ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ جي گيس سنڌ کي ڏيو

ملڪ ۾ موجود وسيلن جي ورڇ غيرمنصفاڻي هجڻ ڪري نه رڳو ڪئين مسئلا پيدا ٿين ٿا پر انهن صوبن جو حق مارجي ٿو وڃي، جيڪي وسيلا گهڻا پيدا ڪن ٿا. سنڌ مان پيدا ٿيندڙ گيس توڙي ڪوئلي جو استعمال سنڌ بدران ملڪ جي ٻين صوبن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌ وٽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گيس جي پيداوار وڌيڪ آهي پر تنهن هوندي به اها گيس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو سنڌ جو عوام پريشان آهي پر ان کي مهانگي ايل پي جي خريد ڪرڻ جي مجبور ڪيو ٿو وڃي. پنجاب جي صنعتن کي گيس ڏئي سنڌ جي گيس بند ڪئي ويندي آهي. جنهن جي ڪري ماڻهن کي گهرن ۾ گيس نٿي ملي. گيس جي کوٽ سبب زندگيءَ جو ڪاروهنوار سخت متاثر پيو ٿيندو آهي پر پنجاب کي ان جي ڪا پرواهه ناهي. سنڌ ڪڏهن به پنجاب جي معدنيات يا اتان جي وسيلن جي ڦرلٽ جي ڳالهه نه ڪئي پر پنجاب سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪندو رهندو آهي ۽ سنڌ جي شڪايتن کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو آهي. هڪ ڀيرو وري سنڌ جي گيس پنجاب کي ڏيڻ جون خبرون اچي رهيون آهن.
سائيٽ ايسوسيئيشن آف انڊسٽري ڪراچيءَ جي صدر عبدالرشيد سنڌ جي گئس پنجاب کي ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ صوبي مان حاصل ٿيندڙ گيس تي سڀ کان پهريون حق سنڌ جو آهي، تنهنڪري سڀ کان پهرين ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ گئس فراهم ڪئي وڃي. هڪ بيان ۾ هن انهن اطلاعن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، جنهن ۾ اها نشاندهي ڪئي وئي ته گهوٽڪي مان نڪرندڙ 100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس سوئي سدرن گيس ڪمپني بدران سوئي نادرن گيس ڪمپنيءَ کي ڏني ويندي، جيڪا آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙي آهي. عبدالرشيد وفاقي وزير کان گهر ڪئي ته گهوٽڪي مان نڪرندڙ 100 سيڪڙو گيس فقط سوئي سدرن گيس ڪمپنيءَ کي ڏني وڃي ته جيئن سنڌ جي گهريلو واهپيدارن سميت ڪارخانن جي گيس جي گهرج کي پورو ڪري سگهجي. هن سوال اٿاريو ته ڪراچيءَ جي ڪارخانن جي گيس بند ڪري پنجاب کي گيس ڏيڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي پر هي سراسر ڪراچي جي ڪارخانن کي بند ڪرڻ جي ڪا حڪمت عملي نطر اچي ٿي. هن آرٽيڪل 158 جي ڀڃڪڙيءَ کي ڪراچيءَ جي صنعتن کي آئيني حقن کان محروم ڪرڻ برابر قرارڏيندي چيو ته گيس فراهم نه ڪرڻ سبب صنعتي پيداواري سرگرميون متاثر ٿيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ برآمدي آرڊرز مڪمل نٿا ٿين پر پرڏيهي آرڊرز جي وعدي مطابق ڊليوري به مشڪل بڻجي ويو آهي. صدر سائيٽ ايسوسيئيشن وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ جا ڪارخانا گذريل چئن مهينن کان گيس جي سخت کوٽ جو شڪار آهن. ايتري قدر جو وفاقي حڪومت جي ڪراچيءَ سان ناانصافي ان حد تائين وڌي وئي جو ڪراچيءَ جي ڪارخانن کي سياري جي مند ۾ نه قدرتي گيس ملي ۽ نه حڪومت جي طئي ڪيل مهانگي اگهن تي آر ايل اين جي ڏني وئي. هن چيو ته گيس بحران سبب ڪراچي جي برآمدي شهر ۾ 4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جيڪا 54 سيڪڙو مان گهٽجي 50 سيڪڙو رهجي وئي آهي، جيڪا فائديمند نه آهي پر ملڪي معيشت ۽ خاص ڪري ڪل ايڪسپورٽ تي ان جا نهايت ناڪاري اثر پوندا.
ڪراچي سنڌ جو واپاري حب آهي ۽ اتي سڀ کان وڌيڪ صنعتون آهن. جيڪڏهن اتي پهچندڙ گيس روڪي ٿي وڃي ته اتان جون صنعتون وڌيڪ متاثر ٿينديون ۽ ماڻهو بيروزگار پڻ ٿيندا. ان کانسواءِ جتان گيس نڪري ٿي، پهريون حق اتان جي ماڻهن جو آهي. انهن کي پنهنجن وسيلن تي پورو پورو حق حاصل آهي. ارڙهين ترميم موجب به ڪنهن وسيلي جو سڀ کان وڏو حصو پهرين مقامي ماڻهن کي فراهم ڪرڻو آهي، ان کان پوءِ باقي بچي ويل حصو ٻين صوبن کي فراهم ڪري سگهجي ٿو پر اسان وٽ نه رڳو آئيني طريقيڪار جي ڀڃڪڙي ڪئي ويندي آهي پر ان کي ڪنهن ليکي ۾ به ڪونه آندو ويندو آهي، جنهن جي ڪري وسيلن جي ورڇ سخت متاثر ٿئي ٿي. اهڙي ريت گيس جي معاملي تي به ٿي رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ مان نڪرندڙ گيس تي پهريون حق سنڌ جي عوام جو آهي، جنهن کي پنجاب يا وفاقي حڪومت کسي نٿي سگهي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي گيس ڪراچيءَ جي صنعتن کي فراهم ڪئي وڃي ۽ پنجاب مان نڪرندڙ گيس پنجاب صوبي کي فراهم ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪراچي به هن ملڪ جو شهر آهي. ان ڪري ان کي ڪنهن به قيمت تي ننڌڻڪو نٿو ڇڏي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button