نيازي جي عوام دشمن، غيرجمهوري ۽ فاشي پوري اقتداري دور ۾ عوام اپوزيشن ڏانهن ڏسندو رهيو ته هو ڪجهه اهڙو ڪندي جو عوام کي ان رت پياڪ استحصالي ٽولي مان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو پر اپوزيشن پنهنجي سياست سان سوا مايوسي جي عوام کي ٻيو ڪجهه به نه ڏنو. 3 اپريل تي جيڪو ڪجهه ٿيو، لڳي ايئن ٿو ته اهو سڀ ڪجهه رٿيل منصوبي تحت ٿيو، نيازي ٽولي صورتحال کي جنهن انداز ۾ ڊيل ڪيو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان بابت ان جي ته ڀرپور تياري هئي پر اپوزيشن جي ڪا به اهڙي رٿا نه هئي، جنهن سان هو نيازي جي پلان جي جواب ۾ پنهنجي موثر ۽ ٺوس لائحه عمل سان ان کي مات ڏئي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو نيازي جي جمهوري عمل تي ايڏي وڏي حملي تي اپوزيشن جو سوا مذمتي روايتي بيانن جي ڪو به ٺوس ردعمل ۽ لائحه عمل سامهون نه آيو. جنهن مان ظاهر ٿئي پيو ته اپوزيشن جي ڪا به تياري نه هئي، اپوزيشن کي اها پڪ هئي ته نيازي جي اقتدار جو خاتمو ايندو پر جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ۽ نيازي ڪا غيرجمهوري ۽ غيرآئيني حرڪت ڪري ٿو، جنهن جو اظهار هو اشارن ۽ ڪناين ۾ ڪندو به رهيو، ته اپوزيشن جي ڪهڙو لائحه عمل هوندو، ان بابت ڪا به منصوبابندي نه هئي، تنهنڪري، اهو چئي سگهجي ٿو ته هن وقت نيازي هارائي به فاتح بڻجي ويو آهي. افسوس ته اهو به آهي جو 24 ڪلاڪن کان مٿي وقت گذرڻ باوجود اپوزيشن جو هن مهل تائين ڪو به لائحه عمل سامهون نه اچي سگهيو آهي ته جيڪڏهن اسيمبلي بحال نٿي ٿئي ته اپوزيشن جو ايندڙ لائحه عمل ڪهڙو هوندو، هو ان صورتحال مان عوام کي ڪيئن ڪڍندي؟ هن وٽ نيازي جي ڪوڙ تي ٻڌل بيانئي جي رد ۾ ڪهڙو بيانيو آهي؟ ڪجهه به واضح ڪونهي. بهرحال، 3 اپريل تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو هن ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ڪو نئون به ڪونهي، وڌيڪ هڪ ڪاري باب جو اضافو ٿيو. مطلب ته ڊپٽي اسپيڪر جو جيڪو اختيار نه هو، هن اهو اختيار استعمال ڪيو، غيرآئيني طور عدم اعتماد جي رٿ کي عالمي سازش قرار ڏئي رد ڪيو. بعد ۾ نيازي جي صلاح تي علوي اسيمبلي ٽوڙي ملڪ ۾ هڪ نئون آئيني بحران پيدا ڪيو. جنهن جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن:
اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي سربراهي ۾ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ اهم هنگامي اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته “آئين جي آرٽيڪل 5 تحت ڪنهن به پرڏيهي طاقت جي چوڻ تي حڪومت تبديل نٿي ڪري سگھجي، تنهن ڪري اپوزيشن جي 8 مارچ تي وزيراعظم خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ کي آئين جي ابتڙ قرار ڏيندي ان کي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو وڃي ٿو.” بعد ۾ صدر عارف علوي نيازي جي تجويز تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي.
اجلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ اپوزيشن ايوان ۾ پنهنجو اجلاس شروع ڪيو ۽ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر اياز صادق اسپيڪر جي ڪرسي تي ويٺو ۽ ان ظاهري طور اجلاس جي اسپيڪرشپ سنڀالي. فرضي اجلاس ۾ اياز صادق مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني، جنهن تي شهباز شريف چيو ته “14 ڏينهن اندر بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻي هئي. اسان او آءِ سي ڪانفرنس جي ڪري پنهنجو لانگ مارچ ملتوي ڪيو پر حڪومت کي ڪهڙي پريشاني هئي جو 14 ڏينهن ۾ به رٿ تي ووٽ نه ڪري سگھي. عمران نيازي ۽ سندس ساٿين آئين ٽوڙيو ۽ اهي آرٽيڪل 6 جي پڪڙ ۾ ايندا، اسپيڪر خلاف به آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ٿيندي.” قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران هال جون لائيٽون بند ڪيون ويون، جن کي ٻيهر آن ڪيو ويو. اياز صادق اپوزيشن ميمبرن کي لابي ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني، ان بعد اياز صادق ايوان کي هلايو ۽ بي اعتمادي رٿ تي ووٽ شروع ڪرائي، جيڪا 197 ميمبرن سان منظور ڪئي وئي.
سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آئيني بحران تي سپريم ڪورٽ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ بار پاران داخل آئيني درخواست ۾ چيو ويو آهي ته “بي اعتمادي تي ووٽ ضروري هو، اسپيڪر رولنگ سان ان کي ختم نٿو ڪري سگھي. اسپيڪر جي رولنگ آرٽيڪل 95 (2) سان ٽڪراءَ ۾ آهي. آرٽيڪل 58 ون تحت جيڪڏهن وزيراعظم خلاف بي اعتمادي هجي ته هو اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائس به نٿو ڏئي سگھي.
ٻئي طرف ڪابينا ڊويزن طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن موجب عمران خان وزيراعظم ناهي رهيو. پڌرائيءَ موجب صدر طرفان آئين جي آرٽيڪل 58 (1) تحت قومي اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ عمران خان نيازي هاڻ وزيراعظم ناهي رهيو. ڪابينا ڊويزن موجب عمران خان جي وزيراعظم نه رهڻ جي نوٽيفڪيشن تي جلد عمل ٿيندو. ان کان اڳ صدر طرفان اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ وفاقي ڪابينا به ٽوڙي وئي.
اها عالمي سازش آهي يا نه، ان جو فيصلو نيٺ ڪيئن ٿيندو؟ اهو ڪير طئي ڪندو ته اهو خط اصلي آهي يا جعلي؟ اڃا اهو طئي ئي نه ٿيو آهي، ڊپٽي اسپيڪر ان جي بنياد تي نيٺ عدم اعتماد جي تحريڪ ڪيئن رد ڪري سگهي ٿو؟ پر اهو سڀ ڪجهه هتي ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهڙن غيرآئيني ۽ غيرجمهوري قدمن سان هن ملڪ جي تاريخ ڀري پئي آهي.
3 اپريل تي نيازي رڳو اپوزيشن تي حملو ناهي ڪيو، پر هن سڄي جمهوري عمل تي حملو ڪيو آهي. پر ايڏي وڏي حملي تي اپوزيشن جو روايتي مذمتن ۽ مطالبن کان وڌيڪ ڪو واضح ٺوس ردعمل ۽ لائحه عمل سامهون نه آيو.
گڏيل اپوزيشن مطالبو ڪيو ته “غير قانوني ۽ غير آئيني حڪومتي قدمن تي شنوائي اعليٰ عدالت جي فل ڪورٽ ٻڌي. عمران نيازي اڄ ملڪ ۽ آئين خلاف بغاوت ڪئي آهي، آئين جي بغاوت جي سزا آئين جي آرٽيڪل 6 ۾ لکيل آهي. پاڪستان جي اعليٰ عدليا آئين سان بيهندي ۽ آئين ٽوڙڻ سان پيدا ٿيل بحران تي منصفاڻو فيصلو ڪندي. اميد آهي ته اعليٰ عدليه عادلاڻو ۽ دستور جي روشني ۾ فيصلو صادر فرمائيندي. چيف جسٽس جو صورتحال جو نوٽيس وٺڻ واري قدم جي واکاڻ ڪريون ٿا. چيف جسٽس ۽ ججز جي فوري ڪارروائي ۽ مختصر حڪم جاري ڪرڻ جي آجيان ڪيون ٿا. عمران نيازي جي هن بغاوت جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، اڄ ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. آئين، جمهوريت، قانون ۽ سياسي اخلاقيات خلاف بغاوت ڪئي وئي. اسپيڪر سميت سموري حڪومتي ٽولي جي غيرآئيني ۽ غير پارلياماني قدمن ۽ روين جي مذمت ڪريون ٿا، ايوان ۾ گڏيل اپوزيشن پنهنجي واضح اڪثريت ثابت ڪري چڪي آهي.”
ان بيان ۾ سوا مذمت ۽ خالي اميدن جي ٻيو ڇا آهي؟ هنن ڪهڙو ٺوس لائحه عمل ڏنو ته جيڪڏهن انصاف نٿو ملي ته پو اپوزيشن هيئن ڪندي يا هونئن؟ هنن جي آزموديڪاري، تجربيڪاري ڪاڏي وئي؟ سچ اهو آهي ته اپوزيشن نه رڳو هاڻوڪي بحران پر نيازي جي سموري عوام دشمن حڪمراني جي دور ۾ پنهنجو ڪو به موثر ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي. حقيقت اها آهي ته اپوزيشن وٽ ڪو لائحه عمل آهي به ڪونه. ڇاڪاڻ ته هو ڪجهه ڪرڻ به نٿي چاهي. ملڪ جي اڪثر جمهوريت دوست ۽ عوام دوست قوتن جو اهو رايو هو ته عوامي طاقت وسيلي نيازي جي ظالماڻي ۽ غيرجمهوري راڄ جو خاتمو آندو وڃي، هي هڪ هڪاڻي جو وقت آهي. لوهه تتل آهي، ان کي فيصلائتو ڌڪ هڻي پنهنجي مرضي موجب موڙيو وڃي، پر اپوزيشن اڳواڻن اهڙي ڪنهن به رائي کي خاطر ۾ نه آندو. هو پنهنجو جيڪو پلان کڻي آئي، اهو بري طرح ناڪام ٿي چڪو آهي. سڄي ملڪ جي عوام جون نظرون اپوزيشن ۾ هيون ته هو سندن نيازي جي غاصباڻي ۽ استحصالي عوام دشمن ۽ جمهوريت دشمن راڄ مان جند آجي ڪرائيندي، پر ان پنهنجي ناعاقبت انديشي ۽ بي سمجهي سان سڄي صورتحال کي مهم جو قوتن جي حق ۾ ڪري ڇڏيو آهي. وٽس هن مهل به ڪو ٺوس لائحه عمل ڪونهي. هاڻي ته نصرت جاويد جهڙن صحافين اهي خدشا ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ته هي سڀ ڪجهه نيازي کي 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان آڻڻ جون تياريون آهن.