ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻيءَ لاءِ پريشان بدين جا آبادگار

Editorial

هاڻوڪن ڏينهن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن مان پاڻيءَ جي کوٽ جون شڪايتون اچي رهيون آهن. جڏهن به خريف جي مند شروع ٿيندي آهي ته سنڌ جي عوام لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. خاص طور تي سنڌ جو لاڙو وارو پاسو پاڻيءَ جي سخت کوٽ کي منهن ڏيندو آهي. جنهن جي ڪري هڪ پاسي ته پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ماڻهو پريشان هوندا آهن ته ٻئي پاسي وري آبادگار به پريشان هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي فصل پوکڻ لاءِ پاڻي ڪونه ملي سگهندو آهي. هي معاملو اصل ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو آهي، جيڪا منصفاڻي نموني نه ڪئي ويندي آهي. ان ڪري سنڌ کي گهربل مقدار ۾ پاڻي ڪونه ملي سگهندو آهي. جڏهن پاڻي ناهي ملندو ته ماڻهن جا پوکيل فصل سڪي ويندا آهن. وقت سر پاڻي نه ملڻ جو مطلب اهو آهي ته آبادگار پنهنجو ٻيڻو نقصان ڪن. تنهنڪري بدين ۾ به هن وقت صورتحال ڳنڀير آهي. ڇاڪاڻ ته بدين جي ڪيترن واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري واري اڏامي رهي آهي. ان حوالي سان اتان جا آبادگار پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاجن جو سلسلو به جاري رکندا پيا اچن. جڏهن ته انهن جو مطالبو سادو آهي ته کين گهربل مقدار ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي. ڪالهه جيڪا رپورٽ آئي آهي، ان موجب بدين واسين ضلعو بچايو تحريڪ شروع ڪئي آهي.
بدين جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ضلعو بچايو تحريڪ پاران تلھار ۾ بڙ چوڪ کان مين بدين اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ سوين آبادگارن توڙي ھارين شرڪت ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ضلعو بچايو تحريڪ جي اڳواڻن نور احمد ٽالپر، خدا ڏنو شاھه، محمد بخش لغاري ۽ ٻين اڳواڻن عوامي پريس ڪلب تلھار جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھر سال جيان ھن سال به پاڻي کوٽ لاڙ بدين ۾ برقرار رھي آھي، پاڻي کوٽ سبب پورھيت ۽ آبادگار زرعي آبادين کان محروم ٿي ويا آھن، ھن سال ساريالي فصل جي پوکي ۾ پاڻي کوٽ سبب آبادگارن کي وڏو نقصان پھچي سگھي ٿو. جڏھن ته شروعات ۾ ئي واھن شاخن ڪئنالن ۾ واري اڏامڻ لڳي آھي، جنھن جو سنڌ حڪومت نوٽيس ناھي ورتو. ھنن مطالبو ڪيو ته پهرين اپريل کان ڪوٽڙي بئراج ۾ چاليهه ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو وڃي ۽ سيڊا ختم ڪري لاڙ بدين جي واھن، شاخن ۽ ڪئنالن ۾ پورو پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو. ريلي ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي اڳواڻ اعجاز علي احمداڻي، محمد رمضان ملاح پڻ موجود ھئا.
هي صورتحال رڳو بدين جي ڪانهي پر سنڌ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ جيڪي به شهر ۽ ضلعا آهن، اهي پاڻيءَ جي کُوٽ کي ڀوڳي رهيا آهن. پنجاب هاڻوڪي مند ۾ سنڌ سان پاڻي واري طئي ڪيل فارمولي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. ارسا سنڌ جي پاڻيءَ تي داڙو هڻڻ کي جائز سمجهي ٿو. جڏهن ته ان اداري جو اهم ترين ڪم اهو آهي ته صوبن جي وچ ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي. پر هيترن سالن کان اهو ادارو رڳو سنڌ جي اعتراضن کي رد ڪندو اچي. نه رڳو رد ڪندو آيو آهي ۽ ناجائزيون پڻ ڪندو آيو آهي. جنهن جي ڪري سنڌ کي وقت سر پاڻي نه پيو ملي ۽ نه ئي 91ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل پيو ڪيو وڃي. جڏهن ته اهو پاڻي معاهدو سمورين ڌرين جي رضامنديءَ سان ٿيو هو. ان ڪري ان کي ڪنهن به ريت رد نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري جڏهن پاڻيءَ جي کوٽ هجي ته ان ۾ سمورن صوبن کي پاڻيءَ جي ورڇ ان حساب سان ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن هڪ صوبي کي پاڻيءَ جي کوٽ نه ڀوڳڻي پوي. پر هتي صورتحال اها آهي جو پنجاب سنڌ جي حصي مان پاڻي سنڌ کي اڄ مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته بدين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ واري صورتحال سنگين ٿي رهي آهي. تنهنڪري ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي. آبپاشي کاتي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان کانسواءِ ارسا کي گذارش آهي ته هاڻوڪي خريف ۾ سنڌ کي جيڪڏهن اهو وڌيڪ پاڻي فراهم نٿو ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ جيترو پاڻي سنڌ لهڻي ٿي اوترو ضرور ڏنو وڃي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بدين ۾ احتجاج ڪندڙ آبادگارن جي مطالبن کي ٻڌو وڃي. انهن جي مطالبن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون وڃن. ڇاڪاڻ ته آبادگارن جو معاشي معاملو زراعت سان جڙيل آهي. سنڌ جي زراعت جيڪڏهن تباهه حال هوندي ته هتان جو آبادگار به خوشحال نه هوندو. تنهنڪري جيترو ترت ٿي سگهي بدين واسين کي پاڻي فراهم ڪري انهن جون زمينون آباد ڪيون وڃن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهي وڏي پريشانيءَ کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button