ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي استحڪام جي ضرورت

Editorial

ملڪ ۾ هن وقت جيڪو سياسي مانڌاڻ متل آهي. ان مان اهو ئي ظاهر ٿي رهيو آهي ته ملڪ ۾ عملي طور ڪوبه آئين ناهي رهيو. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ حڪومت پاران عدم اعتماد واري تحريڪ کي بلڊوز ڪرڻ کان پوءِ رياستي سطح تي هڪ آئيني بحران پيدا ٿي پيو آهي ۽ سياسي صورتحال بنهه گهڻي غيريقيني واري ٿي وئي آهي. جنهن مان پار پوڻ ضروري آهي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ ڪو گس ڪڍڻ لاءِ ملڪ جي اعليٰ عدليه معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته اها ڪهڙي ريت ٿي ان معاملي کي حل ڪري پر عوام جي حالت ويتر خراب ٿي رهي آهي. روز بدحال ٿيندڙ معيشت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ان کانسواءِ آءِ ايم ايف به ستين اقتصادي جائزي تي جاري ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون آهن.

رپورٽ مطابق آ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستاني حڪومت سان ڳالهين کانپو پروگرام جوڙينداسين جڏهن ته آ ايم ايف پروگرام جي معطلي جي حوالي سان ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ آ ايم ايف جي وچ ۾ اڃا تائين معلومات جي مٽاسٽا جاري آهي. توسيعي فنڊ سهولت پروگرام تحت سڌارن تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جڏهن ته آ ايم ايف جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ نئين حڪومت سان پاليسي جوڙينداسين، پاڪستان سان قرض پروگرام معطل ناهي، نئين حڪومت سان مائيڪرو اڪنامڪ پاليسيز جوڙينداسين. هن چيو ته پاڪستان لا سپورٽ جاري رکنداسين ۽ پاڪستان ۾ نئين حڪومت جي ترجيحن ۽ سڌارن مطابق سهڪار ڪنداسين. نئين حڪومت سان ڳالهين کانپو پروگرام جوڙينداسين. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آ ايم ايف جو پاڪستان لا پنهنجو قرض پروگرام معطل ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، نئين حڪومت سان ٻيهر ڳالهين لا پرعزم آهي. واضح رهي ته جولاءِ 2019ع ۾ آ ايم ايف پاڪستان لاءِ 6 ارب ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏني هئي. ان قرض جو مدو 3 سال هو ۽ قرض منظور ٿيندي ئي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جاري ڪيا ويا هئا.
هي انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪي معيشت کي ٽيڪو آءِ ايم ايف جي ڏنل قرض وسيلي ملندو آهي ۽ هن وقت تائين ملڪ معاشي حوالي سان پاڻڀرو نه ٿي سگهيو آهي. تنهنڪري هاڻوڪي صورتحال کي تڏهن منهن ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو. جڏهن ٻين ملڪن کي به اهو ويساهه هوندو ته پاڪستان هاڻ بهتر ڏسا ۾ وڃي رهيو آهي. پر هاڻوڪي صورتحال ۾ ته ڪوبه ملڪ پاڪستان سان پنهنجا معاهدا نڀائڻ لاءِ تيار نه هوندو ۽ نه ئي ملڪ جي معاشي حالت بهتر ٿي سگهي ٿي. تنهنڪري ترت سياسي استحڪام لاءِ ماحول جوڙيو وڃي

ماحول ۽ انسان دشمن عمل

ڪو سماج ڪيترو ماحول ۽ انسان دوست آهي، ان جو اندازو ان ۾ ٿيندڙ اجتماعي عملن مان لڳائي سگهجي ٿو. اسان وٽ فصلن کي باهه ڏيڻ، وڻن کي وڍڻ ۽ ڪڻڪ جي ديرن کي ساڙي رکڻ ڪرڻ جا واقعا عام ٿيندڙ رهندا آهن. جن کي پڙهي ائين محسوس ٿيندو آهي ته عام ماڻهو پنهنجون ذاتي دشمنيون نڀائيندي فطرت سان هٿ چراند ڪندا رهن ٿا يا وري ماحول کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششُن ڪندا رهندا آهن. اهڙن عملن سان نه رڳو معاشي نقصان ٿئي ٿو پر جاني نقصان پڻ ٿئي ٿو ۽ جيڪي متاثر ڌريون هونديون آهن، اهي ڏچي ۾ پئجي وينديون آهن. ڪالهه به ٻه اهڙيون خبرون رپورٽ ٿيون آهن. جن ۾ انبن جي وڻن کي وڍيو ويو آهي ۽ ڪڻڪ جي ديري کي باهه ڏني وئي آهي.
باهو کوسي ويجهو گذريل رات دير سان عزيز آباد کوسو ۾ شرپسندن ڪڻڪ جي ديري کي باهه ڏيئي ڇڏي. گذريل رات عزيزآباد ويجهو ماستر بقا محمد کوسو جي ڪڻڪ جي ديري کي نامعلوم شرپسندن باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ماستر بقا محمد کوسي دانهيندي چيو آهي ته شرپسندن ڪڻڪ جي 20 جريبن جي ول کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي. هن چيو پوليس ڪا مدد نه ٿي ڪري، رات نامعلوم شرپسندن ڳوٺ اصغر علي کوسي ۾ سرنهن جي ديري کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان موقعي تي اصغر علي کوسي چيو ته اسان امن پسند ماڻهو آھيون، اسان جو ڪنهن سان ڪو تڪرار ناهي. نامعلوم شرپسندن 10 جريب جي رکيل ول کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آھي. هن دانهيندي چيو ته دبنگ ايس ايڇ او باهو کوسو ٿاڻي کان ٻاهر نڪرڻ لا ئي تيار ناهي. جڏهن ته پريالو ڀرسان ڳوٺ غلام قادر ميتلو ۾ نامعلوم جوابدارن پرائمري استاد علي گوهر ميتلو ۽ عبدالحفيظ ميتلو جي باغ جا 100 کان وڌيڪ انبن جا وڻ وڍي ويا ۽ بهه جي ديري کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 100 مڻن کان وڌيڪ بهه سڙي رک ٿي ويو. پريالو پوليس پيرا کنيا جيڪي ڳوٺ ٻاهران روڊ تي گم ٿي ويا، جنهن کانپو کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا کڻي ساڳئي ڳوٺ جي محمد قاسم ميتلو جي گهر ۾ هنيا، جتان پوليس گهر ڌڻي کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ متاثرن جو چوڻ آهي ته جوابدارن اسان جو لکين روپين جو نقصان ڪري ظلم ڪيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿيو.
اسين سمجهون ٿا ته هي عمل نه رڳو انسانيت دشمن آهي پر ماحول دشمن پڻ آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ترت انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي، جيڪي ان عمل ۾ ملوث آهن. ڇاڪاڻ ته ان قسم جا واقعا سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. تنهنڪري اهو لازمي ٿي پيو آهي ته اهڙن عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button