شوبز

ول سمٿ جي ٿڦڙ بعد آسڪر ايوارڊ جا ڀاڳ کولي ڇڏيا

هالي ووڊ اداڪار ول سمٿ جي ڪاميڊين ڪرس راڪ کي ٿڦڙ هڻڻ بعد آسڪر ايوارڊ جا ڀاڳ کلي پيا آهن ۽ ان جي ريٽنگ هڪدم تمام گهڻو مٿي اچي وئي آهي. ميڊيا مطابق زال تي چٿر بعد ول سمٿ جذبات تي ڪنٽرول نھ ڪندي ڪاميڊين ڪرس راڪ کي ٿڦڙ هنئي تھ شو جي ريٽنگ وڌي وئي، ڇاڪاڻ تھ ول سمٿ جي زال تي چٿر ٿيڻ ۽ ڪاميڊين کي ٿڦڙ جا منظر هڪدم وائرل ٿي ويا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ آسڪر ايوارڊ شو جي خراب ريٽنگ کي ول سمٿ جي ٿڦڙ بلندين تي رسائي ڇڏيو، ڇوتھ شو جي ريٽنگ گذريل سال 9.85 ملين رهي، پر ول سمٿ جي ٿڦڙ بعد 15.36 ملين آمريڪين شو کي ڏٺو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button