
هالي ووڊ جو مشهور اداڪار خطرناڪ دماغي بيماري ۾ وٺجي ويو آهي. ميڊيا مطابق دماغي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ بعد بروس ولز جي خاندان سندس فلمن مان رٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ بروس افسيا جي مرض ۾ مبتلا آهي، جيڪا دماغي صدمي ۽ فالج سبب ٿيندي آهي.