هِن سال بيٿوون جو ٻه سئو ٻاونجاهون جنم ڏينهن ملهايو ويندو. هُو لڳ ڀڳ 1770ع ڌاري ڊسمبر جي سورنهين يا سترهين تاريخ تي ڄائو. بقول بيٿوون جي ڪير به اُن جي حقيقي جنم ڏينهن جي تاريخ نٿو ٻڌائي سگهي. بيٿوون کي ڪلاسيڪيل موسيقي جو وڏو انقلابي گُلوڪار ڄاتو وڃي ٿو اُن وقت يورپ جي سماجي آبهوا جو ردوبدل ٿي رهيو هُيو ۽ ننڍي وڏي پئماني تي انقلاب پنهنجو ڪر کڻي رهيا هُيا.
بيٿوون اهڙي وقت پيدا ٿيو جنهن دور کي يورپ جي روشن خيالي جو دور چيو وڃي ٿو. جنهن وقت يورپي فلسفي مذهبي سرحدن مان آزادي حاصل ڪري ۽ درٻاري راڳ آلاپيندڙ فلسفين کان مُڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري هڪ آزادانه ۽ خودمختيار سوچ، سائنس ۽ جمهوريت سان پنهنجو رشتو مضبوط ڪيو. اُن وقت بنا روڪ ٽوڪ واري تِجارت ۽ مُقابلي بازي تي مُبني نئين معاشي نظام جي ڪوهيڙي ۾ ڇُپيل ڌُنڌلا آثار نظر اچڻ شروع ٿيا ها. جڏهن آدم سمٿ جو ڪتاب “قومن جي دولت” شايع ٿيو هُيو ته اُن وقت بيٿوون ڇهه سالن جو هُيو.
امريڪا ۾ آزادي جي جنگ شروع ٿي چُڪي هُئي جنهن ۾ برطانيا جي نوآبادياتي ماڻهن برطانوي بادشاهت جي خلاف بغاوت شروع ڪري ڇڏي ۽ فرانس کان مالي ۽ فوجي امداد حاصل ڪري ووٽ جي حق سان گڏ عوامي جمهوريت جو قيام عمل ۾ آندو.
منهنجي خيال ۾ بيٿوون جي موسيقي جي تخليق جي سفر ۾ لاها چاڙها آيا اها اُنهي انقلاب جي شروعات هُئي ته ڪڏهن تيز ٿيندڙ هلچل ۽ ڪڏهن جڙن سان ڳنڍيل هُيا. اهيو سلسلو اُن جي زندگي جي آخري گهڙي تائين جاري رهيو. خاص طور تي فرانسيسي انقلاب جي پيش قدمي ۽ شڪست گهرا اثر مُرتب ڪيا. اهوئي انقلاب جنهن بادشاهت ۽ جاگيرداري جو خاتمو ڪري سڀني ماڻهن جي آزادي، برابري ۽ ڀائيچاري جو اعلان ڪيو هو. ننڍي عُمر ۾ ئي يورپ جي ٻين عام نوجوانن وانگر بيٿوون فرانسيسي انقلاب جو وڏو حمايتي رهيو.
بيٿوون هڪ فليميش خاندان جو موسيقار هو. اُن جو پي جوهان جرمني جي شهر بون ۾ آرچ بُشپ اليڪٽر جي درٻار ۾ ملازم هيو. بيٿوون پهريون ڀيرو صرف ست سالن جي عُمر ۾ عوام جي اجتماع ۾ پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪيو. جنهن کان پو، 1792ع ۾ موسيقي جي تعليم حاصل ڪرڻ لا اُن کي ويانا موڪليو ويو. جٿي جوزف هيڊن جهڙي استاد، جنهن موزارٽ (جيڪو هڪ سال پهريان ئي پنج ٽيهه سال جي عُمر ۾ انتقال ڪري ويو هو) سان گڏ ملي ڪري هِن شهر جي جديد موسيقي جي روايتن کي جديد بڻايو ۽ موسيقي جي نئين رُجحانن کي مُتعارف ڪرايو ۽ اُن جي تربيت ڪئي.
ويانا اُن وقت هيپس برگ جي بي لغام بادشاهت جي ماتحت هُيو. پر بيٿوون کي نيپولين جي آزادي جي تصورن جڪڙي ڇڏيو هو. هُو عوامي راج جو سخت حمايتي بڻجي چُڪو هو. پنهنجي خطن ۽ بحثن ۾ هُو وڏي تسلسل سان مُسلسل آزادي جي اهميت تي زور ڏيندو هو. ان کان اڳتي بادشاهت جي ڪا به حيثيت ڏسڻ وٽان نه هُئي. پنهنجي شروعاتي رهبرن ۾ شامل پرنس ڪارل لنڪووسڪي جي باري ۾ بيٿوون لکيو “پرنس، تون جيڪو ڪُجهه آهين پنهنجي پيدائش جي اتفاق جي ڪري ئي آهين. ۽ مان جيڪو ڪُجهه آهيان پنهنجي محنت سان بنيو آهيان.” آسٽريا جي بادشاه هفرانز دوئم بيٿوون سا اتفاق راءِ جو اظهار ڪندي چيو هو ته “اُن جي موسيقي جي سُرن ۾ انقلاب جي خوشبو سمايل آهي.” 1812ع ۾ جرمني جي عظيم مُصنف گوئٽي سان بيٿوون جي دوستي اُن وقت ڪلائيميڪس تي پُهتي جڏهن هُو ٻئي هڪ پارڪ ۾ چهل قدمي ڪري رهيا هئا ۽ اُنهن جو ٽڪراءُ سامهون آسٽريا جي راڻي سان ٿيو. گوئٽي راڻي جي ادب ۾ پَنهنجو سر جُهڪايو جڏهن ته بيٿوون نفرت واري انداز ۾ پنهنجو مُنهن موڙي ڇڏيو.
اهوئي انقلابي جوش اسان کي بيٿوون جي تخليق ۾ به نظر اچي ٿو. اُن پنهنجي موسيقي کي به اُن نئين دور جي جي طرز ۽ تقاضائن تي مُرتب ڪري عوام ۾ آندو. اُن جرمني جي ادبي منظرنگاري جي شاعراڻي طاقت کي فرانس جي انقلابي گيتن ۽ ترانن سان جوڙي ڇڏيو. جنهن کي پهريان موسيقي سمجهيو ويندو هو بيٿوون اُن جي روح کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو.
بيٿوون فرانسيسي انقلاب جو دوست ۽ اُن جو هم عصر آهي. هو اُن سان تڏهن به وفادار رهيو جڏهن جيڪوبن آمريت جي دوران شلر جهڙا ڪمزور جسم جا حامل انسانيت پسند ماڻهو اُن کان الڳ ٿي ويا هئا ۽ ٿيٽر جي اسٽيج تي زنگ لڳل تلوارن سان جابرن جو مُقابلو ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا هيا. بيٿوون اُهو عوامي جينيئس، جنهن فخر سان بادشاهن، شهزادن ۽ اميرن کان مُنهن ڦيري ڇڏيو هو. اهو بيٿوون آهي جنهن سان اسان اُن جي ناقابل فرمانبرداري خوش اسلوبي. پُرجوش جدوجهد ۽ اُن فولادي اٽل ارادي جي ڪري مُحبت ڪيون ٿا، جيڪو ان جي مُقدر کي گلي مان پڪڙي ان قابل بنائي ٿو (ايگور اسٽراوسنڪي). بيٿوون اهي اصول تبديل ڪري ڇڏيا جنهن جي بنياد تي موسيقي تخليق ڪئي ويندي هُئي ۽ ٻُڌي ويندي هُئي. اُن جي موسيقي سُڪون ناهي ڏيندي پر لرزائي ڇڏيندي آهي. بيچين ڪري ڇڏيندي آهي
مُنهنجي را جي مُطابق بيٿوون جي موسيقي کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. جيڪي هُن جي زندگي ۾ ٿيندڙ معاشي ۽ سماجي هلچل سان وابسطه آهن.
هن جو دور ٽن بورجوازي انقلابن جو دور هو.
برطانيا ۾ صنعتي انقلاب، فرانس ۾ سياسي انقلاب ۽ جرمني ۾ فسلفي جو انقلاب. ان جي زندگي جو پهريون دور، جڏهن هو ننڍي عُمر ۾ هو ۽ پوءِ جوان ٿيو، يورپ ۾ انقلاب جو سج اُڀريو پئي. اُن سان گڏوگڏ سرمائيداري ترقي ۽ نئين معاشي اڀار جو به دور هو. فرانس انقلاب جڏهن عُروج تي پُهتل هو ۽ انقلابي جيڪوبنس 1792ع ۾ رياستي انتظامن کي پنهنجي ماتحت ڪري ڇڏيو هو. اُن وقت بيٿوون جي عُمر ٻاويهه سال هُئي.
1792ع کان 1815ع تائين اُن جي زندگي جو ٻيو دور درحقيقت فرانسيسي انقلاب جي زوال جو دور هو. جيڪوبن جو تخت اونڌو ڪيو ويو هو. انقلابي حڪومت جي دفاعي فوج جي هيرو نيپولين بوناپارٽ پاڻ کي آمر قرار ڏئي ڇڏيو هو. پر نيپولين جي فوج فرانسيسي انقلاب جي نتيجي ۾ ٺهڻ وارن قانونن ۽ خيالن کي پوري يورپ ۾ متعارف به ڪرايو. اٽلي، اسپين، آسٽريا ۽ پروشيا جي جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪيو ويو. نيپولين جي سوڀ بيٿوون جي نظر ۾ اُن کي ديوتا بڻائي ڇڏيو هو.
اهوئي دور هو جڏهن فني لحاظ کان بلوغت تي پهچندي بيٿوون ڪُجهه شاهڪار ڌُنون تخليق ڪيون. اُن جي سڀ کان خاص پنجين سمفوني (جيڪا مغربي ڪلاسيڪي جي هڪ موسيقي جي صنف آهي) انقلابي موسيقي سان سرشار آهي. اُن سمفوني جي تخليق جي باري ۾ بيٿوون چيو هو ته هي اُنهن لفظن جو اِظهار ڪري ٿي جيڪي هڪ شهيد فرانسيسي انقلابي رهنما جين پال مراه لاءِ لکيا ويا هُئا. اسان عهد ڪيون ٿا پنهنجي هٿن ۾ تلوارون کڻي اسان عوامي جمهوريه ۽ انساني حقن لاءِ وڙهندي مري وينداسين.” اُن جو واحد اوپيرا (اها به هڪ موسيقي جي صنف آهي) ‘فيڊيليو’ هڪ عورت جي ڪهاڻي بيان ڪندو آهي جيڪا اسپين جي جيل مان پنهنجي مُڙس کي آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد ڪري رهي آهي. (فرانس جي جڳهه تي اسپين جو نالو سياسي سببن جي ڪري ڏنو ويو هو. هڪ سبب بيٿوون جو اسپين جي حڪومت کان شديد نفرت به هئُي.)
پنجين سمفوني جي هر بند ۾ اسان کي انقلابي جوش نظر اچي ٿو. خاص طور تي سمفوني جي ابتدائي بندن ۾ جهڙو حيران ڪندڙ آغاز موسيقي جي تاريخ ۾ ڪنهن به سمفوني ۾ نظر نٿو اچي. اهو به هڪ اتفاق آهي ته سمفوني جو اهو بند ‘ٽيليگرام جي مورس ڪوڊ جي “V” سگنل سان مشابهت رکي ٿو جنهن جو مطلب فتح آهي. اُن کي ٻي عالمي جنگ ۾ جرمني جي خلاف جدوجهد ۾ فرانسيسي عوام کي مُتحرڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. “هي ڪا موسيقي ناهي، هي هڪ سياسي مزاحمت آهي. هي اسان کي ٻُڌائي ٿي ته جنهن دنيا ۾ اسان رهي رهيا آهيون اُها جيئڻ جي قابل ناهي. اچو اُن کي تبديل ڪيون. اچو گڏجي هلون!” (نڪولد هارنن ڪوٽ. هڪ موسيقار جو پنجين سمفوني جي باري ۾ اظهار خيال).
هڪ ٻئي موسيقي جي ماهر ۽ آرڪيسٽرا ڪنڊيڪٽر جان ايليٽ گارڊنر تحقيق ڪئي آهي ته بيٿوون جي تمام اهم سمفونين جا موضوع فرانس جي انقلابي ترانن مان کنيا ويا آهن.
پر اُن عظيم موسيقي جي حرارت جو دور بيٿوون جي ڀيانڪ ۽ تيزي سان پيچيده ٿيندڙ بيماري جي ڪري ڌنڌلو بڻجي ويو. آهستي آهستي ختم ٿيندڙ ٻُڌڻ جي قوت اُن جي ٻڌڻ جي صلاحيت کي متاثر ڪري ڇڏيو. اهو تڏهن ٿيو جڏهن هو 28 سال جو هيو ۽ شهرت جي بلندين تي پُهچي چُڪو هُيو. پنهنجي طبيعت جي بگاڙ جي ڪري اُن جا حالات تمام غيرمتوقع بڻجي ويا ايتري قدر جو خودڪشي جي طرف مُڪمل مائل ٿي چُڪو هُيو.
1805ع کان يورپ جي معيشت به لُڏڻ لڳي هُئي. جنهن جي شروعات برطانوي بحري فوج جي طرفان فرانسيسي فتحن جي ناڪه بندين سان ٿي. برطانوي فوج ٽرافلگار جي ويجهو فتح حاصل ڪئي جنهن سان مُختلف شين توڙي کاڌ خوراڪ جو قحط اچي پيدا ٿيو. اُنهن سياسي واقعن بيٿوون کي ڪافي مايوس ڪري ڇڏيو. اُن پنهنجي ٽين سمفوني نيپولين جي نالي ڪئي پر 1802ع کان پو نيپولين جي باري ۾ هُن جي را تبديل ٿيڻ شروع ٿي وئي. اُنهي سال پَنهنجي دوست کي لکيل هڪ خط ۾ اُن حقارت مان لکيو :”نيپولين ۽ يورپ جي درميان معاهدي کانپوءِ هر شي جو رُخُ پُراڻي فرسوده روايتن طرف ٿي ويو آهي” بيٿوون جي نيپولين لاءِ تعريف آخرڪار ڪاوڙ ۽ ناراضگي ۾ تبديل ٿي وئي جڏهن 1804ع ۾ نيپولين پاڻ کي بادشاهه جو لقب ڏنو. جڏهن بيٿوون کي اُنهن واقعن جي سُڌ پئي ته اُن ڪاوڙ ۾ نيپولين جي نالي ڪيل سمفوني تان ان جي نالي کي ئي ڊاهي ڇڏيو. اُهو مسودو اڃا تائين موجود آهي ۽ اسان اُن صُفحي کي ڏسي سگهون ٿا جنهن تي ايتري زور سان قلم جو دٻاءُ ڏنو ويو هو جنهن سان هو ڦاٽي پيو. جنهن کان پوءِ سمفوني انقلاب جي هڪ گمنام هيرو جي نالي ڪئي وئي ۽ اڄ ايروڪا سمفوني جي نالي سان مشهور آهي.
ويانا جي گُهٽيل ٻوساٽيل بڻيل ۽ رد انقلابي ماحول ۽ ڪُجهه بهتر نه هُئڻ جي سبب ڪري مايوس بيٿوون لکيو :”جيستائين آسٽريا جي ماڻهن کي بيئر ۽ ٿورو ذرڙو گوشت جو ملندو ته هو ڪڏهن به بغاوت نه ڪندا.”
1820ع کان پوءِ بيٿوون جي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ يورپي معيشت بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي هُئي. سرمائيداري جي طرز تي پيداوار وڌڻ لڳي هُئي. صنعتڪاري خاص ڪري جرمني ۽ آسٽريا جي هاري زندگي جي جڳهه والارڻ لڳي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي پهريون سرمائيداراڻو مُعاشي بُحران 1825ع ۾ آيو پر ان کان پوءِ پهرين پرولتاري جدوجهد جا آثار نظر اچڻ شروع ٿيا، جنهن ٻيهر پيدا ٿيندڙ بوربان بادشاهت جو 1830ع ۾ خاتمو ڪيو ۽ برطانيه ۾ 1832ع ۾ صُلح ۽ امن جا قانون پاس ڪرايا جنهن سان پهريون دفعو بالغ مردن کي ووٽ جو حق مليو.
1827ع ۾ پنهنجي موت کان پهريان 1824ع ۾ بيٿوون پنهنجو آخري شاهڪار پيش ڪيو. هڪ وڏي عرصي تائين بيٿون ڪورل سمفوني (ڪورل سمفوني ۾ موسيقي سان گڏ ڪورس ۾ ڳايو ويندو آهي) لکڻ جو ارادو رکندو هو. اُن پنهنجي ان سمفوني لاءِ جرمن شاعر شلر جي “اوڊ ٽو جواءِ” يعني خوشي جو نغمو مان شعر کنيا. ان گيت سان هو 1792ع کان واقف هو. پهريون دفعو اهو گيت 1785ع ۾ شايع ٿيو هو، جيڪو جرمن جمهوريت پسندن جي نغمي مان ورتو ويو هو. حقيقت ۾ شلر اُن نغمي جو نالو “آزادي گيت” رکڻ چاهي پيو پر رد انقلابي قوتن جي طرفان شديد ردعمل جي نتيجي ۾ ان کي هن خوشي جي نغمي جو عُنوان ڏنو.
شلر جي گاني جا اهي لفظ نائين سمفوني جو اهم حصو ٿي ويا (جنهن کي اڄ يورپي يونين پنهنجي تراني طور استعمال ڪندي آهي)