏھن ميمبر جو ووٽ نھ ڳڻيو ويو تھ اھا ووٽ جي تذليل ھوندي. عدالت ان راءِ جي ھئي تھ جيڪڏھن ميمبر پنھنجي پارٽي خلاف ووٽ ڏنو تھ اسپيڪر ريفرنس ٺاھي اليڪشن ڪميشن کي موڪليندو ۽ اڳ پوءِ معاملو اعليٰ عدالت ۾ ايندو، چيف جسٽس جو چوڻ ھو تھ آئين جو ڄاڻايل آرٽيڪل نااھلي جي حوالي سان واضح آھي پر نااھلي ڪيتري ھوندي؟ سموري ڄمار لاءِ ھوندي يا ڪجھه وقت لاءِ ھي طئي ڪرڻو آھي. عدالت جي مائينڊ کي پڙھڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پھچي سگھجي ٿو تھ حڪومت عدالتي جنگ بھ ھارائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button