ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

فين ۾ واڌ سبب پريشان شاگرد

Editorial

ملڪ ۾ تعليم جون سهولتون ڪيتريون ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهن، ان جو اندازو سموري تعليمي سرشتي مان لڳائڻ ڏکيو نه آهي. سرڪاري سطح تي ملندڙ تعليم نه رڳو سهولتن کان وانجهيل آهي پر اسڪولن ۾ ٻارن جو انگ به گهٽجي رهيو آهي. عام ماڻهوءَ جو زور پرائيوٽ اسڪولن تي آهي. جتي ڳاٽي ٽوڙ فيون ڀري به اهي ٻارن کي تعليم ڏياري رهيا آهن. پر انهن اسڪولن جو تعليمي معيار به ايترو خاص ناهي. ڇاڪاڻ ته اتي به ڪي تربيت يافته استاد موجود نه آهن. پر هوندي به ماڻهو نجي اسڪولن کي ترجيح ڏين ٿا. هن وقت سرڪاري تعليمي ادارن ۾ سڀ کان وڏو رليف شاگردن کي اهو مليل آهي ته اتي انهن کي في ادا نٿي ڪرڻي پوي پر هاڻ اتي به اهو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. مختلف مدن ۾ فيون وٺڻ سبب شاگرد پريشان ٿيڻ لڳا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جون فيون ته ايتريون وڌايون ويون آهن جو شاگرد اها في برداشت نٿا ڪري سگهن. پر شاگردن جون به مجبوريون آهن. تنهنڪري اهي اهو زهر ڍڪ پي به تعليم کي جاري رکڻ جا جتن ڪندا ٿا اچن. تازو ئي تعليمي بورڊن پاران فيون وڌائڻ جي ڪري شاگردن ۽ استادن جي تنظيمن احتجاجن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب گورنمينٽ سيڪينڊري ٽيچرز ايسوسيئيشن (گسٽا) جي سڏ تي تعليمي بورڊ پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن کان فيسون وصول ڪرڻ ۽ استادن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ڪالهه مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون گسٽا اڳواڻن خطاب ڪيو. مٽياري ۾ سينيئر استاد ۽ گسٽا جي اڳواڻ محمد آچر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڏيرولال اسٽيشن ۾ گسٽا جي سڏ تي سوين شاگردن هايئر سيڪنڊري اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. نندوشھر جي سوين شاگردن وڌايل فيس خلاف ھا اسڪول نندو شھر کان پرس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ميرپوربٺورو جي استادن ۽ شاگردن گسٽا اڳواڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، سجاول ۾ اسڪول کان پتڻ ناڪي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي انهن خطاب ڪيو. گهارو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪوٽڙي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٽنڊوباگو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته تعليمي بورڊ حيدرآباد نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن تي فيون مقرر ڪري غريب ۽ بي پهچ شاگردن کان تعليم کسڻ جي جي ڪوشش ڪئي آهي. هنن چيو ته سال 2017ع ۾ سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جون ٽيوشن ۽ امتحاني مدن ۾ شاگردن کي ڇوٽ ڏئي چڪي آهي. ان کان پوءِ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن کان فيون وٺڻ ظلم آهي. هنن چيو ته سيڪنڊري ٽيچرز ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهن جن ۾ جي ايس ٽي ۽ ان جي برابر اڌر ڪيڊر استادن کي 17 اسڪيل ڏيڻ، ٽائيم اسڪيل جو نه ملڻ، 2012ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن کي پگهارون نه ملڻ ۽ بايو ميٽرڪ جهڙا مسئلا سامهون آهن. جڏهن ته رٽائرڊ استادن کي گروپ انشورنس نه ملڻ ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته حيدرآباد تعليمي بورڊ پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن کان فيون وصول ڪرڻ ۽ استادن جي مسئلن جو فوري نوٽيس وٺي مطالبا تسليم ڪيا وڃن. سنڌ ۾ هزارن جي انگ ۾ اهڙا شاگرد آهن، جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ ان ڪري تعليم پرائين ٿا ته جيئن اهي فين کان بچي سگهن ته جيئن انهن جا ٻيا خرچ پورا ٿيندا رهن. پر هاڻ جڏهن سرڪاري اسڪولن ۾ ڳاٽي ٽوڙ فيون وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ته اهي شاگرد ڪهڙي ريت پنهنجي تعليم پرائڻ جو سلسلو جاري رکي سگهندا. ڇاڪاڻ ته اهي بي پهچ شاگرد آهن.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي تعليم کاتي جو هي فيصلو تعليم دشمن فيصلو آهي. جنهن جي ڪري ڪيترائي شاگرد اسڪول ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويندا، جڏهن ته اهي پنهنجي تعليم کي جاري رکڻ ٿا چاهين. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليمي بورڊ پاران هي فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ان کان سواءِ شاگردن کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته جڏهن حڪومت اهو چاهي ٿي ته سنڌ ۾ تعليم جو تناسب وڌ کان وڌ هجي ته پوءِ هن قسم جا فيصلا ڪري سنڌ جي شاگردن لاءِ تعليم جا در بند ڪري رهيي آهي. جنهن سان هزارين شاگرد تعليم کان محروم رهجي ويندا. تنهنڪري هي فيصلو ترت واپس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button