ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي منظرنامو

Editorial-Article- Yameen Jatoi

جنهن جو وڏي بيچئني سان انتظار ڪيو پئي ويو، قومي اسيمبلي جو اهو جمعي وارو اجلاس ملتوي ڪيو ويو يا ڪرايو ويو. اسپيڪر وزيراعظم خلاف اپوزيشن جي مطالبي تي بي اعتمادي رِٿ پيش ڪرڻ جي حوالي سان گهرايل اهو هنگامي اجلاس ملتوي ڪري چٽو سنيهو ڏئي ڇڏيو آهي ته ان جو سربراهه ايڏي آساني سان اقتدار جي جند ڪونه ڇڏيندو. اجلاس ۾ گڏيل اپوزيشن جا 159 ميمبر شريڪ ٿيا، جنهن ۾ پ پ جي 56 مان 55 ۽ نواز ليگ جي 84 ميمبرن مان سڀ حاضر هئا. جي يو آ جا 14، بي اين پي جا 4، اي اين پي جو هڪ، هڪ آزاد ميمبر به حاضر رهيو. جڏهن ته حڪومتي ميمبرن مان شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شيرين مزاري، غلام سرور خان، شوڪت ترين، بابر اعواڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پارلياماني روايت آهي ته جيڪڏهن ڪو قومي اسيمبلي ميمبر لاڏاڻو ڪري وڃي ته اجلاس جي ايجنڊا ملتوي ڪئي ويندي آهي. اهو ورهين کان ٿي رهيو آهي ۽ ماضي ۾ اهڙو 24 ڀيرا ٿي چڪو آهي. آئون به اها روايت برقرار رکندي اجلاس ملتوي ڪريان ٿو. ان کانپوءِ اسپيڪر معمول جي ڪارروائي بنا اجلاس سومر جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن سبب بي اعتمادي رٿ پيش نه ٿي سگهي. اجلاس جي 15 نڪاتي ايجنڊا به جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ به شامل هئي.
ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف اسپيڪر کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سومر جي ڏينهن ڪوبه غير آئيني عمل ورجايو ويو ته پوءِ اسان هر طريقو استعمال ڪنداسين ۽ دمادم مست قلندر ٿيندو. جڏهن ته بلاول ڀٽو چيو ته سومر تي اسيمبلي اجلاس ۾ عمران خان اڳوڻو وزيراعظم بڻجي ويندو.
جمعي تي پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته “اسپيڪر اڄ ٻيهر تحريڪ انصاف جي ڪارڪن جيان قانون ۽ روايتن کي پيرن هيٺيان چيڀاٽي ڇڏيو. 8 مارچ تي قرارداد جمع ڪرائي وئي، جنهن کان پوءِ 14 ڏينهن ۾ اسپيڪر اجلاس گهرائڻ جو پابند هو. 22 تاريخ تي ڏنل تاريخ ختم ٿيڻي هئي، او آءِ سي جو اجلاس 22 ۽ 23 تي ٿيڻو هو. اسان اڳ ئي چيو هو ته هاڻ نه لانگ مارچ ڪنداسين نه احتجاج هي اسان جا مهمان آهن. اسپيڪر کي ڪهڙي پريشاني هئي، هو 21 مارچ کان اڳ اجلاس گهرائي سگهيو ٿي. اهو قانوني معاملو هو پر اسپيڪر عمران نيازي سان ملي سازش ڪئي. ميمبرن جي فاتحه روايت آهي پر قانون ۽ آئين روايت کان مٿانهون آهي. اڄ اهم موضوع هو، بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيڻي هئي. روايتون پنهنجي جڳهه پر هي قانون جي پابندي ڪندي ووٽنگ ڪرائين ها. هنن اسان جي هڪ به نه ٻڌي. اسپيڪر پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن کي سموري قوم هميشه خراب لفظن ۾ ياد رکندي. پاڪستان تاريخ جي اهم موڙ تي آهي. قوم جون نظرون پارليامينٽ تي آهن. پر اوهان طاقت جي نشي ۾ آئين کي مجروح ڪيو ۽ پنهنجي مرضي هلائي، ان جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هاڻ سومر جي ڏينهن اجلاس ٻيهر گهرايو ويو آهي. اسان هاڻ کليل طريقي سان چئون ٿا ته اسپيڪر ٻيهر اهڙو عمل ڪيو جيڪو غير آئيني ٿيو ته اسان هر آئيني، قانوني ۽ سياسي طريقو استعمال ڪنداسين.”
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته “وزيراعظم مقابلي کان ڀڄي رهيو آهي، اهو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو. اڄ فاتحه جو بهانو هو، جون 2012 ۾ جڏهن وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي هئي تڏهن به فوزيه وهاب فوت ٿي وئي هئي پر اسان فاتحه پڙهڻ کان پوءِ جيڪا آئيني ذميواري وزيراعظم جي چونڊ جي هئي اها پوري ڪئي. پر اڄ اسپيڪر عمران خان جو سهولتڪار بڻجي ويو آهي. بي اعتمادي رٿ پيش ڪنداسين، هي اسان کي ڀڄائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪري رهيا آهن. ڪڏهن سنڌ هائوس تي حملو ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن اسان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي پريشان ڪيو وڃي ٿو. هي ڪهڙو ڪپتان آهي جيڪو پچ ڇڏي ڀڄي رهيو آهي. مان کيس ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسان سڀ گڏ آهيون. اسان کيس ڀڄڻ نه ڏينداسين. هي ڪيستائين ڀڄندو. بي اعتمادي رٿ اسان جو جمهوري حق آهي. هي پنهنجي اڪثريت وڃائي چڪو آهي. هاڻ جيئن ئي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندو عمران خان اڳوڻو وزيراعظم بڻجي ويندو.
آصف زرداري چيو ته “جيڪڏهن حڪومت عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ته گوڙ ڪنداسين. جيڪڏهن الله گهريو ته بي اعتمادي رٿ 100 سيڪڙو ڪامياب ٿيندي.” قومي اسيمبلي اسپيڪر پاران رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملي ته پوءِ ڇا ڪندا؟ جي سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته “پوءِ اوهان سان گڏجي گوڙ ڪنداسين.” غير جمهوري قوتن جي فائدي وٺڻ بابت سوال تي اڳوڻي صدر چيو ته “ان لاءِ حڪمت عملي هڪ ئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي ايترو ئي شوق آهي ته اچي ملڪ سنڀالي وٺي.”
جڏهن ته ليگي اڳواڻ خواجا آصف حڪومت خلاف بي اعتمادي لاءِ اپوزيشن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. خواجا آصف ٽوئيٽر تي اپوزيشن جا نمبر جاري ڪيا ۽ لکيو ته الحمدالله، ريزرو جو انگ شامل ڪيو وڃي ته اپوزيشن جو انگ حڪومت کان گهڻو وڌيڪ آهي. گڏيل اپوزيشن جي اجلاس ۾ 162 ميمبرن مان 159 ميمبرن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ن ليگ جي ميمبرن جو انگ 84 آهي. گڏيل اپوزيشن ۾ شامل ٻين جماعتن ۾ پ پ جي 55، متحده مجلس عمل جي 15، بي اين پي مينگل جي 4، اي اين پي جي هڪ، جڏهن ته هڪ آزاد ميمبر شرڪت ڪئي هئي. خواجا آصف جو چوڻ هو ته اپوزيشن ميمبرن جو انگ 159 رهيو، جڏهن ته پ پ جو ڄام عبدالڪريم، آزاد ميمبر علي وزير ۽ ايم ايم اي جو عبدالاڪبر چترالي موجود نه هئا.
اپوزيشن قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير جي پروڊڪشن آرڊر لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
ٻئي پاسي جمعي واري ڏينهن سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس جي شنوائي دوران اهم رمارڪس ڏنا آهن ته “صدر آئيني تشريح جو چيو آهي، هيڏانهن هوڏانهن نٿا وڃي سگهون، ممڪن آهي ريفرنس واپس موڪلي ڇڏيون. اعتماد ٽوڙيندڙ کي خيانت ڪندڙ چيو ويندو آهي، آئين ۾ ڪٿي واضح ناهي ته پارٽي سان وفادار رهڻو آهي يا نه. هر ماڻهو کي آئين پنهنجي آزاد خيالن جي اظهار جو حق ڏئي ٿو. ڇا خيالن جي اظهار تي به تاحيات نااهلي هجڻ گهرجي؟ جيڪو ڏوهه اڃا ٿيو ئي ناهي ته ان جي سزا بابت ڪهڙي را ڏيون. جڏهن پارليامينٽ وٽ قانونسازي جو اختيار آهي ته پو ڦري ويل ميمبرن جي سزا جي باري ۾ تفصيلي ڳالهه ڇو نه ڪئي وئي؟”
سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ صدارتي ريفرنس جي شنوائي ڪئي، جسٽس جمال خان سوال اٿاريو ته “صدر کي اهڙو ڪهڙو مسئلو آهي جو راءِ گهري رهيو آهي. صدر سامهون اهڙو ڪهڙو مواد آهي، جنهن تي سوال پڇيا، وزيراعظم آئين جي ڀڃڪڙي ڪري ته ڇا ميمبر ساٿ ڏيڻ جو پابند آهي.” اٽارني جنرل خالد جاويد خان دليل ڏيندي چيو ته عدالت صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏيڻ جي پابند آهي، اسيمبلي ميمبر رٻڙ اسٽيمپ ناهن هوندا، پارٽي فيصلي سان مطمئن نه هجن ته استعيفيٰ ڏئي سگهجي ٿي. مخصوص سيٽون پارٽي طرفان فهرست تي ملنديون آهن.” جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته “اعتماد ٽوڙيندڙ کي خيانت ڪندڙ چيو ويندو آهي، آئين ۾ ڪٿي واضح ناهي ته پارٽي سان وفادار رهڻو آهي يا نه.” جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته صدر آئيني تشريح جو چيو آهي، هيڏانهن هوڏانهن نٿا وڃي سگهون، ممڪن آهي ريفرنس واپس موڪلي ڇڏيون.” اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته “پارليامينٽ ۾ عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون هونديون آهن. مخصوص سيٽن وارن ميمبرن عوام کان ووٽ نه ورتو هوندو آهي. مخصوص سيٽن وارا ميمبر به سنڌ هائوس ۾ موجود هئا. مخصوص سيٽون پارٽي طرفان ڏنيون وينديون آهن. جسٽس مندو خيل چيو ته “جيڪڏهن وزيراعظم ڪو غلط ڪم ڪري ڇا تڏهن به پارٽي سان وفاداري نڀائڻ ضروري آهي. آئين جي آرٽيڪل 63 تحت ميمبر کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي سزا آهي، تاحيات نااهلي جي ناهي. ڇا عدالت ايوان مان منظور ٿيل بل تي فل اسٽاپ لڳائي سگهي ٿي. هر ماڻهو کي آئين پنهنجي آزاد خيالن جي اظهار جو حق ڏئي ٿو. ڇا خيالن جي اظهار تي به تاحيات نااهلي هجڻ گهرجي.”
شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته “عدم اعتماد بابت ووٽنگ 3 يا 4 اپريل تي ٿيندي. مون عمران کي چيو آهي ته وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ گهرجن.” مطلب ته هي معاملي کي ڄاڻي واڻي ڊگهو پيا ڪن. جيڪا به پاڻ کي بچائڻ جي هڪ اٽڪل آهي پر لڳي ڪونه ٿو ته سندن ڪا به اٽڪل يا حرڪت هاڻي ڪامياب ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button