آءُ واندڪائي ۾ هائيپر ريئلٽي جو مريض ٿيڻ کان وڌيڪ ترجيح ريڊنگ کي ڏيندو آهيان، فلسفي سان مان نئون نئون وچڙيس، مُختلف دوستن جي ڪچهرين مان لفظ جديديت پُڄاڻان ٻُڌڻ وٽان ملي پيو، پر ان لفظ جي تعريفي معنيٰ جي سائين جامي چانڊئي جي نصيرآباد ۾ ڏنل هڪ ليڪچر دوران سُڌ پئي ته اهيا آهي ڪهڙي بلا آهي ۽ پوءِ هڪ جُستجو جاڳي ان موضوع تي مواد پڙهڻ جي. ان دوران ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو هي ڪتاب مُنهنجي هٿ چڙهي ويو ڄڻ مُنهنجي لاءِ عيد ٿي وئي.
ڪتاب جي سڀ کان خاص ڳالهه اها آهي ته جديديت پُڄاڻان جو بهترين نموني تعارف ڪرائي ٿو. ايئن چئجي ته هي بُنيادي ڪيپسول آهي پوسٽ ماڊرنزم کي سمجهڻ لاءِ، ڪيئن سرمائيداري نظام ۽ اُن جو هٿيار جنهن دُنيا کي اڊيڙي ۽ اُکيڙي هڪ وکر بنائي پروڊڪٽ جي شڪل ڏئي ڇڏي آهي ۽ اُن جو طاقتور هٿيار ميڊيا آهي، هن وقت فلسفي جي دوستن سان گڏ ميڊيا جي شاگردن کي به هي ڪتاب پڙهڻ گُهرجي ته ميڊيا ڪهڙي معيار مُطابق ڪم ڪري رهي آهي. پوسٽ ماڊرنزم تي سنڌي ۾ لکيل هي ڪتاب هڪ ناياب ۽ تعريف جهڙو آهي.
جديديت پڄاڻان دور اهڙو ئي آهي جنهن ۾ عقل ۽ سمجهه گم آهي. بس مارڪيٽ جي تصور پٺيان ڊوڙندا رهو يا وري پاڻ تصور ٺاهيو ۽ مشهور ڪريو، جي هلي ويا ته توهان ڪروڙ پتي ٿي ويندا. ڇو ته صحيح غلط سچ ڪوڙ جو قدر ته ٽٽي چڪو آهي.
ڪلاسيڪل دور ۾ عشق هو، جديد دور ۾ پيار هو پر جديديت پڄاڻان ۾ ڊيٽينگ آهي. ڪلاسيڪل دور ۾ ڏاهپ هئي جديد دور ۾ تعليم هئي پر جديديت پڄاڻان ۾ صرف انفارميشن آهي جنهن کي ميڊيا ييلو جرنلزم طور استعمال ڪري پئي.
مارڪس جو نظريو آهي ته تاريخ تضادن جي صورت ۾ اڳتي وڌي ٿي، تضاد ۾ هڪ کي کٽڻو آهي پر جديديت پڄاڻان win+ win جو فلسفو ڏئي ٿي، جديديت پُڄاڻان پُراڻن نظرين سان ڪو تعلق نٿو رکي هي نئين سِر بلڪ زيرو کان شروع ٿئي ٿو.
ڪارل مارڪس جو مسئلو اهو هو ته ماڻهو کي صرف مادي دنيا جي سک ۽ ضرورتن تائين محدود پئي رکيو پر مابعد جديديت ۾ ان جي ڪا به اهميت نٿي رهي، غير مادي معيشت سڀ ڪجهه آهي يعنيٰ “Intangible economics” جنهن جو وڏو مثال ٽيڪنالاجي جو دور آهي جيڪو غير مادي دُنيا کي جنم ڏئي ٿو. مابعد جديديت فيوچر شاڪس جو دور آهي. مابعد جديديت جي اها به خصوصيت آهي ته ماڻهن کي ايترا رخ ڏيکاريو جو هو منجهي پون ۽ سوچڻ ڇڏي ڏين جنهن جو مِثال اڄ مختلف ڪمپنيون پنهنجا پروڊڪٽَ ميڊيا ذريعي ماڻهن کي ڏسي اُنهن ۾ خوشي سان گڏ مايوسي به ڦهلائي رهي آهي پر مابعد جديديت جو انهن جي احساسن نه پر ڌن سان تعلق آهي، ڏکن کي ڪيش ڪرايو عذابن کي ڪمرشلائيز ڪريو، هن وقت اخلاقي قدرن جي اهميت ردي جي ٽوڪري برابر به ناهي رهي. جنهن جو فائدو اهي ڊجيٽل ڪمپنيون وٺي رهيون آهن، جنهن جو پُختو مثال اڄ اسان جي سامهو آهي ڪلچر تباهه، تاريخ جو خاتمو، فطرت سان ڇيڙ ڇاڙ، محبت جو خاتمو، مُستقل مزاجي جو خاتمو ٿي چڪو آهي ڪوڙ هڻڻ ضرورت بنجي ويو آهي. مابعد جديديت هر سائنسي سهولت کي انسان خلاف استعمال ڪري ٿي ۽ دولت جا انبار گڏ ڪري ٿي.
بقول ڪارل مارڪس جي فيشن، گلئمر، ۽ اشتهار جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي پر هِن وقت گلوبل وليج ۾ جتي دنيا ڊجيٽلائيزڊ بڻجي چُڪي ۽ اُن دنيا ۾ سرمائيداري جو اهيو هڪ مضبوط پهلو بڻجي چڪو آهي جنهن کي مارڪس رد ڪيو. هن وقت سرمائيداري جو ڌيان پيداوار تي ناهي رهيو پر نقلي پيداوار تي آهي ايتري قدر جو اڄ انسان به نقلي اچي چُڪو آهي ايتري قدر يورپ ۾ سيڪس لا گُڏي دريافت ڪئي وئي آهي.
اسان حقيقت جي دنيا کان الاهي پري رهي رهيا آهيون جتي هر شئي تي پردو چڙهيل آهي، جنهن کي هائيپر ريئلٽي چئبو آهي مطلب سچ جي اهميت زيرو آهي جنهن جي جڳهه ڪوڙ ورتي آهي ۽ ان کي ئي تسليم ڪرڻ هرڪو پنهنجو ڀلو سمجهي ٿو. مابعد جديديت هائيپر ريئلٽي کي جنم ڏنو آهي ۽ اسان هڪ خيالي ۽ تصوراتي دنيا کي حقيقت سمجهي جيئون پيا.
هِن ڪِتاب کي پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته جديديت پُڄاڻان دور ۾ هَر شئي آرٽيفشل بڻجي چُڪي آهي انسان ۾ لالچ جي لُڇ انتها کي ڇُهي ٿي ۽ هو ڪِنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار رهي ٿو، پئسي ڪمائڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بنجندڙ هر شئيِ کان هُو باغي آهي، رِشتا پَنهنجي اهميت وڃائي چُڪا آهن. سِکڻ واري صلاحيت وڃائي چُڪو آهي، انسان تجربن مان سِکڻ ڇڏي ڏنو آهي تڏهن ساڳيون خساري ۾ ڌڪيلڻ واريون شيون بار بار ٿينديون رهن ٿيون، روز رسڪ کڻڻ، مهم جوئي ڏيکارڻ، جانباز بنجڻ ۾ هيرو ازم جديديت پُڄاڻان دور ۾ انسان جي اهم ڪِرت بنجي چُڪي آهي. ماضي جي سَبقن کي انسان حال جي تختي تان ميساري ڇڏيو آهي ۽ اڳتي جي چنتا جي چڪر ۾ مايا جو پوڄاري بنجي چُڪو آهي.
جديديت پُڄاڻان ۾ حقيقت کان اِنڪاري بنجي هر شئيِ کي جيڪا جِنهن به صورت ۾ آهي اُن کي صحيح سمجهيو ويو آهي مطلب ته حقيقت جي معيار کي ايترو ته ڪيرايو ويو آهي جو نقاب پرده پوش شيون به حقيقت لڳي رهيون آهن. وقت جي حساب سان اها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته هِن وقت پئسي کي پُوڄيو پيو وڃي ۽ هر ڌرم کان مٿانهون مان پئسي کي ئي ڏنو ويندو، صرف اندازي تحت. دنيا سڪڙجي ويئي آهي، پر ماڻهو ماڻهو کان ڌار آهي.
(هلندڙ)