ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غرور ۽ جمهوريت

ڇا عمران خان هن ملڪ جي سياسي ڪردارن ۾ هڪ اهڙو ڪردار لکيو ويندو جنهن ڪرڪيٽ جي شهرت کي پهريان فلاحي ڪم جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي اهڙي طرح سان پيش ڪيو جيئن هو هميشه جي لاءِ فلاحي ۽ خيراتي ڪم ڪرڻ جي لاءِ هميشه جي لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيندو. شوڪت خانم ميموريل اسپتال جڏهن تعمير ڪرڻ جي لاءِ ان جھول ڦهلائي ته ان کي ڪيترو چندو مليو، انهيءَ جي خبر هن ملڪ جي عوام کي ناهي ۽ نه هن ڪڏهن شوڪت خانم ميموريل اسپتال جي ٽرسٽ جا تفصيل عوام جي آڏو آندا. ممڪن آهي ته ٽرسٽ جي ويب سائيٽ تي ڪجھجه تفصيل هجن پر هن ملڪ جي فلاحي ادارن جي المين ۾ هي به الميو آهي ته فنڊن جي ٽرانسپرينسي نالي ماتر رهندي آهي خير پاڻ ان بحث ۾ نٿا وڃون ڪنهن ٻئي دفعي، ليڪن اڪثر عوام جي هن شخص جي لاءِ اها راءِ هئي ته هو پنهنجي ڪرڪيٽ جي شهرت کي گھڻو ڪري فلاحي ۽ خدمت جي ڪمن تائين محدود رکندو، پوءِ جڏهن هن سياسي عمل جو ڪردار بڻجڻ جي لاءِ پنهنجي وک وڌائي ته هن جي سياسي تصور ۾ نه انقلاب هيو نه جمهوريت. ان صرف ۽ صرف سياست جي دنيا جي اندر هڪ طاقتور شخصيت بڻجڻ جي لاءِ قدم وڌايو هو، اهوئي سبب هيو جو هن جنرل مشرف جي ريفرنڊم ۾ سندس حمايت ڪئي، ماڻهن کان ووٽ گھريا ۽ قدم به قدم وڌائيندي جڏهن هن پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي کي جوڙيو، تڏهن هن جو تصور ۽ نظريو ته واضح صورت ۾ اڳيان نه آيو پر هن جون تقريرون، نعرا ۽ “تبديلي” جو پروگرام به اها شهرت حاصل ڪري نه سگھيو ۽ نه هن جي پروگرام کي ڪا وڏي پيماني تي عوام ۾ پذيرائي ملي ڇو ته هو پنهنجي پارٽي جي شروعات عوام الناس کان کڻڻ جي بجاءِ هن ڪوشش ڪئي ته هن ملڪ جي ايليٽ ڪلاس جنهن کي خاص ڪري هتي عرفِ عام برگر ڪلاس سڏيندا آهن، انهيءَ کان شروعات ڪئي ۽ آهسته آهسته هن جا تعلقات سياست جي انهن ڪردارن سان ويجھو اچڻ لڳا جيڪي پاڻ کي هن ملڪ جي حڪومتن ۽ سياست جي دنيا جا ڪنگ ميڪر تصور ڪندا آهن، عمران خان جي سياست ۾ انهيءَ کان پوءِ ڪجهھ نه ڪجهھ اڀار اچڻ شروع ٿيو ۽ وڌ کان وڌ هن جي پارٽي جي اندر اهي سيڙپڪار اڳتي وڌايا ويا ۽ پوءِ هن سياست جي ان ويڪيوم جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو ويڪيوم پ پ پ ۽ ن ليگ جي جھيڙي سبب پيدا ٿيو هو.
2013 جي اليڪشن کان پوءِ هن کي اميد هئي ته هو هڪ وڏي پارٽي ٿي اڀرندو، ليڪن ائين نه ٿيو. ها البته ڪي پي ڪي ۾ پارٽي پوزيشنز جي اندر هن جي پارٽي وڌيڪ سيٽون کنيون هيون، نواز شريف جيڪڏهن ان وقت ڪوشش ڪري ها ته پنهنجي پارٽي، فضل الرحمٰن پنهنجي پارٽي جي يو آءِ ڪجھه ٻين کي جوڙي ها ۽ ائين به ممڪن هو ته خود هن جي پارٽي جي اندر ايم پي ايز ٽٽي وڃن ها. ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ٺاهي پئي سگھيون پر نواز شريف ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، توڙي جو فضل الرحمٰن کيس گھڻو قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هن ائين نه ڪيو، جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي گڏجي ڪري حڪومت ٺاهي. واضح رهي ته عمران خان جماعت اسلامي جي تمام گھڻو ويجهو رهيو هو. اڪثر جماعت جي وڏن جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو.
اسان کي هي به نه وسارڻ گھرجي ته جڏهن عمران خان الطاف حسين جي خلاف لنڊن ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ايم ڪيو ايم کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو تڏهن ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم هن کي جماعت اسلامي جي امير قاضي حسين احمد جو ڇاڙتو ڪري ۽ ٻين تنقيدي لفظن ۾ جيڪي هتي لکي نٿا سگھجن جي چاڪنگ ڪئي هئي. ڪي پي ڪي جي حڪومت ٺهڻ کان پوءِ اتي حڪومت جي جيڪا ڪارڪردگي چڱي خاصي يا بهتر نظر آئي ته انهيءَ ۾ وڌ کان وڌ صلاح، مشورا محنت ۽ پورهيو جماعت اسلامي جو هيو ليڪن پي ٽي آءِ جي عمران خان جيڪا تربيت ڪئي هئي اها اها هئي ته پورهيو ۽ محنت ڪنهن جو به هجي پر ڪريڊٽ پنهنجو کڻڻ گھرجي بلڪل ايئن جيئن ٻه اتحادي ڪو فلاحي ڪم ڪندي، ڪنهن خيرات جو بندوبست ڪن، يعني پاڻ انهن ٻنهي جا فرضي نالا هي ٿا لکون هڪ الف ۽ ٻيو ب. هاڻي الف چندو ڪري چانور وٺي اچي گوشت به وٺي اچي محنت ڪري پچرائي ديڳيون تيار ڪرائي ۽ جڏهن ورهائڻ جو وقت اچي ته ب تڪڙو تڪڙو وڌي پنهنجي طرفان پليٽون کڻي اچي ۽ انهن پليٽن تي لکيل هجي ته هي خيرات ب جي پاران آهي.
پي ٽي آءِ پنهنجي حسبِ عادت جڏهن اهو سڀ ڪجھه ڪرڻ جي حرڪتن کان باز نه آئي ته مجبورن اڳتي هلي جماعت اسلامي حڪومت کان الڳ ٿي، انهيءَ کان پوءِ هن وقت تائين جماعت اسلامي پي ٽي آءِ جي اتحاد کان توبهھ ڪري ڇڏيو. ليڪن عمران خان جي لاٽري ان وقت نڪري آئي جڏهن نواز شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ شروع ٿيا ۽ پوءِ لندن پلان به اسان جي اڳيان آيو جو طاهر القادري ۽ عمران خان هڪ ٻيو اتحاد قائم ڪري اختلافي بحرانن کي اڳتي وڌايو. جڏهن مشهور ڪنٽينر ڌرڻو لڳو ۽ ان ميلائي ڪلچر کان پوءِ هن جي سياست ۽ زبان ۾ وڌيڪ تيزي اچڻ لڳي نواز شريف تي پانامه اسڪينڊل وڄ جي جھٽڪي جيان ڪريو ۽ هو نااهل ٿيو (پاڻ گھڻو ورجاءُ نٿا ڪريون) هو نااهليت جي داغ ۾ داغدار ٿي سياسي ڊپريشن ۾ اچي ويو ۽ اهوئي وقت هيو جو عمران خان ڪرپشن جي الزامن سان مسلح ٿي ٻنهي پارٽين کي فوڪس ڪيو. هڪ پ پ پ ۽ ٻيو ن ليگ. نواز شريف ۽ زرداري هن جي تنقيد جو نشانو بڻبا رهيا پر کيڏاڙين سيڪريٽ ڊيل سان بلوچستان حڪومت کي ڪمزور ڪري ن ليگ جا ٽپڙ ويڙهايا آصف علي زرداري هڪ ٻي خوش فهمي مبتلا هيو ته هو پنهنجي ماهرانا گيم سان عمران خان کي متاثر ڪندو پر عمران خان جنهن ويهن سالن جي انتظار سان ڏٺو هيو ۽ هاڻي اقتدار جو آبشار هن تي ڪرڻ وارو هو، تڏهن هن سڀني کان پنهنجا پلو آجا ڪيا هاڻي هن جي اڳيان صرف پنهنجي ڪاميابي جو تصور هيو، سياسي تضادن هن جي راھه هموار ته ڪئي هئي پر هن ان ميدان کي پنهنجو شخصي صلاحيتن سان حاصل ڪرڻ جو تصور رکيو ۽ هن ۾ هڪ اهو عنصر به شامل ٿي ويو ته هو اسٽيبلشمينٽ جي ڊارلنگ رهندي تمام سياسي جماعتن کي مروڙي ڦٽي ڪري ڇڏيندو.
هن سياست کي بلڪل اهڙي گيم سمجھو جنهن جو هو ورجاءُ هر تقرير ۽ گفتگو ۾ ڪندي پنهنجو پاڻ کي فاتح ڪپتان ڪري پيش ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو رهي ٿو. فرد جي نفسيات جو اهو وڏو بحران هوندو آهي جڏهن هو سياسي ٽڪرائن ۽ بحرانن ۾ اڳتي وڌي ٿو ته ان کي 100 سيڪڙو پنهنجي حاصل ڪيل ڪاميابي پنهنجي زاتي صلاحيت سان منسوب ڪندو آهي تڏهن هن ۾ رڳو فخر نه پر غرور به پيدا ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن ڪنهن فرد ۾ غرور اچي ٿو وڃي هو ٽيم ورڪ ڪرڻ جي بجاءِ صرف اهڙو ٽولو چاهيندو آهي جيڪو هن جي اشارن تي اڳتي وڌي هلي ۽ هن جي خوشامد ڪري تڏهن ان غرور جو ٽڪراءُ جمهوريت سان ٿيڻ اڻ ٽر هوندو آهي سياست جي دنيا ۾ هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته بادشاهي دورن ۾ به غرور ڪامياب حڪمرانيءَ جي لاءِ زوال جو سبب بڻبو هو ڪامياب حڪمران بادشاهي دور ۽ آمريتن جي حڪومتن ۾ به اهي رهيا آهن جن پنهنجي پوري ٽيم کي پاڻ سان گڏ کڻي حڪومت ڪئي آهي. جمهوريت ۾ ته اهو پهريون اصول هجي ٿو پر ڪپتانيءَ جي بيماري عمران خان کي ايترو اڪيلو ڪري ڇڏيندي جو هو پنهنجي پارٽيءَ جي ايم اين ايز کي به گڏ رکڻ ۾ ڪمزور ثابت ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ هو مخالف ڌر سان جيڪو رويو اختيار ڪندو رهيو اهو رڳو سياسي تنقيدي نه هيو پر هن حقارتي رويو اختيار ڪيو ۽ اهڙي حقارت جو نسل پرست حڪومتن جو به مخالفن لاءِ ناهي هوندو، هن اهو سوچيو ئي نه هو ته هن جي ڪپتاني تڏهن ويگاڻپ جو شڪار ٿي ويندي جڏهن هو اسٽيبلشمينٽ جي ترجيحن کان پوئتي ٿيندو ۽ پوءِ هن جي پوري پارٽي مٽي جي راندڪن وانگر ڀرڻ ۽ ڳرڻ شروع ڪندي هتي هي نقطو به آخر ۾ پاڻ ورجاءُ ڪرڻ ضروري سمجھون ٿا ته بهترين مضبوط ۽ جمهوري ليڊر جي پارٽي ۽ ايم اين ايز کي انهيءَ کان ٽوڙڻ انتهائي ڏکيو ۽ ناممڪن هوندو آهي جيئن مثال تاريخ ۾ 70 جي اليڪشن کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ اها ڪوشش ڪئي هئي ته شيخ مجيب جي ايم اين ايز کي ٽوڙجي ۽ انهيءَ کان پوءِ اها ڪوشش خاص ڪري ن ليگ سان هن دور ۾ ٿي جو ان جي پارٽي جي اندر ڪو وڏو ڏار نه اچي سگھيو. اقتدار ۾ رهندي عمران خان سان سندس پارٽيءَ جا ايم اين ايز جيڪڏهن الڳ ٿيا آهن ته انهيءَ ۾ ممڪن آهي ته ڪجهھ خريد فروخت هجي پر هڪ وڏو سبب غرور ۽ تڪبرانا روين جو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو هن گڊ گورننس نه ڏني مهانگائي جو وڏو ڪارڻ معاشي حالتن کان وڌيڪ بيڊ گورننس هئي. هاڻي جڏهن هو پنهنجو پاڻ کي سياسي مسقبل ۾ زندھه رکڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته هو پاڻ کي “ليٽر گيٽ” شوشي جو سهاور وٺي هي پيو سوچي ته هو سامراج دشمني جو هيرو بڻجي اڳتي وڌندو پر کيس هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته تاريخ ۾ تڪبر پرست سورما ناهن ٿيندا تاريخ جا سورما ۽ ليڊر جمهوريت پسند ۽ زندگيون قربان ڪندڙ ڪردار هوندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button