عمران خان جي حڪومت ان ڪک جهڙي ٿي وئي آهي، جيڪا هوا جي هلڪي جهوٽي تي “ڇومنتر” ٿي سگهي ٿي. ان مان احساس ٿيڻ گهرجي ته اها حڪومت جنهن جي لاءِ حڪمران بار بار پنهنجي ڪرسيءَ کي محسوس ڪندي چوندا آهن ته “رٽ قائم ٿيندي” ان جي مخصوص حالتن ۾ ڪهڙي حالت ٿي وڃي ٿي. عمران خان ڪيترو نه پنهنجي شخصيت تي فخر ڪندو آهي. هن جي اسٽائيل مان سدائين محسوس ٿيندو آهي ته هن کي ڪنهن جي پرواهه ناهي پر اهو بظاهر بي پرواهه نظر ايندڙ بندو گذريل ڪجهه ڏينهن کان وٺي عبرت جو نشان بڻجي ويو آهي. هو ڪڏهن هڪ ڳالهه ٿو ڪري ۽ ڪڏهن هن جي چپن تي ٻي ڳالهه آهي. ڪڏهن هو پنهنجن ڦري ويل ميمبرن کي ڌمڪيون ڏئي ٿو. ڪڏهن انهن کي پٽون پاراتا ڏئي ٿو. ڪڏهن انهن کي اخلاقيات جا سبق ٿو سيکاري ۽ ڪڏهن انهن کي چوريءَ ڦٻائي موٽي اچڻ جا گس ٿو ڏسي. هن جي حامين کي ڪڏهن محسوس ٿيندو هو ته عمران خان جي مٿان سرڪاري آزماش آئي ته هو سرڪار کي سوڙهي جوتي جيان لاهي اڇلائيندو پر هو جهڙي طرح پنهنجي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جهڙي حڪومت کي چنبڙيو پيو آهي، ان مان هن جي شخصي ۽ سياسي ساک پائمال ٿي رهي آهي.
عمران خان کي محسوس ٿيڻ گهرجي ته هن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هن وقت تائين انهن قوتن وٽ ڪو به نرم گوشو ڪونهي، جيڪي قوتون ملڪي سياست جي مهار پنهنجن هٿن ۾ رکنديون آهن. عمران خان ڪو نئون ۽ سيکڙاٽ سياستدان ناهي. هن صديءَ جي چوٿائي سياسي دنيا کي ڏني آهي. هن کي معلوم هجڻ گهرجي ته جنهن حڪومت کي سنڀالڻ جي لاءِ سدا سائي سرڪار سنجيده نه هوندي آهي، ان حڪومت جو حشر اهڙو ئي ٿيندو آهي، جهڙو عمران خان جي حڪومت جو ٿي رهيو آهي. جهڙي طرح اردوءَ جو جڳ مشهور شعر آهي ته:
“دل جا نا ٺهر گيا، صبح گيا يا شام گيا”
تهڙي طرح عمران خان جي حوالي سان هڪ ڳالهه ته اڳ ۾ ملڪ ۽ هاڻي پوري دنيا ۾ مشهور ٿي چڪي آهي ته اها ڪنهن به وقت لغڙ وانگر ڪاٽا ٿي سگهي ٿي. سوال اهو آهي ته عمران خان کي ڪهڙي طرح پنهنجو دامن بچائڻ گهرجي. گذريل ڏينهن جڏهن عمران خان اعلان ڪري چڪو هو ته هن کي قوم سان مخاطب ٿيڻو آهي ته ان وقت آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان هن جي ميٽنگ کان پوءِ سندس قومي خطاب ملتوي ٿي ويو. ساڳي طرح سان جڏهن ان خطاب کي ٻي ڏينهن ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ميڊيا جي معتبر ادارن به اهو لکيو ته “خطاب متوقع” ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته جڏهن ڪنهن به شيءَ جي پڪ نه هجي.
جڏهن وزير اعظم کي پاڻ به معلوم نه هجي ته هن جي حڪومت ڪيتري وقت جي مهمان آهي ۽ وزير مشير هر هر ميڊيا ڏسي معلوم ڪندا رهن ته حڪومت آهي يا وئي؟ ته اهڙي حڪومت جو ڪهڙو فائدو؟ جيڪڏهن حڪومت مان دولت ڪٺي ناهي ڪرڻي. جيڪڏهن ڪرپشن جي ڪري سرڪار ناهي هلائڻي ته پوءِ انسان پنهنجي عزت کي ايترو ڇو رولي؟ جيڪڏهن فرض ڪريو ته عمران خان جي مٿان آيل سياسي بحران جي آفت ٽري به وڃي ٿي ۽ عمران خان کي وري پوري هڪ سال جي لاءِ سرڪار هلائڻ جو موقعو ملي به وڃي ٿو ته ان وقت جي دوران هو ڪهڙي ترار هڻندو؟ جيڪو ڪارنامو هڪ چئن سالن ۾ نه ڪري سگهيو، ڇا اهو ڪارنامو هو هڪ سال ۾ ڪري سگهندو؟ عمران خان پورا چار سال تسبيح جا داڻا ڦيريندي گذاري ڇڏيا. هن اهو ڪجهه نه ڪيو ۽ بنهه نه ڪيو، جيڪو ڪجهه ڪرڻ جو هن اعلان ڪيو هو. هو جيڪو هن وقت ڀرپور طرح سان مذهب کي پنهنجي اقتداري تحفظ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ بار بار ڪردار جي بلنديءَ جو تذڪرو ڪري رهيو آهي، ڇا هن کي معلوم ناهي ته ڪيل واعدو نه پاڙڻ ڪيترو وڏو گناهه آهي؟ جنهن شخص زبان ڏني هئي ته هو اقتدار ۾ اچي هي به ڪندو ۽ هو به ڪندو. جڏهن هو ڪجهه به نه ڪري سگهيو ته اهڙي حالت ۾ هن کي پنهنجي مات مڃي ڪرسيءَ سان لهي وڃڻ کپندو هو. پر هن مهل به ڪرسيءَ جي ٻڏندڙ ڪشتيءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي.
عمران خان بار بار اهو چوندو هو ۽ وڏي ڳالهه ته هو هاڻي به اهو چوي ٿو ته خدا هن کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي. جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته قدرت هن کي جيڪو ڪجهه به ڏنو آهي، اهو ڪافي آهي ته پوءِ هن کي ايتري خواري کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ عمران خان اصولي طور تي حڪومت ڪرڻ جو حق وڃائي چڪو آهي ۽ هن وقت هو جيڪو ڪجهه به ڪري رهيو آهي، اها هن جي اجائي ضد آهي. هن جي اهڙي ٻاراڻي هوڏ تي ادارن جا سربراهه به هن مٿان کلندا هوندا ته هو ڇا ڪري رهيو آهي؟ اهو ته بلڪل ائين آهي جو ڪنهن جي ملازمت جو مدو پورو ٿي وڃي پر هو پوءِ به آفيس ۽ ڪرسي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هجي. عمران خان جنهن سادي اڪثريت سان حڪومت حاصل ڪئي هئي، جڏهن هن وٽ اها نه رهي ته هن کي پاڻ کي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو عزت ڀريو اعلان ڪرڻ کپندو هو ۽ عمران جي اهڙي عمل سان هن جي سياسي وقار ۾ اضافو اچي ها ۽ هن جا مخالف به مڃين ها ته هو ملڪي سياست ۾ مڙس ماڻهو جهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي پر هن وقت به هو جهڙي ريت بنهه روئي رڙي رهيو آهي ۽ سراپا فرياد بڻجي ويو آهي ته هن کي ڪنهن به صورت ۾ حڪومت کان الڳ نه ڪيو وڃي ته هن جو اهو انداز هڪ وزير اعظم جي وقار کي ڪنهن به طرح سان نه ٿو سونهين. هو جهڙي ريت اقتدار ۾ آيو هو هن کي اهڙي ريت اقتدار مان واپس وڃڻ گهرجي ۽ اقتدار کان الڳ ٿي هو سياست ڪري ۽ اهڙي حالت ۾ سياست ڪندي هن کي عوام جي ڀرپور سپورٽ به حاصل هوندي.
عمران خان جي انداز مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هو آخري منٽ تائين به حڪومت بچائڻ جي اميد تان هٿ نه کڻندو. هو جنهن جي وجهه شهرت ڪرڪيٽ رهي آهي ۽ جنهن جو انتخابي نشان بيٽ آهي ۽ جيڪو پاڻ کي هن مهل به فخر سان ڪپتان سڏرائي ٿو، سو سياست کي راند سمجهي رهيو آهي ۽ بار بار اهو چئي رهيو آهي ته هو آخري بال تائين کيڏندو؟ ڇا هڪ رانديگر هن مهل به آخري بال تائين کيڏڻ گهرجي، جڏهن هو سمجهي وڃي ته ميچ فڪس ٿيل آهي ۽ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو ڪجهه اڳواٽ طعه ٿيل آهي. ان صورت ۾ هڪ پروفيشنل رانديگر ڪڏهن به پنهنجي مهارت جي مٿان چٿر نه ڪرائيندو. هن کي جڏهن معلوم ٿي وڃي ته مقابلو آهي ئي نه! جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي اهو فراڊ ۽ ٺڳي آهي ته پوءِ پنهنجي طاقت ۽ تماشائين جو وقت ڇو برباد ڪجي؟
عمران خان پنهنجي عمر جي موجوده حصي ۾ هڪ وهمي جي طور تي به مشهور ٿي ويو آهي. ڇا هن کي اهو احساس پنهنجو ڪري ويو آهي ته هن کي ڪنهن به وقت اوچتو ڪا غيبي مدد ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن هو سياست جي دنيا ۾ اهو سوچي رهيو آهي ته پوءِ اها هن ملڪ جي بدقسمتي هوندي. ڇو ته سياست ۾ سدائين انسان پنهنجي محنت ۽ ذهانت جو ڦل کائيندو آهي. سياست ۾ جيڪو به ڪرشمو هوندو آهي، اهو عوامي قوت جو هوندو آهي ۽ عوامي قوت جي ڪرشمي تي ئي هڪ پروفيشنل سياستدان کي اعتبار ڪرڻ گهرجي. جيڪو عوامي طاقت تي اعتبار نه ٿو ڪري هن کي سياست ۽ اها به خاص طور تي جمهوري سياست ڪرڻ جو حق حاصل نه هجڻ گهرجي. سياست سدائين عوامي سگهه جو نالو رهي آهي. جيڪڏهن عمران خان سمجهي ٿو ته عوام هن سان گڏ آهي ۽ هن مهل عوام جون همدرديون هن سان آهن ته پوءِ هن کي دانهون ڪري حڪومت جو مدو وڌائڻ بدران استعفيٰ ڏئي نيون چونڊون ڪرائڻ کپنديون هيون ۽ هن کي وڌيڪ طاقت سان حڪومت ٺاهڻ کپندي هئي پر هو ان قسم جي ڪا به ڳالهه نه ٿو ڪري. هو ته اهو به چوي ٿو ته هن کي ڪنهن به صورت ۾ استعفيٰ ناهي ڏيڻي. جيڪڏهن هن کي استعفيٰ به ناهي ڏيڻي ۽ هن وٽ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جيترا ميمبر به ناهن ته پوءِ هو آخر ڪهڙي آسري تي هن مهل تائين حڪومت کي اينگهائي ڇو رهيو آهي؟
عمران خان جي اڳ ۾ اها به ضد هئي ته هو ڪنهن به طرح سان پنجاب جي وڏي وزير کي نه هٽائيندو ۽ پوءِ هن کي اهو فيصلو واپس وٺڻو پيو. هن کي ق ليگ جا مطالبا تسليم ڪرڻا پيا. ق ليگ ته هڪ عجيب صورتحال آهي. پر عمران خان کي ان مهل سمجهي وڃڻ کپندو هو، جنهن وقت ايم ڪيو ايم کي اهو اختيار ملي ويو ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان جيڪو وڻي اهو ڪردار ادا ڪري ۽ هن وزير اعظم کي بهادرآباد واري آفيس تي به گهرايو ۽ ان جي باوجود به هوءَ حڪومت کان ڦري وئي ۽ پيپلز پارٽيءَ توڙي نواز ليگ سان معاهدي ۾ جڪڙجي وئي ته هن جو اهو ڪردار ڏسي عمران خان کي پنهنجي حڪومت مان هٿ ڪڍڻ کپندو هو. هن کي سمجهي وڃڻ کپندو هو ته جن کيس آندو، اهي هاڻي هن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. پر هو جنهن ضد جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اها اجائي آهي ۽ ان مان کيس ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. عمران خان جي حڪومت کي هاڻي ٽي ڏينهن، ٻه ڏينهن، هڪ ڏينهن جي صورت ۾ وقت ملي رهيو آهي پر محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته هو ان تي به راضي آهي ۽ هو نه صرف ڏينهن پر ڪلاڪن جي حڪومت تان به هٿ نه کڻندو. هن کي سالن ۽ مهينن واري ته ڇا پر ڪلاڪن ۽ منٽن واري حڪومت به گهرجي. پر پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي عمران خان پاڻ کي ٻڌائي ته اهڙي خواريءَ جي کاري جهڙي حڪومت مان آخر کيس ڪهڙو فائدو پهچندو؟