ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪجهه نيون اڳڀرايون

هڪ ٻن ڏينهن کان ٿيل اڳڀراين کان پو ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان صاحب هارائي چڪو آهي پر منجهس پنهنجي هار کي مڃڻ جو حوصلو ڪونهي. اهو ئي سبب آهي جو هو ان ڳالهه کي ذهني طور تسليم ڪرڻ لا تيار ڪونهي ته هو ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، پر تاثر اهو ڏئي رهيو آهي ته هن تي انهن سمورين اڳڀراين جو ڪو به اثر نه پيو پوي، پر عملي طور هو جنهن پريشاني ۽ بوکلاهٽ جو اظهار ڪري رهيو آهي، ان مان سندس سياسي کوکلائپ بنهه ظاهر ٿي رهي آهي. چئن سالن ۾ عام ماڻهو کي جيئڻ جهڙو نه ڇڏيو اٿس پر اڃا به اها دعويٰ ڪري ٿو ته منجهس عوام جون اميدون آهن. اها اصل ۾ هن جي پروپئگنڊا آهي، باقي عوام ته سندس نالو ٻڌڻ لا تيار ڪونهي.
تازيون اڳڀرايون ڪجهه هن ريت آهن ته گڏيل اپوزيشن وزيراعظم کي فيس سيونگ ڏيڻ کان انڪار ڪندي اپوزيشن اڳواڻن جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته موجود صورتحال ۾ عمران خان محفوظ رستو گھريو آهي. جڏهن ته اپوزيشن واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته عمران خان کي اين آر نه ڏنو ويندو. شهباز شريف جي گھر تي اپوزيشن اڳواڻن جي ٿيل ويهڪ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عمران خان کي ڪو اين آر او نه ڏنو ويندو. اپوزيشن اڳواڻن بي اعتمادي رٿ جي لاءِ ميمبرن جي گھربل کان وڌيڪ موجودگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته “عمران خان هڪ لک ماڻهو اسلام آباد آڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، ملڪ ۾ ٽڪراءٌ، ڏڦيڙ ۽ افراتفري پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.” اپوزيشن خبردار ڪيو ته اهڙي ڪنهن به قدمن جي سمورن نتيجن جو ذميوار عمران خان هوندو. حڪومتي مشينري، آءِ جي اسلام آباد سميت ضلعي انتظاميا ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا غير قانوني حڪم نه مڃن. ان کانسواءِ اپوزيشن جي پارلياماني پارٽين جو گڏيل اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ 173 قومي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ 172 ميمبرن جي حمايت گھربل آهي. چيو پيو وڃي ته هڪ اهم شخصيت پاران وزيراعظم عمران خان ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي پيغام اماڻيو ويو آهي. اپوزيشن اڳواڻن جي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته موجود صورتحال ۾ عمران خان محفوظ رستو گھريو آهي. عمران خان آڇ ڪئي آهي ته اپوزيشن بي اعتمادي رٿ واپس وٺي، اسيمبليون ٽوڙيندس. عمران خان چيو آهي ته اپوزيشن متفق نه ٿي ته هر طرح جي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. اپوزيشن ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ اهم شخصيت جي پيغام تي غور ڪيو ويو ۽ مخالف ڌر جي اڪثريت عمران خان تي اعتماد نه ڪرڻ جو چيو. مخالف ڌر جي اڳواڻن چيو ته اسان وٽ پورا انگ اکر آهن، اسپيڪر کي چيو وڃي ته جلد کان جلد ووٽنگ ڪرائي وڃي، بي اعتمادي جي رٿ مڪمل ٿيندي ئي اسان کي فائدو ٿيندو. اپوزيشن وزيراعظم لاءِ واحد فيس سيونگ “استعيفيٰ” قرار ڏنو آهي.
جڏهن ته 31 مارچ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ نه ٿي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي بحث به شامل هو ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف کي بحث شروع ڪرڻو هو. وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، عمران خان هاڻ وزرات عظميٰ جي عهدي تي نٿو رهي سگهي. اجلاس دوران سوالن واري وقفي تي هڪ ميمبر اٿي بيهي سوال ڪيو ته اسپيڪر عدم اعتماد تي ووٽنگ ڪڏهن ڪرائيندا. ان دوران ٻين ميمبرن به ووٽنگ ڪڏهن ڪرائيندا جو ورجا ڪيو. ان تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڪو به ميمبر سنجيدا نه پيو وٺي، ان ڪري اجلاس 3 اپريل آچر تائين ملتوي ڪيو وڃي ٿو. اجلاس ختم ٿيڻ وقت اپوزيشن وزيراعظم خلاف نعريبازي ڪئي. جڏهن ته اجلاس ختم ٿيڻ باوجود آصف علي زرداري، شهباز شريف، بلاول ڀٽي زرداري سميت 150 ميمبر ويٺل رهيا ۽ مطالبو ڪيو ته ووٽنگ ڪرائي وڃي. ان کانپو مميبر نعرا هڻندا ٻاهر نڪري آيا.
ٻئي طرف مخالف ڌر قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ نئين وزيراعظم جي چونڊ کي شامل ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي. مخالف ڌر جو وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چيمبر ۾ پهتو پر اسپيڪر اسد قيصر چيمبر ۾ موجود نه هو. مخالف ڌر ايڊيشنل سيڪريٽري محمد مشتاق کي درخواست جمع ڪرائي. جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته نئين وزيراعظم جي چونڊ کي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. درخواست اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي صحيح سان جمع ڪرائي وئي. ضابطن موجب جڏهن وزيراعظم جو عهدو خالي ٿئي ٿو ته اسيمبلي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪندي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ان ايجنڊا کي آرڊر آف دي ڊي ۾ شامل ڪيو وڃي.
هوڏانهن پي ٽي آ جو ناراض اڳواڻ جهانگير ترين پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي ناراض ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ جي ناراض ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ ترين گروپ جي نمائندگي عون چوڌري ڪندو. ڪميٽي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۽ گڏيل لائحه عمل تي غور ڪندي. ذريعن ٻڌايو ته ان حوالي سان جهانگير ترين جا مختلف اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطا به ٿيا آهن ۽ هن ناراض ڌڙن کي گڏيل پاور گروپ ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي 5 ناراض گروپن سميت گڏيل ميمبرن جو انگ 65 کان وڌيڪ تائين پهچڻ جو وڏو امڪان آهي. گڏيل اپوزيشن ۽ تحريڪ انصاف جي ناراض گروپ جي قيادت ۾ رات دير تائين اهم صلاح مشورا جاري رهيا جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ ڏيڻ ۽ اسيمبلي ختم ڪري وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جي آپشن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اڳواڻن جي اڪثريت بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ جي حامي آهي پر جيڪڏهن وزيراعظم ووٽنگ کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته ان آپشن کي مضبوط ضمانت سان منظور ڪري سگهجي ٿو. اپوزيشن جي ذريعن موجب حڪومت بجيٽ پيش ڪرڻ تائين مهلت گهري رهي آهي پر اپوزيشن ۽ ناراض گروپ اها مهلت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. ان حوالي سان ترين ۽ عليم گروپ سميت ٻين ناراض ميمبرن متحده اپوزيشن جي سينئر قيادت کي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب لنڊن ۾ موجود جهانگير ترين ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر اسحاق ڊار وچ ۾ گذريل رات ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿي چڪو آهي ۽ جلد ئي وڏن اعلانن جو امڪان آهي. ٻئي طرف چيو پيو وڃي ته پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي 5 ناراض گروپن سميت گڏيل ميمبرن جو انگ 65 کان وڌيڪ تائين پهچڻ جو وڏو امڪان آهي. جيڪڏهن آئين تحت تحريڪ انصاف جا 62 کان وڌيڪ پنجاب اسيمبلي ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهين ٿا ته سندن مٿان آرٽيڪل 63 اي لاڳو نه ٿيندو. تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻن گڏيل پاور گروپ ٺاهڻ تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي ۽ انهن ناراض ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي به جوڙي وئي آهي جنهن ۾ ترين گروپ جي نمائندگي عون چوڌري، عليم گروپ جي نمائندگي خالد محمود جڏهن ته غضنفر ڇينا شامل آهن. ٽئي ڪميٽيون ٽنهي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۽ گڏيل لائحه عمل تي غور ڪنديون.
اهي به رپورٽون آهن ته اسحاق ڊار ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين ۾ رابطو ٿيو آهي. رابطي دوران پنجاب جي وڏي وزير لاءِ گڏيل اميدوار ۽ مستقبل ۾ رابطا رکڻ تي غور ٿيو. چيو پيو وڃي ته ٻنهي اڳواڻن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار خلاف بي اعتمادي رٿ تي به ڳالهيون ڪيون.
جڏهن ته اهي به خبرون اچن پيون ته گڏيل اپوزيشن پاران وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ ميمبرن جو گهربل انگ پورو ڪرڻ کانپوءِ وفاقي وزيرن جي سرڪاري رهائشگاهن تي سامان جي پيڪنگ شروع ڪئي وئي. وفاقي وزيرن پاران اهم دفتري معاملا ۽ فائل اڪلائڻ ۾ به تيزي اچي وئي آهي. گذريل ڏينهن چند صحافين هڪ اهم وزارت جي آفيس جي عملي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته عملي طرفان ٻڌايو ويو ته ڪجهه ڏينهن کان منسٽر صاحب جو رويو ڪافي تبديل ٿي ويو آهي ۽ هو سموري اسٽاف سان خوش اخلاقي سان پيش اچي رهيو آهي. وفاقي وزير سرڪاري رهائشگاهن تي پنهنجو سامان پيڪ ڪري رهيا آهن. ڪجهه وزيرن پاران سرڪاري رهائشگاهن مان سامان اماڻڻ جا اطلاع به مليا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button