ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي حڪومت کي ڪوبه بچائي نٿو سگهي

Editorial-Article- Allahbux Rathore

عمران خان جي حڪومت جا جڏهن آخري پل ڳڻيا پئي ويا ته ان وقت هو سازشي ٿيوري ٻڌائي رهيو هو ته هن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جيان پرڏيهي هٿ ذريعي سازش ذريعي ڪڍيو پيو وڃي ۽ ان حوالي سان پرڏيهه مان پئسو آڻي خرچ ڪيو ويو آهي. بقول عمران خان جي ته ذوالفقار علي ڀٽو ملڪي خودداريءَ جو سودو نه ڪيو ۽ هو پاڻ به ذوالفقار علي ڀٽو جي رستي تي هلندو. هن هڪ خط به لهرايو ۽ چيو ته پرڏيهي سازش جو ثبوت هي خط آهي. هن خط لکندڙ جو نالو نه کنيو، پر ايترو چيو ته هو پرڏيهي سازشن تان آئينده به پردو کڻندو رهندو. هي الزام هڻندي به سوال ڪيو ته لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ڪنهن ڪنهن سان ملي ٿو؟ ۽ پاڪستان ۾ ويٺل ڪنهن جي چوڻ تي هلي رهيا آهن. هن بلاول ۽ آصف زرداريءَ تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته جن ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف سازش ڪئي ۽ ان کي ڦاسي جي ڦندي تي پهچايو، انهن سان گڏجي ان جي حڪومت ڊاهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. عمران خان عوام کي اڌ ڳالهه ٻڌائڻ کانپوءِ هي به چيو ته هو ڪنهن کان ڊڄي نٿو ۽ هو پنهنجي گهران کائي ٿو! هن پنهنجي هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ تقرير ۾ اهي ساڳيا الزام ۽ خراب زبان جو ورجاءُ ڪيو، جيڪي هو اڳوڻن عوامي جلسن ۾ ڪندو رهيو آهي. عمران خان جي ڳالهين دوران اشارو ڏيندي چيو ته هن کي اها خبر آهي ته اپوزيشن کي ملڪ اندر ڪنهن جي آشيرواد حاصل آهي ۽ هو گيٽ نمبر چار ڏانهن اشارا ڪري رهيو هو. عمران خان پنهنجي تقرير ۾ ڪٿي به اهو نه چيو ته سندس حڪومت پنهنجن اتحادين سان نڀاءَ ڇو نه ڪري سگهي؟ اوچتو ئي اوچتو، سمورا اتحادي سواءِ فهميدا مرزا جي، جنهن جو آصف زرداري سان جهيڙو يا اختلاف آهي، هن کان منهن ڦيري ڇو هليا ويا؟
عمران خان جي تقرير جو ڇيد ڪجي ته اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف ته پرڏيهي سازش ٿي هئي ۽ هن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي قوتن کي استعمال ڪري پهرين اقتدار کان الڳ ڪيو ويو، ان کانپوءِ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. ان سان گڏ ڀٽو کي ڦاسيءَ جي ڦندي تائين پهچايو ويو. عالمي اڳواڻن جي ان ٽهيءَ کي هڪ هڪ ڪري ختم ڪيو ويو، جن ۾ ڀارت جي وزير اعظم اندرا گانڌيءَ کان وٺي، شاهه فيصل، مصر جو ناصر، انڊونيشيا جو سوئيڪارنو ۽ چليءَ جو آليندي به شامل هو. ڀٽو کي فقط ان ڪري ختم نه ڪيو ويو ته هن ملڪ جي اڻ ڌري پرڏيهي پاليسي متعارف ڪرائي ۽ عمران خان تي الزام آهي ته هن جي ٽن چئن سالن جي دور ۾نالي ماتر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي رکيو، پر ڪابه پاليسي نه جوڙي وئي. ڀٽو جي دور ۾ سموري دنيا جي ڊوڙ پاڪستان ڏانهن هئي ۽ ملڪ جو عوام انتهائي خوشحاليءَ جي زندگي گذاري رهيو هو، پر عمران جي حڪومت نه فقط غربت ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ڪيو، شهري بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيا، پر جن وٽ روزگار جا موقعا هئا، اهي به کسيا ويا. هي سڀ ڪجهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ نه ٿيو هو. اصل ڳالهه جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي جي ڦندي تي پهچايو، اهو پاڪستان جو ايٽمي پروگرام هو، جنهن لاءِ هن ڪيناڊا، فرانس ۽ ٻين ملڪن کان ٽيڪنالاجي حاصل ڪئي، پر عمران خان ته اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي، جو سندس حڪومت جي خلاف ڪا سازش ڪئي وڃي ۽ پي اين اي جهڙي تحريڪ هلي. جنهن ملڪ جي وزير اعظم کي اها خبر نه هجي ته عالمي سطح تي ڪهڙي ملڪ کي پنهنجو اتحادي بڻائڻو آهي، يا ڪنهن سان گڏجي ملڪي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي ٿو، اهو ماڻهو پرڏيهي سازش جي ڳالهه ڪري ته اهڙن الزامن تي ٽهڪ ئي ڏئي سگهجن ٿا.
عمران خان ساڍن ٽن سالن کان حڪومت ڪئي ۽ ان دوران ملڪ کي ڇا مليو؟ عوام جي ڀلائي، روزي ۽ روٽي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا، مهانگائي ڪيترا سو سيڪڙو وڌي؟ ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ پنجاهه لک گهرن جو ڇا ٿيو، جن جو وعدو ڪيو ويو هو؟ عمران خان پنهنجي تقرير ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي، هن رڳو بجليءَ جي يونٽ ۾ پنجن رپين ۽ تيل جي اگهه ۾ ڏهن رپين جي گهٽتائيءَ جي ڳالهه ڪئي. هن اهو به نه ٻڌايو ته اهي شيون وڌيون ڪيتريون؟ ڇا ٽن سالن دوران عوام لاءِ هي ڪا وڏي حاصلات ٿي سگهي ٿي؟
سوشل سائنسدانن جو چوڻ آهي ته حڪمراني هڪ آرٽ آهي، اهو عمران خان ۽ سندس ٽيم کي ڪيترو اچي ٿو، اهو سڀ ڪجهه هن جي ڪارڪردگيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو. عمران خان جي حڪومت کي جنهن انداز سان اقتدار ۾ آندو ويو، ان بابت هو پاڻ جيڪي ڳالهيون ڪندو رهيو، اهي سڀ شڪ ۽ شبها پيدا ڪري رهيون هيون. جڏهن هن هڪ ٻه درجن کان وڌيڪ ڀيرا ورجايو ته موجوده حڪومت ۽ فوج هڪ پيج تي آهن ۽ موجوده Equation ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آئي. هن هڪ ڀيرو، ٻه ڀيرا، ٽي ۽ چار ڀيرا چيو، ان کانپوءِ عوام ۾ شڪ پيدا ٿيا ته هي حڪمران پنهنجي ڪارڪردگي ۽ عوامي مقبوليت جي بنياد تي اقتدار ۾ نه آيا آهن، پر ڪنهن ٻي قوت، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ سڏجي ٿو، ان جي ڪلهن تي چڙهي آيا آهن. ان ڪري ئي بلاول ڀٽو پهرين تقرير ۾ عمران خان کي قومي اسيمبليءِ جي ايوان ۾ سليڪٽيڊ سڏيو ته هن کي پاڻ سمجهه ۾ نه آيو ته مٿس ڪيڏو نه خطرناڪ سياسي ڊرون حملو ڪيو ويو ۽ هو پاڻ بلاول جي مبارڪن سان گڏ سليڪٽيڊ تي ٽهڪ ڏئي کلي رهيو هو! جنهن وزير اعظم ۾ مخالف جي طنز سمجهڻ جي صلاحيت نه هجي، ان جي آءِ ڪيو ليول ڪيتري هوندي، ان کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو.
سياست ڪو معمولي ڪم ناهي، جيڪو هرڪوئي ڪري سگهي، ان لاءِ موسيقي جيان گهڻي رياض جي ضرورت هوندي آهي. ڀلي سياست خاندانن جي غلام نه هجي، ڀلي اها عوامي هائوس مان نڪري نروار ٿئي، ڀلي سياستدان عوامي پراسيس ذريعي چونڊجي اچن، ڀلي سياستدان ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهي نه اچن ۽ عمران خان سميت بدقسمتيءَ سان اڪثريتي ليڊر ائين ئي آيا. ايستائين جو گيٽ نمبر چار جو گملو (ڪونڊي) شيخ رشيد به اخلاقيات جا پاٺ پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هي بدقسمتي آهي ته ملڪ جون واڳون ناسمجهه ۽ اهڙن حڪمرانن جي هٿ ۾ آهن جيڪي ڪنهن نه ڪنهن جي مهرباني يا وري اسٽيبلشمينٽ جي پروجيڪٽ تحت اقتدار ۾ آيا آهن يا ايندا رهيا آهن.
عمران خان جيترو فرسٽيڊ نظر آيو پئي، ان مان اندازو ٿي ويو ته اڪثريتي اتحادي ته هن جو ساٿ ڇڏي ويا آهن، ايستائين جو بلوچستان سان واسطو رکندڙ شاهه زين بگٽي به بلاول سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ان سان ٻيا اتحادي جن وٽ عمران خان پهريون ڀيرو انهن وٽ ڪهي وڃڻ ۽ پنهنجي انا کي پاسي واري کيسي رکڻ کانپوءِ حمايت لاءِ ويو، انهن سڀني کيس ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. هن ملڪ ۾ سياسي تبديليءَ جي حمايت يا مخالفت پٺيان طاقتور حلقا خاص ڪري اسٽيبلشمينٽ رهي آهي، هن ڀيري به انهن جي آشيرواد حاصل نه به هجي، پر ناراضگي ضرور ظاهر ٿي رهي آهي. هي به سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته واڳ ڌڻي،جيڪي عمران خان سان گڏ هڪ پيج تي هئا ۽ حڪمران ان تي فخر ڪندا هئا، اهي به سندس ساٿ ڇڏي ڇو هليا ويا؟
ملڪ ۾ عمران خان جي دور ۾ جيڪو سياسي ڪلچر گدلو ڪيو ويو، ڇا حڪمرانن جو ڪو ترجمان ٻڌائي سگهندو ته ان پٺيان ڪنهن جو هٿ هو. ممڪن آهي ته جيڪي اقتدار ۾ رهيا آهن، انهن جا هٿ ڪوئلي جي ڪاروبار يعني ڪرپشن ۾ ٻڏل هجن، پر ملڪ جو آئيني ۽ قانوني نظام به موجود آهي، عمران خان جي نشاني تي هاڻ عدليا به آهي. هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿئي پيو ته ڪوبه ادارو عمران خان کي Facilitate ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سموري دنيا عمران خان کان ناراض آهي، آمريڪا جو صدر وزيراعظم کي فون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي! ڀارت، پاڪستان کي عالمي برادريءَ ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي! سعودي عرب سڌي منهن سان عمران خان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي! چين، سي پيڪ منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي. ملڪ کي عالمي سطح تي جنهن عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو، هي اوپن سيڪريٽ آهي، ڇا ان جي باوجود عوام پاڳل آهي، جو عمران خان جي حمايت ڪندو؟ عمران خان پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ مقابلو ڪرڻ بدران روڊن ۽ رستن تي ڪرڻ چاهي ٿو، پر اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته ويڙهه جو صحيح فورم پارليامينٽ آهي، سپريم ڪورٽ آهي ۽ ٻيا ادارا آهن، جيڪي عمران خان کي پسند ناهن. اهڙي صورتحال ۾ وزيراعظم جي گهر روانگي کانسواءِ ڪو گس بچيو آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button