عمران خان جي مٿان آيل سياسي آفت عثمان بزدار جي ڏنل قربانيءَ سان ٽري ويندي يا نه؟ ان سوال جو جواب هن مهل تائين ڪو به پڪ سان نه ٿو ڏئي سگهي. هر طرف شڪ آهي. ڇا عمران جو “سرپرائز” اهو هو؟ جڏهن ته جلسي واري رات سوشل ميڊيا تي عمران خان مسلسل تنقيدي بلڪه طنزيا تبصرن جو نشانو بڻيو رهيو. عمران خان جا اڪثر مخالف هن جي مٿان اها تنقيد ڪري رهيا هئا ته هن واعدي جي خلاف ڪو به “سرپرائز” نه ڏنو. جڏهن ته ان سرپرائز جي سسپينس ۾ هو پنهنجي ڊگهي تقرير ٻڌائي ويو. واقعي عمران خان جي اها طويل ترين تقرير هئي. ٻن ڪلاڪن تائين هلندڙ اها تقرير ڪرڻ به ڪمال آهي ته اهڙي طويل تقرير ٻڌڻ به مشڪل آهي. پر پوءِ به حيرت اها آهي ته اتي ويٺل ماڻهن اها تقرير نه صرف صبر سان پر جوش خروش جو مظاهرو ڪندي به ٻڌي. جڏهن ته ان تقرير ۾ اهڙو ڪجهه به نه هو جيڪو ماڻهن جو من منڊي سگهي. ان تقرير ۾ اهي پراڻيون گهسيل پٽيل ڳالهيون هيون، سواءِ ان خط جي جنهن کي به هو مخفي رکي ويو. هن اهو به نه ٻڌايو ته عمران خان کي اهو خط ڪنهن لکيو ۽ ان خط ۾ لکڻ واري ڇا لکيو؟ جڏهن ته هي دور خطن جو ناهي. هي دور ته اي ميلن ۽ واٽس ايپ ميسيجز جو آهي. هن جديد دور ۾ قديم طريقي سان ملڪ جي وزير اعظم کي ڪير ٿو ڌمڪي ڏئي سگهي؟
عمران خان جي ان جلسي تي ٻيو وڏو ميڊيا ٽرينڊ اهو هلندو رهيو ته ڇا عمران خان پنهنجي اعلان مطابق ڏهه لک يعني هڪ ملين ماڻهو ڪٺا ڪري سگهيو؟ ان سلسلي ۾ اڻ ڌري ميڊيا جو به اهو موقف هو ته جنهن جاءِ تي اهو جلسو ٿيو، ان هنڌ جي ايتري ڊيگهه ۽ ويڪر ئي ناهي جو اهو ماڳ پاڻ ۾ هڪ ملين ماڻهو سمائي سگهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ميڊيا سان پوءِ به ضد ڪندا ٻڌا ويا ته ماڻهو تمام گهڻا هئا. ڪجهه سادا ۽ جذباتي ڪارڪن ته ويهن لکن کان هيٺ لهڻ جي لاءِ تيار ئي نه هئا. جڏهن ته سياست ۾ دماغ کي استعمال ڪرڻ وارن جو خيال پنجن لکن جي لڳ ڀڳ رهيو. پر آزاد ذريعن جو خيال هو ته ماڻهو جو تعداد هڪ لک کان ته هر حال ۾ وڌيڪ هو. اهو تعداد ايترو گهٽ ناهي. ڇو ته پاڪستان ۾ ايتري گهڻي تعداد ۾ ماڻهن جو اچڻ ۽ اهو به بنا ڪنهن لالچ جي، معمولي ڳالهه ناهي. اهو معاملو ان مهل وڌيڪ حيرت جو سبب بڻجي وڃي ٿو، جڏهن ماڻهن جو ايترو گهڻو تعداد ان وزير اعظم جي اپيل تي ڪٺو ٿئي، جيڪو وزير اعظم پاڪستان جي تاريخ جو تمام گهڻو نامقبول وزير اعظم ثابت ٿيو هجي. ڇو ته هن جي دور ۾ جيڪا مهانگائي ٿي گذري آهي، ايتري ته پاڪستان پنهنجي ڪنهن به دور ۾ نه ڏٺي آهي. عام تاثر اهو هو ته عوام عمران خان سان اهڙو حشر ڪندو، جهڙو آمر ايوب سان ٿيو هو. پر اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ايوب خان جي زوال جو سبب فقط مهانگائي نه هئي. ايوب جي آمريت کي سڀ کان وڏو نقصان ذوالفقار علي ڀٽي جي ولولي ڀري شخصيت پهچايو هو.
عمران خان جيڪڏهن ايتري گهڻي نقصان کان پوءِ به عوام جي دلين تان ڪري ڌوڙ ٿي نه سگهيو آهي ته ان جو سبب هن جي شخصيت جو سحر نه پر هن جي خلاف متحرڪ مخالف ڌر ۾ ڪنهن به قسم جي ڪشش نه هجڻ آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مريم نواز لاءِ پنجاب ۾ ته تمام گهڻي ۽ ان کان پوءِ هڪ حد تائين سنڌ ۾ هڪ طرح جي اپيل آهي ۽ تمام گهڻي ڪوشش جي باوجود به بلاول پاڻ ۾ اهو جادو نه جاڳائي سگهيو آهي پر پوءِ به هن جي عمر ۽ هن جي مٿان هن جي والده جو پوندڙ پاڇو هن جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه همدرديءَ جو تاثر پيدا ڪري وٺي ٿو پر اها همدردي توڙي اها حمايت شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداريءَ لاءِ ڪنهن صورت ڪونهي. ميان نواز شريف جو ڪجهه نه ڪجهه اثر آهي پر عوام هن کي سياسي هيرو نه ٿو سمجهي ۽ هر ڀيري ڪو نه ڪو بهانو ٺاهي، هن جو ملڪ کان هليو وڃڻ به هن جي شخصيت کي ڪمزور ڪندو رهيو آهي. پر هن مهل ميان نواز شريف پاڪستاني سياست جي ميدان تي موجود ناهي. ان ڪري هن کي حساب ڪتاب ۾ نه ٿو آڻي سگهجي. باقي بقول عمران خان هي جيڪو “ٽن جو ٽولو” جنهن کي شيخ رشيد “گينگ آف ٿري” ڪوٺي ٿو، ان سان ته عوام ڪنهن طرح ڪٺو ٿيڻ نه چاهيندو. ڇو ته انهن کي عوام پاڪستان جي سياسي زوال جو سبب سمجهي ٿو. مولانا فضل الرحمان جي سياست منجهيل ۽ غيرعوامي آهي. باقي شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي ملڪي سياست ۾ اهو مقام حاصل نه آهي، جنهن تي هو هن مهل بيٺا آهن.
عوام صرف حڪمران جي خلاف نه اٿندو آهي. عوام ناڪام حڪمران خلاف اڀريل سياسي شخصيت جي پويان هلندو آهي. عمران خان جيڪڏهن هن مهل به لکين ماڻهو ڪٺا ڪري سگهي ٿو ته ان جو سبب هن ۾ ڪا وڏي خوبي نه پر هن جي خلاف مڇريل مخالف ڌر ۾ موجود خرابي آهي. جيڪڏهن عمران خان کي هارائڻو آهي ته مخالف ڌر کي هڪ نئون ۽ واعدي وارو چهرو اڳيان آڻڻو پوندو. مخالف ڌر هن مهل تائين اهڙو مهانڊو پيش نه ڪري سگهي آهي، جنهن ۾ اهڙي مڻيا هجي، جهڙي مڻيا ذوالفقار ڀٽو ۽ هڪ دور ۾ هڪ حد تائين بينظير ڀٽو ۾ هئي. عمران خان جي عوامي سگهه جو سبب هن جي مخالف ڌر آهي. عوام انهن چهرن جي پويان موجود انهن جو ڪردار ڪنهن به صورت ۾ فراموش ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڇا هن ملڪ جو ڪو سادو ماڻهو به اهو چوندو ته آصف زرداري هڪ ايماندار ۽ سچو سياستدان آهي؟ جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي هن جي اڳيان جهڪندڙ ۽ هن جي پويان ڪنڌ جهڪائي هلندڙ ماڻهن جون تصويرون عام جام شيئر ٿين ٿيون پر سڀني کي معلوم آهي ته هن جي اڳيان پٺيان هلڻ ۽ هن جي جي حضوري ڪرڻ يا هن کي مرد حر سڏڻ يا هن کي سڀني تي ڀاري قرار ڏيڻ جي پويان ڪا نه ڪا لالچ آهي. آصف زرداري کي گهڻو ڪري پاڪستان جي سياسي فلم جو ولين سمجهيو وڃي ٿو. اهو ولين جڏهن پنهنجي دولت کڻي عمران خان جي خلاف ميدان تي اچي ٿو ته عمران خان جهڙو غيرمقبول وزير اعظم به مقبول ٿيڻ لڳي ٿو. هن جي ان مقبوليت جو هڪ مثال هن جو گذريل رات وارو اهو جلسو به هو، جنهن کي مخالف ڌر ناڪام قرار ڏئي، پاڻ کي پڌرو ڪري رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي چوڻي آهي ته “ڌڪ دشمن جو به مڃجي” ان حوالي سان اها ڳالهه تسليم ڪرڻ گهرجي ته عمران خان جو جلسو ناڪام نه هو. اها ڳالهه به مڃڻ جهڙي آهي ته هن جي ان جلسي ۾ پيپلز پارٽيءَ جيان ڪرائي تي آندل ماڻهو نه هئا. انهن ماڻهن جي لاءِ سوارين جي سهولت پيدا ٿيل نظر اچي رهي هئي پر جيڪي ماڻهو موجود هئا، انهن جي اڪثريت ميڊيا جي آڏو عمران خان کي دل جي سچائيءَ سان سپورٽ ڪري رهي هئي. جيتوڻيڪ عمران خان انهن ماڻهن سان ڪنهن به طرح سياسي حوالي سان سچو نه آهي.
عمران خان جو اهو جلسو مذهبي نالي وارو هو. “امر بالمعروف” جي سري هيٺ جلسو ڪرڻ صرف عمران خان ئي افورڊ ڪري سگهي ٿو. اهو عمران خان جنهن سياسي جلسي ۾ مذهبي نالي تي ماڻهو ڪٺا ڪيا. جنهن پاڪستان جي گهسيل پٽيل سياسي تقرير جو مظاهرو ڪيو ۽ جنهن آخر ۾ پاڻ کي شهيد ڀٽو جيان پاڪستان جو باغي حڪمران بڻائي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن وڏي واڪي چيو ته هن جي خلاف ٿيندڙ سازش عالمي سطح جي آهي.جيتوڻيڪ هو انهن قوتن جو نالو وٺڻ جي همت نه ڪري سگهيو. ڇو ته نالي وٺڻ جي صورت ۾ هن کي بين الاقوامي سطح تي ثابت به ڪرڻو پوي ها.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ته گهاٽو وڻ هو. جڏهن ته هن جي ڀيٽ ۾ عمران خان سياست جي صحرا جو ڪوئي ڪانڊيرو آهي. پر سنڌي ٻوليءَ ۾ اهو پهاڪو به موجود آهي ته جتي وڻ نه هوندو آهي، اتي ڪانڊيري کي به درخت قرار ڏنو ويندو آهي. عمران خان جي سلسلي ۾ پاڪستان جي سياست نهايت شرمساريءَ سان هن جي ڪانڊيري وجود کي وڻ جي حيثيت ڏيڻ تي مجبور آهي. ڇو ته هن جي آس پاس ٻيو ڪو اهڙو وڻ ناهي، جيڪو هن جي اهڙي حيثيت کي ڀڃي ڀوري سگهي. جيڪو هن جي اصل حيثيت عوام جي آڏو پيش ڪري سگهي. جيڪو ثابت ڪري ته عمران خان مڪر ۽ فريب جو مرڪب آهي. جيڪو هن جي اصل صورت کي پڌرو ڪري سگهي.
عمران خان جي حوالي سان اسان کي مجبورن مڃڻو ٿو پوي ته عمران خان هن مهل به عوامي سگهه جو مالڪ آهي. ان جو ڪارڻ پاڻ ڪالم جي ابتدا ۾ ئي اهو پيش ڪري چڪا آهيون ته ان ڏوهه جي ڏوهاري مخالف ڌر آهي. عمران خان هن مهل به جنهن لئه ۽ ٺٺ جو مالڪ بڻيو ويٺو آهي، ان جو سبب پاڪستان جو سياسي زوال آهي. عمران خان جي سياست منافقت جو مجموعو آهي. عمران خان جنهن قسم جو ڪوڙو ۽ نقلي سياسي منجن وڪڻي رهيو آهي، ان جو ٽوڙ پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي هڪ اهڙي سياسي ڪردار جي ضرورت پيش آهي، جيڪو عمران خان جو ڪوڙو سياسي سحر ختم ڪري سگهي. جيڪو ثابت ڪري ته عمران خان ڪا وڏي خوبي ناهي پر سياسي دنيا جي ننڍي خرابي آهي. ڇو ته هن جي مقابلي ۾ بيٺل جڏهن وڏي خرابيءَ واري مخالف ڌر ڏسجي ٿي ته عمران خان ان جي ڀيٽ ۾ ننڍي خرابي نظر اچي ٿو. جڏهن ته ملڪ کي هن مهل ڪنهن خرابيءَ جي نه پر خوبيءَ جي ضرورت آهي. اها خوبي جيڪا عمران خان جي سياست توڙي شخصيت ۾ ناهي.