ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جمهوريت جو انتقام ۽ جمهوري نظارو

Editorial-Article- Ali Muhammad Memon

محترمه بينظير ڀٽو جي قول موجب،”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي.” يقينن، اڄ اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ پارليامينٽ ۾ غير جمهوري قوتن خلاف جمهوريت جي انتقام وارا بيشمار نظارا ڏسڻ جا وري موقعا ملي رهيا آهن. دنيا جي رانديگرن ۽ عالمي اسٽاڪ مارڪيٽ جي سيڙپڪارن ذريعي اسان جي ملڪ ۾ آندل سونامي ۽ انتقامي ذهنيت رکندڙ ريٽائر ڪپتان کي آڻي ملڪ جو مالڪ بنائڻ وارو عمل يقينن اسان جي ملڪ جي سياسي سرشتي کي کاٽ هڻڻ وارو هڪ وڏو واقعو هو، جنهن سان جمهوري سرشتي کي تبديل ڪرڻ ۽ عوامي قوتن کي ڪاٺ ۾ وجهڻ ۽ جيلون ڀرڻ واريون ظالماڻيون ڪارروايون ۽ ڪيل وارداتون آخرڪار قانون قدرت جي پڪڙ ۾ اچڻ شروع ٿي ويون آهن. ملڪ جي ڪروڙين تحريڪي ۽ سجاڳ عوام جي ڪر موڙي ملڪ ۾ نڪري پوڻ ۽ مارچ برپا ڪرڻ جا آخرڪار نتيجا ظاهر ٿيڻ لڳا آهن ۽ ملڪ جو سياسي وايو منڊل وڏي پيماني تي اٿل پٿل جو شڪار ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.
سونامي جون سمنڊ ڏانهن واپس لهندڙ موجن وانگر، سونامي جماعت جي پڻ واپسي وارو عمل پڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ سيلابي ٻوڏ وانگر، ڇانيل ٻوڏ جو ملڪ تان لهڻ وارو سلسلو پڻ شروع ٿي چڪو آهي. سونامي سرڪار ۽ رانديگرن واري حڪومت هن وقت وڏن لوڏن ۾ نظر اچي رهي آهي. ساڍا ٽي سال اڳ لاڏ ڪوڏ سان آندل وزير اعظم ۽ رانديگر واري سرڪار واري ڪپتان عمران خان خلاف آخرڪار پارليامان ۾بي اعتمادي واري رٿ پيش ٿي وئي آهي ۽ ايوان ۾پيش ڪيل بي اعتمادي واري رٿ تي آئين مطابق بحث ۽ ووٽنگ لاءِ ايوان ۾موجود مخالف ڌر جي 161 قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي اڪثريتي ووٽ سان وزير اعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي بحث ۽ راءِ شماري ڪرڻ لاءِ منظور ڪري ورتو. اهڙي ريت، ٻن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ 31 مارچ تي قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٻيهر ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾وزير اعظم عمران خان جي قسمت جو فيصلو ڪيو ويندو. وزير اعظم عمران خان ۽ سندس سونامي سرڪار جي قسمت جو فيصلو ته پارليامينٽ ۾موجود قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي اڪثريت سان ئي ٿيڻو آهي پر پارليامينٽ کان ٻاهر ملڪ جي ميدانن، شهرن، ٻهراڙين ۽ روڊ رستن تي پڻ ماحول تمام گهڻو گرم آهي.
هڪ پاسي، حڪمران پنهنجيون ڪرسيون بچائڻ لاءِ سرگرم آهن ۽ ملڪ کي ڏي وٺ واري بازار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ويو آهي ته ٻئي پاسي حڪومت مخالف ڌرين تي مشتمل جماعتن جون سرگرميون ايتريون ته وڌيل آهن جو هو سرڪار جي هر پاسي کان ناڪابندي ڪري رهيون آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ کي پيش ڪرڻ کان پوءِ اوچتو پنجاب اسيمبليءَ ۾ وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف پڻ بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪري ڇڏي. جنهن جي نتيجي ۾ پنجاب اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ واري حڪومتي امڪاني ڪارروائي کي وقت کان اڳ ئي روڪي ڇڏيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ وزير اعظم عمران خان طرفان وفاق ۽ صوبي ۾ پنهنجيون حڪومتون بچائڻ لاءِ وڏي وزير عثمان بوزدار کان استعيفيٰ وٺي اتحادي مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهيءَ کي پنجاب جو وزير اعليٰ نامزد ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پئجي ويو آهي. هوڏانهن، حڪومت جي اتحادي ڌرين جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي هڪ وڏي انگ مخالف اتحاد سان شامل ٿي وئي آهي ۽ پارليامينٽ ۾ وزير اعظم جي حامي ميمبرن جو انگ ايترو ته گهٽ ٿي ويو آهي جو وزير اعظم کي ٻيهر اعتماد جو وٺڻ به مشڪل ٿي ويو آهي. جڏهن ته سامهون آيل انگن اکرن موجب، قومي اسيمبلي واري ايوان ۾ مخالف ڌر جي اتحاد کي حڪومتي اتحاد تي سرسي حاصل ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي حامين ۾ واڌ ۽ حڪومت جي اتحادين ۾ ورڇ واضح ٿي اڀري آئي آهي. وزير اعظم طرفان (ق) ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪرڻ سان (ق) ليگ ۾ ئي اختلاف ۽ ورهاست سامهون اچي وئي آهي، هن جماعت جي قومي اسيمبليءَ جي چئن ميمبرن مان ٽي ميمبر وزير اعظم عمران خان جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. اهڙي ريت، پنجاب واري صوبائي اسيمبليءَ ۾ حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف پڻ ڪيترن کي ڌڙن ۾ ورهايل آهي ۽ جڏهن ته پنجاب اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي جماعتن جي اسيمبلي ميمبرن جو انگ به لڳ ڀڳ حڪمران جماعت جي ويجهو ئي نظر اچي رهيو آهي. اهڙي قسم جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾پنجاب ۾ پي ٽي آءِ اتحاد جي حڪومت جو برقرار رهڻ ۽ انهيءَ ايوان مان اسپيڪر چوڌري پرويز الاهيءَ جو استعيفيٰ ڏئي وزير اعليٰ لاءِ اڪثريت وارو ووٽ وٺڻ پڻ هڪ وڏي آزمائش بنجي ويو آهي.
وفاقي حڪومت جي گذريل چئن سالن دوران ناقص ۽ تڪراري ڪارڪردگي سبب وڌندڙ غير مقبوليت ڪري اتحادي جماعتن جي هڪ انگ جو مخالف ڌر جي جماعتن واري اتحاد سان شامل ٿي وڃڻ اهڙا وڏا واقعا ٿيا آهن. جنهن کان پوءِ وزير اعظم جو بي اعتماد واري رٿ کان بچي نڪرڻ ڏينهون ڏينهن مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻ کان وڌي ناممڪن ٿيڻ ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ اتحادين جي درج رڪارڊ موجب وزيراعظم يا حڪومتي اتحاد جي ميمبرن جو انگ فقط 172 ميمبرن تي وڃي بيٺي آهي ۽ مخالف ڌر جي اتحاد جي ميمبرن جي ظاهري انگ وڌي 169 ٿي وئي آهي، جڏهن ته حڪمران جماعت جي باغي گهٽ ۾ گهٽ 24 ميمبرن جا ووٽ اصل فيصلو ڪرڻ واري حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. جيڪڏهن باغي 24 ميمبرن مان فقط 4 ميمبر به مخالف ڌر سان ووٽ ڪن ٿا ته وزير اعظم پنهنجي اڪثريت وڃائي ويهندو ۽ بي اعتمادي جي رٿ اڪثريت سان منظور ٿي ويندي. پر جيڪڏهن وزير اعظم خلاف ووٽ ڏيندڙ باغي ميمبر جو انگ 10 ۽ ان کان به وڌيڪ ثئي ٿي ته، پوءِ وزير اعظم ۽ ان جي حڪومت خلاف هر لحاظ کان صورتحال هاڃيڪار ۽ عبرتناڪ پڻ ٿي سگهي ٿي.
ملڪ ۾ ٿيندڙ ڄاڻايل سياسي اٿل پٿل يقينن سالن جي سياسي تحريڪ ۽ محنت جو حاصل آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار پاڪستان جي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو واضح طور تي نمايان ۽ نروار ٿي سامهون آيو آهي. هن نوجوان قيادت پنهنجي ننڍي عمر ۽ گهٽ تجربن جي باوجود 2018ع واري ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن جي نتيجن موجب سندس جماعت کي پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان ختم ڪرڻ لاءِ هلايل خاص مهم جو شڪار ٿيڻ جي باوجود پنهنجا جذبا سهيڙي هوش ۽ حواس قائم رکيا ۽ جمهوريت دشمن قوتن لاءِ جمهوريت جو انتقام پارليامينٽ ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ مسلم ليگ نواز، جي يو آءِ ۽ عوامي نيشنل پارٽي سميت هاڻوڪي پي ڊي ايم ۾ شامل ٻين جماعتن طرفان عام چونڊن جي نتيجن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ اليڪشن جي چوري خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ پارليامينٽ ۾ پنهنجن عهدن جو قسم نه کڻڻ واري اظهار کي رد ڪيو ۽ سڀني متاثر ڌرين کي جدوجهد جو مرڪز پارليامينٽ جي ايوانن کي بنائڻ واري پنهنجي سوچ کي مڃرايو، اڳتي هلي آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) قائم ڪئي پر اکين پور اتحادين طرفان اتحاد جي باني جماعت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي پارليامان مان استعيفيٰ نه ڏيڻ تي بيدرديءَ سان ڌڪي ڌار ڪيو ويو پر ان جي باوجود ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي قابل فخر فرزند ۽ نئين دور جي نوجوان ليڊر مايوس ٿيڻ بدران عوام ۾ ويساهه رکيو ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکي. اڳتي هلي پارليامينٽ ۾ پارليماني جماعتن جو اتحاد قائم ڪيو ۽ آخري معرڪي ۾ 27 فيبروري کان 8 مارچ 2022 دوران هلايل عوامي هلچل ۽ عوامي مارچ سان سموري ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي.
اڄ سموري ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سموري جمهوري تحريڪ جي قيادت ڪري رهي آهي. تمام گهڻي اچرج واري ڳالهه هئي ته، نئين پارليامينٽ جي پهرين ئي اجلاس ۾ پهريون ڀيرو چونڊجي ايندڙ پارليمينٽرين ۽ ليڊر بلاول ڀٽو طرفان وزير اعظم عمران کي سليڪٽڊ قرار ڏنو ۽ انهيءَ کي ثابت پڻ ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل مخالف ڌر طرفان پارليامينٽ ۾ وزير اعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي منظوري واري سيمي فائنل کٽڻ واري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻي 31 مارچ تي قومي اسيمبليءَ ۾ شروع ٿيندڙ فائنل ٽيسٽ ميچ ۾ ڪپتان واري سرڪار جي قسمت جو فيصلو پڻ ٿيڻ وارو آهي. هن پارلياماني ميگا دنگل ۽ سياسي ملاکڙي جو نتيجو ڇا ٿيندو، بس ٿورڙو انتظار!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button