انساني وحدت ٽٽي چڪي آهي، اتفاق راءِ بدران انشار، قوم بدران ذاتيون، ڪڙم بدران فرد، تنظيم جي بدران انارڪي، قانون بدران ڇڙواڳي، جهموريت بدران بدمعاشي. مطلب ته ذرو ذري کان ڌار آهي، جڏهن ته عالمي طور اها دعويٰ آهي ته دنيا هڪ ڳوٺ بنجي وئي آهي. اهو فقط هِڪ قسم جو ڍونگ رچايو ويو. اُن جو سِڌو سنئون فائدو جاگيرداري نظام، وڏيراشاهي، زميندار طبقي ۽ سرمائيدا طبقي ڀرپور نموني حاصل ڪري رهيو آهي. مُختلف قسمن جا حُربا استعمال ڪري ماڻهن ۾ ويڇا پيدا ڪري اُنهن جي مال جي لُٽ مار ڪرڻ جو اهو به هِڪ قِسم جو ڊجيٽل طريقو آهي.
فيمينسٽ تحريڪ جو بنياد اهو هو ته جنسي فرق ۽ جنسي متڀيد ختم ڪيو وڃي پر هِتي ته جِنس کي ئي ختم ڪري مرد عورت وارو روپ اپنائڻ شروع ڪيو ۽ عورت بُنيادي مقصد تان هٽي وئي آهي ۽ پاڻ کي مرد وانگر بنائڻ لڳي آهي. سائين غفور ميمڻ جي ڪِتاب مُطابق جنس جي فرق سماج ڪري ٿو ڇڏي. بُنيادي طور عورت کي عورت ۽ مرد کي مرد سماج ئي بنائيندو آهي.
جديديت پُڄاڻان دور انساني جذبن احساسن پيار مُحبت کي بازار جو وکر بنائي ڇڏيو زال مُڙس جي لاڳاپن ۾ وائگرا کي آڻي ان کي به مارڪيٽائيزڊ بڻائي هڪ پروڊڪٽ بڻائي ڇڏيو آهي.
مذهب به هن وقت جديديت پُڄاڻان جو حصو بڻجي چُڪو آهي. جتي مُلان مُڪمل ٽيڪنالاجيءَ تي ڀاڙي ٿو ۽ اُها ٽيڪنالاجي سرمائيداريءَ جو وڏو مثال آهي. ملان ڪمپيوٽر کڻي توهان کي جديد ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪندي مذهب جي تشريح ڪرڻ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو.
پاڪستان ۾ سرمائيداريءَ جو وڏو هٿيار ميڊيا آهي، جنهن ذريعي اصل ۽ حقيقي اشوز کي لڪائي فقط اُهو ڏيکاريو ٿو وڃي، جيڪو سندن آقائن کي فائدو پُهڇائي. پوءَ اها ڳالهه اهميت نٿي رکي ته ڪير مري يا بچي ٿو.
ڪابه شيءِ انفرادي طرح ڪجهه به ناهي پر ڪنهن نه ڪنهن ڪلچر جو حصو آهي. يعني لفظ فقط ساخت آهن جن کي معنيٰ ڪلچر ڏئي ٿو، وري هر ڪلچر ۾ لفظ جي معنيٰ الڳ الڳ آهي. مطلب هر شيءِ ڪنهن ٻي شيءِ سان ڳنڍيل آهي. جيئن ادب ۾ اديبن سان آهي. هُنن جي لکيل تحرير وقت جي حساب سان اُنهن جا اهي احساس به تبديل ٿي وڃن ٿا. انقلاب، مزاحمت، تنقيدنگاري ۽ هاڻي وري نوان ٽرينڊ اُسري پيا آهن ته اسان جو اديب جيستائين ادب لاءِ سرمائيداري سماج مان ڪمرشل فائدو ڳوليندو رهندو، يعني شهرت جي بک، سرڪاري ايوارڊ جي بک، ناما چاري، واهه واهه. مطلب ادب کي مادي فائدي لاءِ استعمال ڪندو يا ادب کي نوڪري ٺاهيندو ته لازوال تخليق نه ڪري سگهندو. اڄ به ون يونٽ واري دور جا ڪافي اديب ادبي لکڻين ذريعي چٿرون ڪرڻ وارا ۽ مظلوم جو ڀرجهلو ٿيڻ وارا موجود آهن. اڄ به سنڌ ۾ ظُلم اڃا وڌي ويو آهي ۽ وڌي پيو. پر اديبن جي قلم کي زنگ لڳي ويو آهي يا سندن لکڻ جو مقصد تبديل ٿي ويو آهي. اهو ئي ته آهي جديديت پُڄاڻان.
ادب کي زمان مڪان جي دائري ۾ قيد ڪرڻ بيوقوفي آهي ۽ ادب کي ٻي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ آهي. اُن ڪري هر شيءِ جي پنهنجي اهميت آهي پر جديديت پُڄاڻان ۾ ڪا به شيءِ اهميت جي حامل ناهي. هر شيءِ ذرو ذري کان جُدا آهي ۽ الڳ حيثيت رکي ٿو بس ڪابه شيءِ خوبصورت يا بدصورت ناهي. معيار پرک سان تخيل جي سگهه سان يا اندر جي ان سگهه سان آهي، جنهن ۾ جماليات جا رنگ وکريل آهن. بس فقط واحد مقصد مايا آهي، ڪيئن ٿي اڇي ڪٿان ايندي، اُن لاءِ ئي هر منزل تان گذري وڃڻو آهي فقط پنهنجو فائدو ڳولهي ۽ ڀڀ ڀرڻا آهن.
عورت جي جدوجهد جي لحاظ کان هن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته گهر جاگيرداري نظام ۾ شامل آهي جنهن ۾ حيا هو، ادب هو، اخلاق هو پر سرمائيداريءَ جو جو بنياد مارڪيٽ آهي. جاگيرداريءَ جو بنياد ٿيوڪريسي هو پر سرمائيداريءَ جو سڪيولر ازم آهي. جاگيرداريءَ ۾ مان مراد اخلاق هو، فطرت هئي پر سرمائيداريءَ ۾ بناوت، نتيجي پرستي (Pragmatism) ۽ مارڪيٽ جو ڪلچر جيڪو فطرت کان ڪٽيل آهي. عورت جي سماجي ناهمواريت، پسماندگي، ظلم جو سبب مرد نه پر موجوده طبقاتي سماج آهي. انهي طبقاتي سماج ۾ غريب تي وڏيرو، جاگيردار ۽ رياست جو ظلم آهي. ان ۾ جيتري عورت مظلوم آهي، اوترو مرد به مظلوم آهي پر عورت اُن طبقاتي جدوجهد ڪرڻ بدران سرمائيداري نظام ۾ ڪٺ پُتلي بڻجي مرد جي خلاف ٿي بيهي رهي آهي ۽ اُن کي فيمينزم جو نالو ڏنو اٿس. مرد سان برابري ڪرڻ ۽ مرد وانگر بنجڻ ٻئي الڳ شيون آهن، جنهن تان اڄ جي پڙهيل لکيل عورت به ڀٽڪيل آهي ۽ فيمينزم تحريڪ جو رُخ ئي ٻئي طرف آهي.
فيوڊل دور کان به وڌيڪ عورت اڄ جي واپاري سماج ۾ مظلوم آهي. جنهن ۾ بظاهر ته عورت آزاد آهي پر ڪهڙي آزادي مارڪيٽ جي وکر ٿيڻ واري آزادي؟ اڄ جي دور ۾ عورت جي وار کان وٺي آواز تائين بازار ۾ سڀڪجهه وڪجي ٿو بلڪه عورت کي اها ترغيب ڏني وڃي ٿي ته هوءَ پنهنجي خوبصورتيءَ کي ڪيش ڪرائي. ٻاهر مارڪيٽ ۾ اچي ته ان جي حيثيت آهي. ڇا مذاق آهي؟ عورت فيوڊل دور ۾ گهر جي گڏي هئي ۽ سرمائيداريءَ ۾ مارڪيٽ جي سيڪسي گڏي آهي. اسان ان کي آزادي ٿا سمجهون، جنهن عورت جي پنهنجي ذات جي سڃاڻپ نه رهي آهي. صرف هن جي جسم ۽ نقشن جي مڃتا آهي، توهان جي ميڊيا کان وٺي بئنڪ، اسپتالن کان وٺي اسڪولن تائين سڀني اهو ڌنڌو شروع ڪيو آهي ته خوبصورت عورتون رکڻيون آهن، جيڪي گراهڪن کي من لڀائي ڦاسائي وٺي اچن. جنسي ادائون ناز نخرا، فيشن جي نالي ۾ اگهاڙپ.
هر طرف ماڻهو کي ڇتو ڪيو وڃي ٿو پر الٽو مرد تي اهو الزام لڳايو وڃي ٿو ته هن وٽ جنسي مفاد کان سواِءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. اسان وٽ ترقي پسند، لبرل ۽ آزاد خيال مرد به ان کي سمجهيو وڃي ٿو. جيڪو عورت کي مارڪيٽ جي وکر بنجڻ کان نه روڪي. اسان جي فيمينزم جو ٽارگيٽ فقط ٻهراڙي جو سماج آهي جنهن ۾ عورت اڃا مارڪيٽ جو وکر نه بڻي آهي. اهو ئي سرمائيداري نظام جو هن جديديت پُڄاڻان دور ۾ مقصد آهي جنس کي پروڊڪٽ بنائڻ جو.
)پورو ٿيو)