ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي اٿل پٿل ۽ عوامي مسئلا

Editorial

هاڻوڪن ڏينهن ۾ ملڪي سياست ۾ تڪڙيون تبديليون اچي رهيون آهن. هڪ پاسي حڪومتي اتحادي حڪومت کان ڌار ٿي اپوزيشن ۾ شامل ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي وري اتحادي حڪومت جو ساٿ ان شرط تي ڏئي رهيا آهن ته سندن مطالبا مڃيا وڃن ۽ هن وقت تبديليءَ جو مرڪز اهم صوبو پنجاب آهي، جتي عثمان بوزدار کان وڏ وزارت کسي (ق) ليگ جي پرويز الاهي کي وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي. اقتدار جي هاڻوڪي راند ۾ هر پارٽي پنهنجا پتا کيڏي رهي آهي، جنهن ۾ ان کي جتان وڌيڪ فائدو رسي ٿو، اها پنهنجا پير هوڏانهن کڻڻ شروع ڪري ٿي ڇڏي. ان کان سواءِ هاڻوڪي سياسي ماحول ۾ جلسن جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي. وزير اعظم عمران خان پاران سرپرائيز نه ڏيڻ عوام کي وڏو سرپرائيز ملي ويو آهي. جنهن کان پوءِ حڪومت ۾ ٽوڙ ڦوڙ جاري آهي ۽ ٻئي پاسي وزير اعظم عمران خان خلاف ڪالهه قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائي بحث پڻ ڪيو ويو آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ ان تي ووٽنگ ٿيڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن. پر اصل معاملو وري به عوام جو آهي، جيڪو هن وقت به مسئلن کي منهن کي ڏئي رهيو آهي. عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي وعدي تي آيل عمران خان جي حڪومت به عوامي مسئلن کي حل نه ڪري سگهي آهي.
عوامي مسئلا حل ڪرڻ هر حڪومت جي اولين ترجيح هوندي آهي، جيڪڏهن ڪا حڪومت عوام سان ڪي وعدا ڪري اچي ٿي ته پوءِ انهن وعدن کي پاڙڻ به حڪومت جي ذميواري هوندي آهي. پر هن وقت تائين پي ٽي آءِ سرڪار ڪي به اهڙا وعدا نه پاڙيا آهن، جن سان عوام کي ڪو رليف ملي سگهي. عوامي مسئلن کي حل نه ڪرڻ جي ڪري عوام پريشانيءَ کي منهن ڏيندو رهندو آهي. ان کان سواءِ اهو انهن چونڊيل نمائندن کان به پڇاڻو ڪندو آهي، جيڪي پنهنجن تڪن ۾ ويندا آهن ۽ اهي انهن تڪن مان ووٽ وٺي ايوانن ۾ پهچندا آهن پر گذريل ساڍن ٽن سالن کان عوام رڳو اهي شڪايتون ڪري رهيو آهي ته انهن جا بنيادي مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عوام جي ووٽ ڏيڻ جو فائدو ڪهڙو ٿيو. جيڪڏهن چونڊيل نمائندا عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران رڳو سياسي جوڙ ٽوڙ ڪرڻ ۾ پورا هوندا ته پوءِ واقعي به عوامي مسئلا ڪنهن به ريت حل نه ٿي سگهندا. اپوزيشن پارٽيون هن وقت عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سرگرم لڳيون پيون آهن. جيڪڏهن عمران خان عدم اعتماد وسيلي گهر ڀيڙو ٿئي ٿو ۽ نئين حڪومت اچي ٿي ته ڇا ان وٽ ڪو اهڙو پروگرام آهي، جنهن وسيلي اها عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ دير نه ڪري ۽ جيڪو نقصان عوام جو هيستائين ٿيو آهي، ان جو ازالو اها حڪومت ڪري سگهندي؟ جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت رڳو ان شرط سان گهر ڀيڙي ٿئي ته ان کان چهرا تبديل ٿيندا ۽ عمل ساڳيا رهندا ته پوءِ هاڻوڪي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ سان عوام کي ڪوبه فائدو نه ملي سگهندو. تنهنڪري ڀلي هي حڪومت هلندي رهي ۽ عوام جي سامهون اها وڌيڪ وائکي ٿيندي رهي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي سياسي وِيڙهه ۾ عوام وري به ننڌڻڪو نظر اچي رهيو آهي. ان لاءِ اها ئي ساڳي مهانگائي آهي، ان لاءِ اها ساڳي بيروزگاري آهي، اهو ساڳي بدامنيءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي. تنهنڪري سياستدانن کي گهرجي ته اهي اقتدار جي هن ويڙهه ۾ عوام کي ديوار سان نه لڳائين بلڪه انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اڳيان اچن. ڇاڪاڻ ته وري به انهن کي عوام ڏانهن ووٽ وٺڻ لاءِ وڃڻو آهي ۽ جيڪڏهن اهي حقيقي طور عوامي مسئلن کي سمجهن ٿا ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا ته عوام نه رڳو انهن کي ساراهيندو پر ايندڙ چونڊن ۾ به انهن کي ووٽ ڪندو ته جيئن اهي اقتدار جي ايوانن ۾ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ آواز اٿارين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button