اهو سياسي ايڊوينچر هو. هڪ خط کي بنياد بڻائڻ. مخالف ڌر کي اسپيڪر هٿان ڌوڙ ڪرائڻ. آئين جون ڌڄيون اڏارڻ. پنهنجي صدر کان اسيمبيلون ٽوڙائڻ. ملڪ جو سمورو سرڪاري سرشتو ٺپ ڪري به پاڻ هن مهل تائين وزارت اعظمي جي ڪرسيءَ تي بالم بڻجي ويهڻ. پاڪستان جي رياست ۾ تضادن کي نه رڳو نروار پر انهن جي ڌار کي تمام گهڻو تکو ڪرڻ. پنهنجي عجيب سياسي ادائن سان ادارن جو حيران پريشان ڪري رکڻ. جڏهن ملڪي سسٽم جي سر سر نه ملي تڏهن پروٽوڪول ۾ اچي ڊي چوڪ تي پنهنجن ڪارڪنن سميت رمضان شريف جو خاص خيال ڪندي گانن بجانن بدران قوالين ڳارائڻ وارا پروگرام ڪرائڻ جا ناز ۽ نخرا صرف اهو عمران خان ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو پاڻ کي رن زال جهڙي رياست جو سڪيلڌو پٽ سمجهي ٿو. هو پنهنجي هر حوالي سان پنهنجي مرضي هلائي رهيو آهي. هن کي ڪا پراوهه ناهي ته ڪير هن کي ڇا چوندو؟ هن جي باري ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي ته ڄڻ هن رياست جو پاڻي ڪڇي ورتو هجي. ان ڪري هو من مانيون ڪري رهيو آهي. هن جي اهڙين حرڪتن سبب پاڪستان جهڙي مشڪل صورتحال ۾ پئجي ويو آهي، اهڙي سيئرس ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ صورتحال اڳ هن ملڪ جي آڏو ڪڏهن به نه آئي هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان پنهنجي جنم کان وٺي هر موڙ تي تمام گهڻا رنج ۽ الم ڏٺا آهن. پاڪستان جي سياست سان جهڙي طرح ظالم مشڪريون ڪيون ويون آهن، انهن جو الڳ ۽ طويل داستان آهي. پر هن ڀيري جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو اڳ ۾ ڪڏهن نه ٿيو هو. ڇو ته پاڪستان هن مهل اهڙي آئيني بحران مان گذري رهيو آهي، جڏهن آئيني ۽ قانوني ماهر ته ڇا پر سياست سان شوق رکندڙ فرد به هر عمل مان آئيني تضاد ظاهر ڪري رهيا آهن. جڏهن ته پاڪستان جي سياسي ڍانچي کي بيهاري ڇڏڻ جا ذميوار ماڻهو مجبوريءَ سبب بنهه چپ آهن. انهن کي به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هو ڇا چون ۽ انهن کي به خبر نه ٿي پوي ته حالتون ڪهڙي طرف وڌي رهيون آهن؟
گذريل آچر واري ڏينهن کان وٺي عام طور تي ملڪ جي سمورين پارٽين پر خاص طور تي عمران خان جي سرڪاري ڌر جيڪو ڪجهه به ڪيو آهي، ان کان پوءِ جيڪڏهن ملڪ جي مٿان آمريت جو پاڇو نه ٿو پوي ته ان جو مطلب جمهوريت تي جڪ کائيندڙ ڌرين جي مجبوري آهي. ڇو ته ملڪ جو پورو سرشتو ڊانوان ڊول لڳو پيو آهي. جڏهن ملڪ اهڙي مصيبت مان گذرندو هجي ته ان مهل نوٽيفڪيشن مطابق وزارت عظميٰ مان الڳ ٿيل شخص وزير اعظم جي منصب تي نه رڳو ويٺو آهي پر هو پنهنجي راڄ ۾ بي انصافيءَ جو رڙيون ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجا حامي گهرائي ريڊ زون ۾ قواليءَ جون محفلون مچائي احتجاج جا نوان رنگ ۽ ڍنگ پيش ڪري رهيو آهي.
پنهنجي پارٽيءَ سان وفا ۽ ملڪي دستور سان بي وفائي ڪندي جنهن ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي رولنگ سان مخالف ڌر جي بي اعتماديءَ واري موشن کي تهس نهس ڪري ڇڏيو، ان ڏينهن آچر جي ڏينهن به چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جا تالا کولرائي جهڙي ريت انصاف ڪرڻ لاءِ پهتو، اهو ڏينهن پوري ملڪ جي لاءِ اکيون ٽي وي اسڪرين تي اٽڪائي ويهڻ وارو هو. جيتوڻيڪ ان ڏينهن رمضان شريف جو پهريون روزو هو پر ملڪي مستقبل جي باري ۾ پيدا ٿي پيل ٽينشن سبب ڪنهن کي روزي سبب ڪا تڪليف نه پهتي. ڇو ته ماڻهن کان مان بک ۽ اڄ جو احساس وسري ويو هو. هو بار بار اهو سوچي رهيا هئا ته ڪڏهن ٿي اچي اها بريڪنگ نيوز جيڪا سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي عوام تائين پهچائيندي. ان ڏينهن ماڻهن کي واقعي تمام گهڻو انتظار هو ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو. پر ان ڏينهن تي به ڪجهه نه ٿيو ۽ سپريم ڪورٽ شنوائيءَ کي ٻي ڏينهن تي رکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن جيتوڻيڪ ماڻهن ۾ گذريل ڏينهن جهڙو جوش خروش نه هو پر پوءِ به اڪثريت کي پڪ هئي ته ملڪ کي وڌيڪ وقت اهڙي حال ۾ ڏسڻ بدران عدالت سڳوري ڪنهن نه ڪنهن فيصلي جو بندوبست ڪندي. خاص طور تي جڏهن سپريم ڪورٽ جي رمارڪس ۾ “مناسب فيصلي” جا لفظ آيا، تڏهن ته ماڻهن کي پڪ ٿي وئي ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو پر ان ڏينهن به ڪجهه نه ٿيو ۽ ماڻهو من ۾ اهو سوچي ماٺ ٿي ويا ته اهو سسٽم ائين ئي هلندو رهندو.
عمران خان وزير اعظم هوندي به جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ڀولي جي پڇ کي باهه ڏئي سسٽم جي سموري لنڪا ساڙڻ جهڙو عمل هو. هو جيڪو بار بار اهو ورجائي رهيو هو ته هو آخري بال تائين کيڏندو، جڏهن هن کي سمجهه ۾ اچي ويو ته هن جي دال نه ڳرندي تڏهن هو بال کيسي ۾ وجهي ۽ واقعي پڇ تان وڪيٽون پٽي ڀڄي ويو ۽ مخالف ٽيم سميت پورو ملڪ حيران ٿي ويو. جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت مخالف قوتن کي عالمي هشي هجي ها ته ان کان مداخلت جو ان کان وڌيڪ بهترين موقعو ٻيو ڪو به نه هو پر افسوس جي ڳالهه اها هئي ته عمران خان جي اهڙي عجيب غريب حرڪت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ڪا مناسب ۽ عوام جي ڀرپور حمايت رکندڙ اصول پرست ڌر به نه هئي. عمران خان سان جنهن مخالف ڌر مهاڏو اٽڪايو آهي، ان سان ماڻهن جو تر جيترو به جذباتي لڳاءُ ناهي. جيڪي به ماڻهو مختلف قسم جي مظاهرن ۾ شرڪت ڪندي ڏٺا ويا آهن، انهن جا يا ته ذاتي ۽ گروهي مفاد هئا يا وري اهي ڏهاڙيءَ جي مزدوريءَ تي آيل هئا. اهڙي سياسي سڃ ۾ عمران خان جهڙي سياسي فنڪار جي ته ٻيگهي مچي وئي. هن جيڪو وڻيو هن اهو ڪيو ۽ اڃان به ڪري رهيو آهي. ڇو ته هن کي روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪو به ڪونهي.
عمران خان پنهنجي خاص انداز ۽ اصرار سان اسٽيبلشمينٽ کي ان ڳالهه تي هن مهل تائين راضي ڪري رکيو آهي ته هو ئي ملڪ جو سڄڻ آهي. جڏهن ته هن جي مخالفت ڪندڙ قوتن کي نه ته عوام جي حمايت حاصل آهي ۽ نه وري هو ملڪ جون خيرخواهه آهن. هو اڪيلو ئي راڄ جو راڻو آهي. ان ڪري هو ساز باز واري سياست ڪري رهيو آهي. هن کي اهو احساس آهي ته جهڙي طرح اڪثر سياستدانن جي دامن مٿان ڪرپشن جا داغ آهن پر هن جو ذاتي دامن پئسي پائيءَ جي ڪرپشن سبب ميرو ناهي. ٻيو ته هن ۾ ڪجهه حد کان وڌيڪ ئي اعتماد آهي ۽ ٽيون ته هو هن عمر ۾ به اسٽائلش نظر اچي ٿو. چوٿون ته هن جي انگريزي سٺي آهي. پنجون ته هو سياسي اسٽيج جي ميڙ کي متاثر ڪندڙ اداڪار آهي. ڇهون ته هو ملڪ جو وفادار آهي. ستون ته هو اسٽيبلشمينٽ جو تعبيدار آهي. هاڻي پاڪستاني سياست ۾ اهڙيون ست خوبيون ٻيو ڪنهن ۾ آهن؟
عمران خان ملڪ جي رڃ جهڙي ميدان جي سياسي سڃ جو فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. ظاهر آهي ته ڪرپشن جي ڪيسن سبب ميان نواز شريف ۽ هن جو ڀاءُ شهباز شريف هن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. جڏهن ته آصف زرداريءَ جو ٻنهي شريف ڀائرن کان به ڪمزور حال آهي. مولانا فضل الرحمان پنهنجي مذهبي پس منظر سبب ملڪ جو ڌڻي سائين ٿي نه ٿو سگهي. باقي بچيا مريم ۽ بلاول! سو انهن کي عمران خان ٻار سمجهي ڊيل ڪري رهيو آهي ۽ انهن جي باري ۾ اسٽيبلشمينٽ کي اهو باور ڪرائي رهيو آهي ته جيڪڏهن بلاول يا مريم کي اقتدار ۾ آڻڻ جي غلطي ڪرڻي آهي ته ان کان بهتر اهو ئي هوندو ته انهن جي پيئرن کي پرائيم منسٽر ۽ پريزيڊنٽ بڻايو. ڇو ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هو هوندا ته پنهنجي پنهنجي والدين جي هٿن جا رانديڪا! ملڪ سان اهڙي ويڌن ڪرڻ مناسب نه هوندي. ان صورتحال ۾ عمران پنهنجي لاءِ موڪل حاصل ڪري رهيو آهي ته هي ملڪ هن کي هڪ ميدان وانگر ڏنو وڃي ته هو ان ۾ پاڻ وڻنديون ڪري. ان ۾ هو پنهنجي مرضيءَ جا ميلا جهميلا ڪري. ان ۾ هو عوام کي ڪڏهن ڪنهن اشو تي ته ڪڏهن ڪنهن اشو تي انگيج ڪيو ويٺو هجي ۽ اسٽيبلشمينٽ بنا ڪنهن فڪر جي پنهنجو مزو ماڻيندي رهي. ملڪ جو عوام به مصروف ۽ ملڪ جا لڪل توڙي ظاهر حڪمران به مزي ۾! ڪنهن کي ٻيو ڇا گهرجي؟
عمران خان سمجهي ٿو ته هو هن مهل اهڙي موڙ تي پهتو آهي، جتي هن کان سواءِ پاڪستان جي حڪمراني ڪرڻ وارو ٻيو ڪو به سياستدان ناهي. هو ڪڏهن پنهنجن سياسي مخالفن کي پناما اسڪينڊل تي اقتدار مان ڪڍرائي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان وڙهائي پنهنجو ڪم ٽپائي ويو ۽ هاڻي وري هو “ليٽر گيٽ اسڪينڊل” جوڙي پنهنجي ناڪام حڪمرانيءَ کي هڪ شور ۾ ڇپائي رهيو آهي بلڪه ويو آهي. هن جا مخالف هن وقت به پنهنجن هٿن جون تريون مهٽي رهيا آهن. ڇو ته جيتري واندڪائي هن وٽ آهي، هن جي ڪنهن مخالف وٽ ناهي. عمران خان پنهنجي زندگيءَ جو اسٽائيل ئي اهو بڻائي ڇڏيو آهي. هو ان ۾ ئي مزا ماڻي ٿو. سياست هن جي لاءِ رستو نه پر منزل آهي. هن کي روز ٺينگ ٽپا ڏيارڻ وارا پرستار ميسر آهن. هن ۾ هن عمر تائين به جام اسٽائمنا Stamina آهي. هو ٽي ٽي چار چار ڪلاڪ مسلسل مٿو هڻڻ جي همت ۽ طاقت رکي ٿو. هن کي جڏهن بک ٿي لڳي، تڏهن ڪجهه نه ڪجهه کائي ٿو وٺي. هن کي جڏهن ننڊ ٿي اچي ته هن جي ٽيم هن کي آرام جو بهترين ماحول ڏئي ٿي. هو جڏهن اٿي ٿو ته هن جي ٽيم هن جا لٽا ڪپڙا چونڊي رکي ٿي ۽ هو رئيسن ۽ نوابن کان تيار ٿي نڪري ٿو. هو منڍ کان وٺي ڪنهن جي به مڃڻ نه سکيو آهي. هو پنهنجي هلائيندو آهي ۽ هن جي ٽيم هن جي ها ۾ ها ملائيندي رهندي آهي. اهڙي طرح هن کي اهو ڀرپور ماحول ملي ٿو، جنهن ۾ هو ملڪي سياست ۾ ايڊوينچر ڪرڻ جهڙا قدم کڻڻ به افورڊ ڪري سگهي ٿو. انهن عملن جي قيمت عوام کي ادا ڪرڻي پوي ٿي.