ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب

Editorial-Article-Talib Khokhar

انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته تنقيد وقت جي اهم ضرورت آهي انهي سان گڏ اهو به لازمي آهي ته تنقيد ۽ تنقيص جي استعمال ۾ فرق ڪيو وڃي. تنقيد سان ئي ادب کي سائنٽيفڪ نظرين تي جانچي ادب جي اهميت ۽ افاديت کان واقف ٿي سگهجي ٿو. اڄ جو ادب صرف مسرت آفريني ۽ اخلاقي درس تائين محدود ناهي، انهي ۾ ڪيترائي نوان لاڙا متعارف ڪرايا ويا آهن. لان جانسن چيو هو ته، “ادب ۾ ترغیب ڏيڻ تمام ننڍڙو ڪم آهي، پر ادب کي جانچڻ لاءِ آفاقيت ۽ وجداني ڪيفيت جو طاري ٿيڻ ئي ٻه اهم پيمانا آهن”.
سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري صاحب پنهنجي تنقيدي تخليق “تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب” ۾ فن پارن کي جيئن جانچيو آهي انهي لاءِ جن پيمانن کي متعارف ڪرايو آهي ۽ انهن پيمانن مطابق ڪتاب ۾ شامل ڪيل مضمونن کي تنقيدي انداز ۾ پيش ڪري سنڌي ادب ۾ تنقيدي معيار کي تمام گهڻي تقويت ڏني آهي.
انهن سڀني مضمونن ۾ اصل ڪمال اسلوبيات جو آهي جنهن ذريعي هو سڀني فن پارن کي لساني، تجزياتي ۽ سائنٽيفڪ بنيادن تي پرکيو آهي. اصل ۾ اسلوبيات جو سڌو سنئون تعلق ادبي اظهار جي ماهيت سان آهي، تنقيد اهو واحد ذريعو آهي جنهن جي ذريعي اسان کي خبر پوندي آهي ته فن جي اهميت ۽ افاديت ڇا آهي ۽ ڪهڙين خواهشن جي تڪميل ڪري ٿو؟
ڊاڪٽر صاحب جي مضمون “پوسٽ ماڊرن ڊيسٽوپيا”جي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته اهي سڀئي شيون جن کي اسين انساني اهم ضرورت سمجهون پيا ۽ انهن جي مشهوري ڪرڻ وارن کي خداترس ۽ ٻاجھارا سمجهون پيا، اصل ۾ اھي سڀئي اسان کي ڪنٽرول ڪرڻ، پنهنجي ضابطي هيٺ هلائڻ جي ڪوشش ڪن پيا، ۽ اسين خوشي خوشي پنهنجو پاڻ کي سندن حوالي ڪيون پيا. اڄ هن جديد دؤر ۾ اشتهار هلائڻ وارو هر شخص هڪ گهڻ رخي مارڪيٽ پنهنجي هٿ ۾، پنهنجي کيسي ۾ کڻي گهمي ٿو. انهي مشتهر ماهر جي مرضي آهي ته هو پنهنجو اشتهار فيس بڪ تي هلائي، واٽس اپ تي هلائي، انسٽاگرام تي هلائي يا ٽيوٽر تي هلائي انھي سان گڏ اهو به انهي جي مرضي آهي ته پبلڪ کي متوجهه ڪرڻ لاءِ اهو اشتهار مردن، عورتن يا جانورن تي فلمائي ٿو. ڪنهن به طريقي سان ماڻهن جي سوچ تي قبضو ڪرڻو آهي انهي لاءِ هوڪا به ڏئي سگهجن ٿا ۽ گڏ ڌمڪائي به سگهجي ٿو، سندس وکر جي تعريف ڪرڻ لاءِ ڪرائي تي ماڻهو به رکي سگهجن ٿا، مطلب ته مقدار وڌايو معيار جو خير آهي اهو سڄو عمل اسان لاءِ ڊيسٽوپيا ثابت ٿيندو. وري ڊيسٽوپيا جو ٻيو مظهر اهو به ٿيندو ته انهي سڄي ڪم جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر صاحب چواڻي اسان پنهنجي لاءِ هٿ ڪڙيون پاڻ سان گڏ کڻي ٿا گهمون، پوليس جي ضرورت ئي ناهي. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسين پنهنجي وس ۾ نه هونداسين، کائينداسين، پئينداسين، گهمنداسين، سمهنداسين، پر پنهنجي مرضي سان نه!
ٻين جي مرضي سان سادن لفظن ۾ ايئن کڻي سمجهجي ته اسين پنهنجي مرضي سان ڪنهن سرڪس جي اشتهار جهڙا هونداسين. پوسٽ ماڊرن ڊيسٽوپيا کي سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب ڪيترائي جديد مثال ڏنا آهن، پر تنهن هوندي به هي پوسٽ ماڊرن ڊيسٽوپيا کي سمجهڻ لاءِ هيٺين عبارت ئي ڪافي آهي.
“پوسٽ ماڊرن ڊيسٽوپيا”جي سماج جي شهرين لاءِ اهڙو وايو منڊل انجنئرڊ ڪيو ويندو جنهن ۾ رهندي ان جا شهري ٻاهرين دنيا جي خوف ۾ رهندا حالتون ئي ماڻهن جي زندگي جي اوليتن کي طئي ڪنديون، جڏهن ته انفرادي فرد پنهنجي انفرادي معمولي خوشين يا خواهشن ۾ قيد هوندا صورتحال اصل ۾ هوندي ته داخليت جهڙي، جنهن ۾ محسوس ته ايئن ٿيندو ته انسان پنهنجي داخلي پسند ۽ ناپسند جي ڪري اڪيلائي يا آئسوليشن ۾ آهي پر اها داخليت فطري هجڻ بجاءِ مصنوعي ماحول ذريعي تيار ڪيل هوندي.”
ڊاڪٽر سليم اختر لکي ٿو ته “تنقيد اصل ۾ ڪلاس نوٽس وانگر آهي جنهن جو بنيادي ماخذ تقريبن هڪجهڙو رهي ٿو، پر انهي جا مثال تبديل ٿيندا رهندا آهن” جتي ڊاڪٽر مبارڪ صاحب نثري مضمونن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي اتي شاعري ۾ به تنقيدي نظرين کي سٺي نموني سمجهائڻ ۽ جديديت سان ڀيٽڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. شاعري تي تنقيد ڪرڻ لاءِ هڪ شاعر لاءِ ھيٺيان اصول ذهن ۾ رکڻ لازمي آهن نه ته شاعر جو شاعري جي روپ ۾ پيش ڪيل مضمون شاعري مان خارج سمجهيو ويندو.
١. شاعري جي روپ ۾ پيش ڪيل خيال ۾ ندرت ۽ نراليت آهي يا نه.
٢. شاعري ۾ مضمون توڙي جو هڪجهڙو هجي پر انهي جو لباس شاندار هجڻ گهرجي، جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته خيال ڀلي ڪيترو به اثرائتو هجي جيڪڏهن بهتر لفظن کي بهترين ترتيب نه ڏني وئي ته اهو خيال به شاعري مان خارج سمجهيو ويندو.
٣. شاعر جنهن موضوع تي لکي ٿو انهي موضوع لاءِ طبيعت ۾ جوش، جذبو هجي ته جيئن شعر ڪمزور نه ٿئي.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تنقيدي تجزيي لاءِ جيڪو به نظم کنيو آهي انهي کي بهتر تنقيدي سگھه سان پيش ڪيو آهي. ڪو به پيش ڪيل نظم بغير تنقيدي پس منظر ۽ پيش منظر جي ناهي. سندس چونڊ ڪيل نظم به تنقيدي شعور کي ثابت ڪن ٿا. جڏهن هو ادل سومرو جي شاعري جو تنقيدي جائزو پيش ڪري ٿو ته نه فقط ادل سومرو جي شاعري بلڪه ادل سومري جو مڪمل پوٽريت سامهون اچي وڃي ٿو. جيڪو سندس اعليٰ تنقيدي حس جو بهترين نمونو آهي. سندس پيش ڪيل تنقيدي جائزو پوري سنڌ جي حالتن جو تعين ڪري ٿو.
اهڙي طرح بردي سنڌي جي سرائڪي شاعري تي پيش ڪيل تنقيدي جائزو به اعليٰ نموني جو آهي شاعري ۾ بيان ڪيل حالتون فڪر ۽ فن لفظن جي اصل معنوي خوبي انهن جي اپروچ تمام بهترين تنقيدي انداز سان بيان ڪيل آهي. ڊاڪٽر صاحب جتي شاعرن جي شاعري جي بهترين لباس ۽ اوگهڙ جي ڳالهھ ڪئي آهي اتي پاڻ کي به تنقيد جي نشتر جي نوڪ تي پڻ رکيو آهي جيڪو هڪ بهترين نقاد جي نشاني آهي. وطن پرستي لاءِ گلزار جي نظم جو شعر “مقام عشق هوتا هي، مهاجر ڪڇ نهين هوتا” ۾ به تنقيدي حوالي سان وطن پرستي کي بهترين مثالن سان بيان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ورهاڱي وقت لڏي آيل اردو ٻولي وارن مهاجرن کي قبلو درست ڪرڻ جي دعوت ڏنل آهي. شعري تنقيد جي شعور ۾ اها ڳالهه سمايل آهي ته موضوع کي جيڪڏهن سٺا لفظ نه ڏنا وڃن، انهي کي سٺو لباس نه اوڍايو وڃي ته موضوع جي اوگهڙ صرف نظرن جي اڃ اجهائڻ تائين محدود هوندي، پر اوگهڙ جي سبب تي سوچڻ، ويچار ڪرڻ سندس وس کان ٻاهر هوندو. انهي لاءِ موضوع، مضمون کي بهترين لباس اوڍايو وڃي مطلب بهترين لفظن ۾ ادا ڪيو وڃي، ۽ بهترين لفظن سان گڏوگڏ تخليص ۽ جامعيت واري انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽر صاحب شاعري واري موضوعن ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ڏنا آهن.
يهي بيرون قدرت هي
ڪسي مال غنيمت مين
مقامي ڪڇ نهين هوتا
مهاجر ذوق هوتا هي
نظم جي بند ۾ مقامي سڃاڻپ کي مسخ ڪري مٽائڻ جو فلسفو سمايل آهي جنهن کي ڊاڪٽر صاحب بھترين تنقيدي انداز ۾ وضاحت سان گڏ پيش ڪيو آهي. اختصاري حوالي سان ڏٺو وڃي ته شاعري عقلمندي جي نشاني ضرور آهي پر شرط اهو آهي ته لفظن جي چونڊ اتم هجي. انهي لاءِ شبلي به چيو آهي ته لفظن جي اهميت شاعري ۾ خيال کان وڌيڪ آهي. انهي ڳالهه جي اهميت ابن رشيق جي ڪتاب “العمدت” مان واضح آهي ته “لفظ جسم آهي ۽ مضمون روح مطلب ٻنهي جو تعلق ايئن آهي جيئن روح ۽ جسم جو، ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن”
ادب ۾ تنقيد جي تمام گهڻي اهميت آهي، مطلب ته هن جديد دنيا ۾ جتي هر شئي جا سائنٽيفڪ ماپا دريافت ڪيا ويا آهن، اتي ادب جو ماپو تنقيد ئي آهي تنقيد جي ذريعي ئي صحيح قسم جي ادب جي تخليق ممڪن آهي. جيڪڏهن تنقيد نه هجي ته ادب جو وجود ئي باقي نه رهي، ضرورت آهي ته اديب لاءِ، تخليقڪار لاءِ قاعدا ۽ ضابطا مقرر هجن نه ته ڇڙواڳي انهن فن پارن ۽ فنڪارن کي خطرناڪ حد تائين پهچائي ڇڏيندي. تنقيد کانسواءِ آرٽ ۽ ادب جي بهترين تخليق ناممڪن آهي. تنقيدي، تحقيیقي، تخليقي ادب جا شاگرد جتي ارسطو، ڪولرج، سڊني، ميٿو آرنلڊ، ٽي ايس ايليٽ، لان جانسن، محمد حسين آزاد، الطاف حسين حالي، ڊاڪٽر سيد عبدالله، مولانا شبلي، ڪليم الدين احمد ۽ محمد حسن عڪسري وغيره کي پڙهن ٿا اتي ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ۽ ان جي تنقيدي تخليق “تنقيد نگاري ۽ سنڌي ادب” ۾ تمام گهڻي اهميت ۽ افاديت رکن ٿا، انهي جي مطالعي سان تنقيدي علم ۾ اضافو ٿئي ٿو تنقيدي ادب جو تمام بهترين ۽ پڙهڻ جهڙو ڪتاب ضرور پڙهو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button