ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مظلوميت جو متلاشي وزيراعظم

Editorial-Article-Umer Qazi

اها عمران خان جي خوبي آهي يا خرابي ته هو ڳجهيون ڳالهيون منظرعام تي آڻيندي هڪ پل جي لاءِ به نه ٿو گهٻرائي. مثال طور ماڻهو ان مهل حيران ٿيا، جڏهن هن جلسي ۾ چيو ته آرمي چيف مون کي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي ڊيزل نه سڏ ۽ مون هن کي چيو آهي ته اهو نالو هن جو مون نه پر عوام رکيو آهي. ان ڳالهه کي ملڪي ميڊيا حيرت سان شايع ڪيو. ڇو ته هن مهل تائين وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي وچ ۾ جيڪي به ڳالهيون ٿينديون آهن، انهن جي ٻڙڪ به ٻاهر نه ايندي آهي پر عمران خان پنهنجي اسٽائيل ۾ اها ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ عام تاثر اهو هو ته عمران خان جي ان غلطيءَ کان پوءِ هن کي سختيءَ سان روڪيو ويندو ته هاڻي هو اسٽيبلشمينٽ جي ڪا ڳالهه ٻاهر نه ڪڍي پر پوءِ به هن پاران گذريل ڏينهن جيڪو بيان منظرعام تي آيو آهي، اهو پهرين بيان کان وڌيڪ حيران ڪندڙ آهي. عمران خان پنهنجي بيان ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ هن کي ٽي آپشن ڏنا آهن. هڪ ته هو عدم اعتماد جو مقابلو ڪري. ٻيو ته هو استعفيٰ ڏئي. ٽيون ته هو جلدي چونڊون ڪرائي. ان سلسلي ۾ هن استعفيٰ ڏيڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪيو آهي. جڏهن ته جلدي چونڊون ڪرائڻ جي ڳالهه به نه ڪئي اٿائين. جڏهن ته هن جي مٿان هن جي ساٿين جو بار به آهي ته جلدي چونڊون ڪرايون وڃن. پر هو چاهي ٿو ته هو پاڻ جلدي چونڊون نه ڪرائي ۽ هن مخالف ڌر جي مٿان جيڪو الزام هنيو آهي ته اها عالمي سازش جي ور چڙهي وئي آهي. عمران خان ان جو فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. عمران خان چاهي ٿو ته اهي ايم اين ايز عوام جي آڏو پڌرا ٿين، جيڪي هن جي خلاف ووٽ ڏئي هن کي حڪومت مان آئوٽ ڪن ته جيئن انهن جي سڀاڻي سياسي ساک خراب ٿي وڃي. انهن ميمبرن جي ساک خراب ٿيندي يا نه؟ ان باري ۾ هن وقت ڪجهه چوڻ شايد وقت کان اڳ ۾ هجي پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته عمران خان پنهنجي ناڪام حڪومت جو داغ مظلوم هجڻ جي صابڻ سان ڌوئڻ چاهي ٿو. هن جي پوري ڪوشش آهي ته هن کي ايوان مان زوريءَ ڪڍيو وڃي ته جيئن هو عوام ۾ پنهنجي مظلوم هجڻ جو ڪيس پيش ڪري ۽ عوام جي حمايت حاصل ڪري.
هو اها حمايت چونڊن ۾ استعمال ڪري عوام کي اهو چوڻ چاهي ٿو ته جيڪڏهن هن کي ووٽ نه مليا ۽ جيڪڏهن هن کي وري به اتحاد ڪري مخلوط حڪومت ٺاهڻي پئي ته هن جي حڪومت سدائين بليڪ ميلنگ جو شڪار رهندي. ان ڪري هن ڀيري هن کي ڀرپور مينڊيٽ ڏنو وڃي. ان حوالي سان عمران خان پنهنجي سوچيل سمجهيل حڪمت عمليءَ تي هلي رهيو آهي ۽ محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته هن سان ان حڪمت عمليءَ ۾ ممڪن آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي به صلاح هجي. ڇو ته عمران خان هن مهل تائين پنهنجي مٿان آيل سياسي مصيبت جو تر جيترو الزام به اسٽيبلشمينٽ جي مٿان عائد نه ڪيو آهي. هن اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن هن جي حڪومت کي هٽايو ويو ته هو پوءِ به اسٽيبلشمينٽ جي خلاف چپ نه چوريندو. هو اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ پنهنجي دل ۾ نرم گوشو رکي ٿو يا نه پر هن جي مڪمل ڪوشش آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي دل ۾ هن جي لاءِ نرم گوشو هجي ته جيئن هن کي ڪا تڪليف نه پهچي ۽ هو سدائين اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو هجي ۽ جڏهن به هن کي ضرورت پيش اچي ته اسٽيبلشمينٽ هن جي مدد ڪري. اهو ئي سبب آهي ته هن مهل به اسٽيبلشمينٽ جا تمام گهڻا آفيسر عمران خان جا حامي آهن. انهن سوشل ميڊيا جي معرفت پنهنجو تعارف ڪرائي عمران خان سان هجڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي هڪ تمام وڏي حصي ۾ اها تمنا آهي ته پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ جي سلسلي ۾ آزاد ۽ خودمختيار هجي. جڏهن عمران خان آمريڪا کي للڪاري ٿو ۽ چوي ٿو ته انهن کي پاڪستان جي داخلي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي ۽ هن جو اهو حق ناهي ته هو اسان جي لاءِ اهو طئه ڪري اسان جو وزير اعظم ڪهڙو هجي يا ڪهڙو نه هجي ته اها ڳالهه پاڪستان ۾ تمام گهڻن ماڻهن کي پسند هجي ٿي.
عمران خان جي چهري تي ممڪن آهي ته ڪنهن پل پريشاني به نظر اچي پر عام طور تي عمران خان ڪنهن به قسم جي پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ بدران هڪ طرح جي ٺٺ ۾ رهڻ وڃي رهيو آهي. ڇو ته هن پنهنجي باري ۾ جيڪا صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، ان ۾ هن کي حڪومت مان نڪرڻ کان پوءِ به پروٽيڪشن وارو پروٽوڪول ملندو. عمران خان جي زندگيءَ کي خطري واري خبر هن مهل پاڪستان جي ٽاپ خبر آهي ۽ عمران خان ان جي باوجود به جيڪڏهن عوام ۾ ويو ۽ عوام ۾ هن پنهنجي مظلوميت پيش ڪئي ته اها مخالف ڌر جي لاءِ تمام گهڻي مشڪل پيدا ڪندي. ڇو ته عمران خان کي هٽائي مخالف ڌر پاڻ اقتدار ۾ اچي رهي آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اها عمران خان کي مخالف ڌر ۾ آڻيندي ۽ عمران هن مهل به مخالف ڌر جي حوالي سان تمام گهڻو طاقتور هوندو. ڇو ته هن وٽ جيترا ميمبر آهن، اهي حڪومت کي ساهه کڻڻ به نه ڏيندا ۽ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اهي جيڪو تماشو ڪندا اهو به ڏڻ وارو هوندو. هن مهل ته عمران خان حڪومت ۾ آهي، ان ڪري هن جي حمايت ۾ ڪجهه ڳالهيون ڳڻي نه ٿيون سگهجن پر جڏهن هو مخالف ڌر ۾ اچي ويو ته مظلوميت جو ڊگهو پاڇو هن جي مٿان پنهنجو پاڻ پئجي ويندو ۽ ان پاڇي کي هو ڀرپور طرح سان ڪيش به ڪرائيندو ۽ جڏهن عوام کي به معلوم هوندو ته عمران خان کي پاڪستان جي آزاد پاليسي هلائڻ جي ڏوهه ۾ سزا ملي آهي ۽ جڏهن عوام کي اهو به احساس ٿيندو ته گڏيل مخالف ڌر آمريڪي ايجنڊا تي آئي آهي ته ان جي مٿان عوام جي ڪاوڙ تمام گهڻي فطري هوندي ۽ اهو ئي عمران خان چاهي ٿو ته هو ان صورتحال جو فائدو حاصل ڪري.
عمران خان پنهنجي لاءِ جيڪا به راهه بيان ڪري ها، اها هن کي ملي ها. ڇو ته هو حڪومت مان ته وڃي رهيو آهي پر هو عوام جي مقبوليت کي وڃائي حڪومت مان نه ٿو وڃي. هن وٽ اڄ عوام جي حمايت ڪالهه کان وڌيڪ آهي. ان مان ثابت ٿي رهيو آهي ته عمران خان ڀرپور تياريءَ سان اچڻ جي رٿ رٿي پنهنجي لاءِ ڪوئي مناسب قسم جو عزت وارو رستو نه ٿو گهري، جنهن تي هلي هو وزيراعظم هائوس مان نڪري گهر وڃي. عمران خان ايترو گهڻو گهماگهميءَ وارو وزير اعظم رهيو آهي ۽ هو جنهن اشو تي حڪومت مان هٽي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ ميڊيا لاءِ هن ۾ ڪشش هجڻ به هڪ فطري عمل آهي. جڏهن ته عمران خان کان ناراض ماڻهو به هن سان ٻيهر ساٿ ڏيڻ جي لاءِ اچي سگهن ٿا. عمران خان پاڪستان جي سياست ۾ پنهنجا سمورا پتا تمام گهڻي ڌيان ۽ تمام گهڻي هوشياري سان کيڏي رهيو آهي. جيڪڏهن مخالف ڌر عمران خان کي آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ شهباز شريف وزيراعظم ٿي وڃي ٿو ته اها خود هڪ عجيب صورتحال هوندي. ان صورتحال جي پيچيدگين کي نظر ۾ رکي شهباز شريف پاڻ چئي چڪو آهي ته هو گهڻي وقت تائين وزيراعظم رهڻ بدارن جلدي چونڊون ڪرائڻ جي حق ۾ آهي. ڇو ته پاڪستان کي بهتر طرح سان هلائڻ جي لاءِ هن کي ڀرپور مينڊيٽ ۽ پورو مدو ملندو ته هو ڪجهه ڪري سگهندو. پر جيڪڏهن هن کي اهو وقت نه مليو ته هو عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪري سگهندو. اهو ئي سبب آهي ته مخالف ڌر هن مهل تائين ان اشو تي ورهايل آهي ۽ جڏهن عمران خان حڪومت مان نڪري روڊن تي آيو ۽ هن جي عوامي مقبوليت جو گراف وڌيو ته پوءِ هن سان شامل ٿيڻ جي لاءِ تمام گهڻا ماڻهو تيار ٿي سگهن ٿا ۽ اها ڪيفيت ان دور جي حڪومت لاءِ تمام گهڻي ڪٺن هوندي. ڇو ته مخالف ڌر گڏيل نموني جيڪا به حڪومت جوڙيندي، ان حڪومت کي سدائين پنهنجي وڃڻ جو خطرو لڳو پيو هوندو ۽ هن کي ايندڙ وقت نهايت مشڪل نظر ايندو. ان حوالي سان ان ڳالهه جا امڪان وڌيڪ آهن ته مخالف ڌر جي حڪومت تمام گهڻي ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي وڃي ۽ عمران خان ان جو تمام ڀرپور سياسي فائدو حاصل ڪري. جيڪڏهن عمران خان اهو ڪري ويو ته پاڪستان جي سياست ۾ مخالف ڌر جي لاءِ ڪهڙي جاءِ بچندي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button