شوبز

بالي ووڊ اداڪار اسٽارٽس اپ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لڳا

ڀارت جي بزنس جي حوالي سان متعارف ڪرايل اسٽارٽس اپ ايپ زندگي جي ٻين شعبن سان گڏ بالي ووڊ ستارن کي پنهنجي پرڪشش منافعي سبب سيڙپڪاري ڪرڻ جو وڏو ذريعو بڻائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق اسٽارٽس اپ ايپ تي هن وقت تائين ميڪ برانڊز، فٽنيس ڪمپنين، ڪاسميٽڪس، راندين ريئل اسٽيٽ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ادڪارن توڙي اداڪارائن هن ايپ تي سيڙپڪاري ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ بالي ووڊ مان وڏي پيماني تي سيڙپڪاري هن ايپ تي ٿي رهي آهي، جن ۾ دپيڪا پڊوڪون، شرڌا ڪپور، سلمان خان، ريتڪ روشڻ، آمريڪا ۾ رهندڙ پريانڪا چوپڙا ۽ انوشڪا شرما وڏي سيڙپ ڪري ڇڏي آهي. جڏهن تھ شلپا شيٽي، جيڪولين، ايشوريا رائي بچن، ڪرينا ڪپور، عاليا ڀٽ بھ بزنس ڪيو آهي. عامر خان، پنڪج ترپاٺي بھ ايپ ۾ پيسو سيڙائڻ ۾ سمورن ماڻهن کان اڳيان آيا آهن.

بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار

جڏهن تھ اڪشي ڪمار ڪيترين ئي ڪمپنين ۾ بزنس ڪئي، پر بگ بي اميتاڀ بچن جي ڪيل سيڙپ ٻڏي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ اداڪار هن ايپ تي 5 کان 10 ڪروڙ رپين تائين جي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن ۽ وڏي پيماني تي منافعو پڻ ڪمائين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button