هڪ طرف تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جا قافلا عمران خان جي تعريف ۾ گيت ڳائيندا پيا اچن ۽ ٻي طرف مولانا فضل الرحمان جا ورڪر تيل ۾ ٻڏل ڏنڊا کڻي نعرا هڻندا پيا وڌن. انهن ٻنهي قافلن جي منزل ساڳي آهي. ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن اسلام آباد اچي رهيا آهن. جتي بقول عمران خان ته ڏهه لک ماڻهو جمع ٿيندا. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان پوري اسلام آباد جي روڊن ۽ رستن کي بلاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي قوت سان ائين وڌي رهيو آهي، ڄڻ ته هو عمران خان جي حڪومت نه پر موديءَ جي حڪومت خلاف ان ڪري وڌندو هجي، ڇو ته هن کي هر حال ۾ ڪشمير فتح ڪرڻو آهي. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان پاڻ به ڪشمير ڪميٽيءَ جو سربراهه رهيو آهي ۽ ان ڪميٽيءَ جا جام فائدا ماڻيا اٿس. پر هن پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪشمير جي لاءِ ايترو تحرڪ نه ورتو آهي، جيترو هو هن مهل عمران خان جي حڪومت خلاف وٺي رهيو آهي. ان مان ڇا ثابت ٿي رهيو آهي؟
ان مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته جيڪو ڪجهه اسان جون سياسي پارٽيون پنهنجي ملڪ جي حڪومتن خلاف ڪنديون رهيون آهن، اهو ڪجهه جيڪڏهن هو ڀارت سرڪار خلاف ڪن ها ته هن مهل ڪشمير جي صورتحال مختلف هجي ها پر ڪشمير جو درد انهن جي دلين ۾ ناهي. انهن جي پيٽ ۾ پنهنجي مفاد جو سور آهي. اهو سور انهن کي ويهڻ نه ٿو ڏئي ۽ هر حال ۾ انهن کان وڏا ڪشٽ ٿو ڪرائي. انهن کي پنهنجي عوام جي لاءِ ڪو احساس نه آهي. جيڪڏهن هجي ها ته مولانا فضل الرحمان جي سياسي کاتي ۾ مهانگائيءَ ۽ ٻين عوامي مسئلن تي به ڪو احتجاج هجي ها پر هن مهل تائين انهن جي سياست کي اهو شرف حاصل ٿي نه سگهيو آهي ته هو اهڙو ڪجهه ڪن جنهن سان عوام کي فائدو پهچي. جيڪڏهن انهن جي نظر ۾ عوامي فائدو ايترو اهم ناهي ته اهو به چون. پر هو ڪجهه به ڪو نه ٿا چون ۽ پنهنجي ڌن ۾ اڳتي وڌن ٿا.
ملڪ جون سياسي پارٽيون جيڪڏهن پاڻ کي نظرياتي سياسي پارٽيون سمجهن ۽ انهن جو خيال اهو هجي ته انهن کي ٺيٺ نظرياتي محاذ تي ڪم ڪرڻو آهي ته انهن کي جمهوريت جي جٽاءَ ۽ ان جي مضبوطيءَ لاءِ اهڙا قدم کڻڻ کپن، جن مان هن ملڪ جي سياسي ماحول کي سگهه ملي پر اسان جي ملڪ جي بدقسمتي آهي ته هن کي سدائين اهڙا موڙ مٿي ۾ لڳا آهن جو انهن سان جمهوريت مضبوط ٿيڻ بدران وڌيڪ ڪمزور ٿئي ۽ هن مهل به جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ اسلام آباد کي جنهن طريقي سان مقابلي جو ميدان بڻايو پيو وڃي، ان مان غيرجمهوري قوتن کي ڪهڙو پيغام ملي رهيو آهي؟ ڇا اسان جون سياسي پارٽيون ۽ انهن پارٽين ۾ هن وقت جي سرڪار به شامل آهي، اهي پارٽيون پنهنجي پنهنجي مفاد لاءِ ان حد تائين وڃڻ چاهين ٿيون جو اتان ڀلي جمهوريت جو گس وڃائجي وڃي ۽ ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريت جي حوالي ٿي وڃي. ٻين لفظن ۾ انهن جا ٽارگيٽ سياسي ۽ نظرياتي ناهن پر هو سنئين سڌي طريقي سان پنهنجي مفاد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ملڪي مفاد جو ٻيڙو ٻوڙڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن اهو ڪجهه نه هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ حڪومت کي ئي سهي پر هن ٽڪراءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ها.
مخالف ڌر ته حالتون خراب ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي مفاد کي ڏسندي آهي. ان ڪري حڪومت کي اهو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي جيڪو مخالف ڌر چاهي ٿي. مخالف ڌر ته عمران خان جي بدران ملڪ ۾ غيرجمهوري قوتن جي حڪومت کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پر حڪومت کي هوش ڪرڻ گهرجي. حڪومت کي ان پچ تي نه کيڏڻ کپي جيڪا پچ مخالف ڌر ان لاءِ ٺاهي آهي ته جيئن اها حڪومت کي وڌ کان وڌ نقصان پهچائي سگهي. ان سلسلي ۾ حڪومت کي پنهنجو فرض نڀائڻ جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جيڪو هڪ هوشيار ۽ فرض شناس حڪومت جو فرض آهي پر ڇا هن حڪومت جي عملن مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت معاملي کي افهام تفهيم سان حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهي. جڏهن کان وٺي مخالف ڌر سنجيدگيءَ سان سرڪار ڪيرائڻ جي لاءِ عدم اعتماد جو ووٽ وٺڻ جون تياريون شروع ڪيون آهن، تڏهن کان وٺي عمران خان سمجهوتي جي واٽ وٺڻ بدران ان قسم جا عمل شروع ڪيا آهن، جن سان مخالف ڌر وڌيڪ مڇرجي ۽ اهو ڪجهه ڪري جنهن سان ملڪ ۾ ڀلي ته جمهوريت کي جوکو ٿئي. جڏهن مخالف ڌر به ڪا پرواهه نه ڪندي هجي ۽ جڏهن حڪومت به بنهه بي پرواهه ٿي وڃي ته پوءِ جمهوريت جي نقصان ۾ آخر ڪهڙي ڪمي رهجي وڃي ٿي؟ هن مهل جيڪڏهن ملڪ جي مٿان ڪا سياسي شامت اچي ٿي ته اسان جون سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جي مٿان الزام هڻنديون رهجي وينديون. حڪومت اهو چوندي ته مخالف ڌر کي ملڪي ۽ غيرملي اشارا هئا ته اها ڪنهن طرح سان جمهوريت جو ڏيئو وسائي ۽ مخالف ڌر جو اهو اصرار هوندو ته عمران خان پاڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون، جن سان جمهوريت مخالف صورتحال اڻٽر بڻجي ويندي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان صورت ۾ به سياسي پارٽين کي وري پنهنجي پنهنجي حلقن ۾ جمهوريت جي لاءِ آواز بلند ڪرڻو پوندو ۽ انهن حالتن سبب جيڪو ملڪ کي نقصان رسندو، ان جي ته ڪنهن کي به پرواهه نه هوندي.
اسان جي لاءِ هيءَ حڪومت يا مخالف ڌر اهم ناهي. اسان جي لاءِ پنهنجو ملڪ اهم آهي ۽ اسان کي پنهنجو ملڪ ئي اهم رکڻ گهرجي. ان ملڪ جي سلسلي ۾ اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت آهي ته اها ملڪ جي ڀلي جي لاءِ آهي. ڇو ته جمهوريت جو مطلب عوام جي شموليت آهي. اصل ۾ نه صرف اسان جو ملڪ پر دنيا جو هر ملڪ اتان جي عوام جي ملڪيت هوندو آهي ۽ هر رياست کي هلائڻ واري قوت به عوامي هوندي آهي. ان حالت ۾ عوام جو حق وڌيڪ هوندو آهي. ان ڪري دنيا جي سياسي ڏاهن جنهن نظرئي کي سڀ کان وڌيڪ بهتر سمجهيو آهي، اهو جمهوريت آهي ۽ جمهوريت جي معرفت ئي ملڪ جي مقدر جو فيصلو ڪرڻ جي سلسلي کي سڀ کان بهتر سمجهيو ويو آهي. ان حوالي سان هاڻي جيڪڏهن اسان جو ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر جمهوريت جي پٽڙيءَ تان لهي ٿو وڃي ته ان صورت ۾ ڪيترو نه نقصان ٿيندو؟
پاڪستان جي سياسي توڙي معاشي بحران جو سڀ کان بنيادي ۽ وڏو سبب اهو ئي پيش ٿيندو رهيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڏهن به پائدار جمهوريت نه رهي آهي ۽ جڏهن به جمهوريت سياسي سرزمين ۾ پنهنجيون جڙون هڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان جمهوريت جي پاڙ پٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن اسان سرد جنگ جي دور کي ڏسون ٿا ته اسان کي اهو آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي ته سرد جنگ جو ماحول ئي اهڙو هو، جنهن ۾ دنيا جي جمهوري ملڪن کي به اسان جهڙن ملڪ ۾ آمريت نافذ ڪرڻ بهتر محسوس ٿيندي هئي پر هاڻي هن دور ۾ تصور ئي تبديل ٿي ويا آهن ۽ ڪنهن به ملڪ جي لاءِ آمريت ڪا بهتر ڳالهه نه ٿي سمجهي وڃي. جيڪڏهن ان ماحول ۾ به ڪنهن ملڪ جي مٿان مارشل لا مسلط ٿئي ٿي ته اها ان ملڪ جي وڏي بدقسمتي هوندي. ڇو ته هن دور ۾ آمريت جو تصور ڪرڻ به تمام مشڪل آهي پر دنيا ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جڏهن پرويز مشرف ملڪ جي مٿان آمريت مڙهي ته ڇا ان مهل ڪو تيار هو؟ ڇا ان مهل ڪنهن کي يقين به آيو پئي ته ملڪ جي مٿان ان قسم جو عذاب نازل ٿيندو؟ پر ٿيو ۽ هاڻي به جيڪڏهن ڪو سمجهي رهيو آهي ته ڪجهه به نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪجهه ٿي پيو ته ان جو ذميوار ڪير ٿيندو؟ مخالف ڌر حڪومت جي مٿان الزام هڻندي ۽ حڪومت مخالف ڌر جي مٿان تنقيد ڪندي پر اصل ۾ ته ملڪ جا ماڻهو اهو سياسي عذاب سهندا جنهن جو ملڪ جي مٿان هر طرح سان برو اثر پوندو ۽ اسان سوچي به نه ٿا سگهون ته اسان جي مٿان ڪهڙا ڪهڙا بر اثر پئجي سگهن ٿا. ان حوالي سان اسان ۽ ملڪ جي مفاد ۾ آهي ته ملڪ کي سياسي پارٽين جي وچ ۾ مقابلي جو ميدان ٿيڻ نه ڏجي.