“تذليل وارن تجربن مان هڪ اسڪول جي ڀرپاسي ۾ گِڪويو (مادري ٻولي) ڳالهائڻ مهل پڪڙجي پوڻ هوندو هو. ڏوهاري کي جسماني سزا ڏني ويندي، جنهن ۾ کيس پنج لٺيون ويهڪ واري جاءِ تي هنيون وينديون هيون يا وري هڪ لوهي ٿالهي سندس ڪنڌ ۾ لڙڪائي ويندي هئي، جنهن تي هي اکر لکيل هوندا هئا. آئون ڄٽ آهيان يا آئون گڏهه آهيان.”
مٿيون سٽون ڪينيا جي ناليواري ناول نگار ۽ نثر نويس گگي واٿنگيو جي ڪتاب Decolonising the Mind جون آهن. جيڪڏهن اسين ان ڪتاب جي عنوان جو سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪريون ته ٿيندو، “ذهني والار کان آجپو”. گگيءَ جو هي ڪتاب آفريڪا ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻولين سان ٿيل ناانصافين ۽ ويڌن تي لکيل آهي. آفريڪا جو سڄو کنڊ ڪنهن نه ڪنهن ريت يورپ جي ڪالوني رهيو آهي. انگريز ۽ فرينچ آفريڪا تي قابض رهيا آهن. تنهنڪري انهن آفريڪا جي قومي ۽ مادري ٻولين سان جيڪي ڪجهه ڪيو آهي، اهو هن ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. گگي جي مادري ٻولي گڪويو هئي پر جڏهن هو اسڪول ۾ پڙهندو هو ته کيس اها ٻولي ڳالهائڻ کان منع ڪيو ويندو هو. هن پنهنجو پهريون ناول “ويپ ناٽ چائيلڊ” انگريزيءَ ۾ لکيو پر پوءِ اڳيان هلي هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ کي ترجيح ڏني. ائين هو اڄ ڏينهن تائين دنيا ۾ نه رڳو پنهنجي ٻولي پر آفريڪا جي قومي ٻولين جو ڪيس وڙهي رهيو آهي. اهڙي ريت سنڌ ۾ جيڪا حالت سنڌي ٻوليءَ سان آهي، ان تي هڪ پاسي اسين ڳڻتي ۾ ورتل آهيون ته ٻئي پاسي ٻوليءَ جا مستري آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته ٻوليءَ جي بقا جو حل رڳو ٽيڪنالاجي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان اهڙُو ئي هڪ سيشن سنڌ لٽريچر فيسٽيول ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو هو. سيشن ۾ انهن ماڻهن کي مهمان طور گهرايو ويو هو. جيڪي سنڌي ڪمپيوٽنگ تي ڪم ڪري رهيا آهن. اهي ٻوليءَ کي محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجي پاران ڏينهن رات لڳا پيا آهن. ان سيشن ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون يا جيڪي بحث سنڌي اسڪرپٽ جي حوالي سان ڪيا ويا، انهن کي ٻڌي ائين لڳو ته ٻولي واري ڪيس کي وڌيڪ بگاڙيو پيو وڃي.
ٻولي ڪو افسانو ناهي، اها ڪا ڪهاڻي ناهي بلڪه ٻوليءَ جو شعبو مڪمل سائنس آهي. جنهن کي لساني ماهر سٺي نموني پيش ڪري سگهن ٿا. ان کان سواءِ ٻوليءَ جو سائنسي هجڻ کان وڌيڪ اهم پاسو سياسي آهي. اڄ جڏهن اسين اهو چئون ٿا ته فلاڻي ٻولي وڏي آهي ۽ فلاڻي ٻولي ننڍي آهي ته اهو هڪ مفروضي کان سواءِ ڪجهه به ناهي. ٻولين جي اهميت کي رياستي سرپرستي وڌائيندي آهي. ٻولين کي مارڪيٽ اڪانامي اهم بڻائيندي آهي. ٻولين کي ان جا ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ پڙهندڙ اهم بڻائيندا آهن. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اردو کان سواءِ ٻين سڀني قومي ٻولين کي اڇوت سمجهيو ٿو وڃي. اهو ان ڪري جو اردو هن ڌرتيءَ جي ٻولي ناهي، اها هڪ مڙهيل ٻولي آهي. جنهن کي رياست پاران ايتري ته پذيرائي ۽ هٿي مليل آهي جو ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها هر ڪنهن کي سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي آهي. دنيا جي ڪابه ٻولي ايتري سولي ناهي جيترو اسين سمجهون ٿا ۽ ڪا به ٻولي ايتري ڏکي ناهي جيترو اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي. هڪ ٻوليءَ جا بنيادي اصول سکڻ لاءِ ڇهه مهينا ڪافي هوندا آهن. تنهنڪري ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جي ڀيٽ ۾ ان جو سياسي ڪيس وڌيڪ اهم آهي.
ان سيشن ۾ هڪ مهمان ته سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ايترو جذباتي لڳو پيو هو جو تاثر اهو پئي مليو ته سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ بس هو هڪ وڃي بچيو آهي ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ختم ٿي ويا آهن. هاڻ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ڪو بچيو ئي ناهي. ان کان سواءِ هن سنڌي ٻوليءَ جي اسڪرپٽ تي جيڪي عقل جا واهڙ وهايا اهي به عجيب هئا. کيس اهو اعتراض به هو ته سنڌي ۾ گهڻن نقطن وارا لفظ ڇو آهن ۽ ان کان سواءِ ک -کٽ اصل ۾ عربيءَ جو ڪاف آهي، ان کي سنڌيءَ ۾ ک -کٽ ڇو ڪري شامل ڪيو ويو آهي. انگريزي ٻوليءَ کي پنهنجو اسڪرپٽ ناهي، اهو سڄو رومن کان اڌارو ورتل آهي ته پوءِ اها هن وقت سڄي دنيا جي اهم ترين ٻولي ڪيئن آهي ۽ دنيا جي هر ملڪ ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. ان کان سواءِ اهي نقص جيڪي ٽيڪنالاجي هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان حل نه پئي ڪري سگهي، انهن کي به سنڌي اسڪرپٽ جا نقص قرار ڏنا ٿا وڃن. جڏهن ته ان لاءِ اسان کي ٽيڪنالاجيءَ کي جديد ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙي ريت جيستائين نقطن جو معاملو آهي ته جڏهن سنڌي يوني ڪوڊ ۾ موجود آهي ته پوءِ اتي ته اسان کي رڳو ڪي بورڊ جي هڪ ڪي دٻاڻي پوندي آهي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو هٿ سان به لکي ٿو ته ان ۾ ڪا خراب ڳالهه ناهي.
اسين ٻوليءَ کي ٽيڪنالاجيءَ جو محتاج ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيڪڏهن ٽيڪنالاجي نه رهندي ته پوءِ ٻولي به ختم ٿي ويندي. سنڌ ۾ هن وقت ڪيترن ماڻهن کي ان قسم جي ٽيڪنالاجي تائين رسائي مليل آهي. ان کان سواءِ ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي سنڌي لکي سگهن ٿا. ٻوليءَ جو معاملو رڳو ان کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ سان به حل نٿو ٿي سگهي، اهو ته هڪ مرحلو آهي. جنهن وسيلي اسين سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ان حد تائين مڃرائي سگهون ٿا ته اها هڪ قوم جي ٻولي آهي، جنهن کي قبول ڪيو وڃي پر جيڪڏهن اها اسڪول مان تڙيل ٻولي هجي، ان جي ڳالهائڻ وارا ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا هجن ۽ اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي استاد (ماسترياڻيون) اهو چون ته ڪلاس ۾ سنڌيءَ ۾ نه ڳالهايو، اردو يا انگريزيءَ ۾ ڳالهايو ته پوءِ ان ٻوليءَ کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو.
هندستان ۾ سنڌي قَومي ٻولي آهي، پر اها مارڪيٽ جي ٻولي ناهي، اسڪولن ۾ نه هئڻ برابر آهي. تنهنڪري اڄ به اتان جا سنڌي پنهنجي ٻوليءَ ۾ نٿا ڳالهائين ۽ پوڙهن جو آخري نسل رڳو سنڌي ڳالهائي سگهي ٿو. اتي به اها ٽيڪنالاجي وسيلي ويب سائٽن ۽ انٽرنيٽ جي پيجن تي محفوظ ٿيل ٻولي آهي. ڇا اها ٽيڪنالاجي اتان جي هاڻوڪي نسل کي ان لاءِ مجبور ڪري سگهي آهي ته اهي پنهنجي قومي ٻوليءَ ۾ ڳالهائين.
سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان جڏهن اسين اهڙن ماڻهن کي ٻڌون ٿا ته اها ڳالهه چٽي ٿي ٿي وڃي ته اهي سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس به بگاڙي رهيا آهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان عوام توڙي دنيا کي گمراهه پڻ ڪري رهيا آهن. اهي اسڪرپٽ جو معاملو اٿارين ٿا، ٻوليءَ ۾ نقطن جو معاملو اٿارين ٿا يا جيڪڏهن ٽيڪنالاجي ڪو مسئلو حل نٿي ڪري ته ان کي ٻوليءَ جو نقص قرار ڏين ٿا پر اهي ان پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن ته ڪنهن ٻوليءَ جا ڀلي ڏهه ڌار ڌار لکتون هجن پر جيڪڏهن ان جي ڳالهائڻ وارا ئي نه هوندا ته ڪير لکندو ۽ ڪير پڙهندو.
سو ٻوليءَ جو معاملو نج سائنسي ۽ سياسي آهي. ان کي ان زاويي سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي ٻولي هڪ اهڙي رياستي جبر هيٺ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، جتي ان لاءِ خطرا وڌي رهيا آهن پر انهن خطرن کي اهڙي ريت به پيش نه ڪرڻ گهرجي ته بس ٻوليءَ جيڪڏهن ڪنهن ويب سائيٽ وسيلي محفوظ نه ڪئي وئي ته فنا ٿي ويندي. عبراني ٻولي اڄ اسرائيل جي قومي ٻولي آهي. اها قومي ٻولي ان ڪري ٿي سگهي ۽ بچي وئي جو ان جا ڳالهائيندڙ موجود هئا. تنهنڪري هي معاملو ٻوليءَ جي مسترين بدران لساني ماهرن حوالي ڪيو وڃي ته ان مسئلي جا بهتر حل نڪري سگهن ٿا.