انسان ڪڏهن جاڳيو نه آهي، هو خوابن ۾ زندگي بسر ڪري ٿو ۽ جڏهن جاڳي ٿو ته مئل آهي. ان خواب جي وچ ۾ هُو مُختلف دورن مان گُذري ٿو، مُختلف خيال سندس ذهن تي حاوي رهن ٿا. مُختلف ڪيفيتن کي هو منهن ڏئي ٿو. ڪٿي ڪري ٿو پوي، ڪٿي وري اُٿي اڳتي وڌي ٿو. ڪٿي مايوس بڻجي وڃي ٿو ته ڪٿي خلل جو شڪار، ڪٿي حقيقت جي پويان ڊُڪي ٿو ته ڪٿي ڪائنات جي وجود بابت حيران ۽ پريشان رهي ٿو ته آخر ڪائنات جي فلسفي جي شروعاتي تند ڪٿي آهي. جڏهن ڪُجهه نه هو ته ان کان اڳ ڇا هو؟ مان آهيان اُن ڪري جهان آهي يا جهان آهي، اُن ڪري مان آهيان؟ ڏند ڪٿائون انسان جو عقيدو آهن. اُنهن ڏند ڪٿائن ۾ ئي انسان پنهنجي زندگي گذاري ٿو.
اِنسان مُختلف دورن مان گُذري اڄ جنهن دور ۾ پُهتو آهي، اُهو ڪافي مُختلف آهي جنهن ۾ ڪافي مُبهم ڳالهيون آهن جيڪي انسان کي سمجهڻيون پونديون. ڪافي راز آهن جن کي معلوم ڪرڻو پوندو. ڪافي سوال آهن جن جا جواب نه صرف ڳولڻا آهن پر پَنهنجي ايندڙ نسل لاءِ دليلن سان محفوظ ڪرڻا آهن.
هر ڪِتاب جو پنهنجو طلسم هوندو آهي، جن کي پڙهندي اسان پَنهنجي زندگيءَ جي واقعن سان اُنهن ڳالهين کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ تاريخ يا فلسفو به اهڙوئي موضوع آهي جنهن کي ماضي ۽ حال جوڙي اُن مان ڪو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ڇو ته فلسفو تبديليءَ جو حامل رهيو آهي، يعني زندگيءَ سان جُڙيل آهي جيڪا پاڻ تبديل ڪندي رهي ٿي.
رسول ميمڻ جو ڪتاب “الف کان اڳ” سائنسي فلسفي تي لکيل هڪ ناياب ڪِتاب آهي جنهن ۾ جيڪي واقعا پيش ڪيا ويا آهن، اُهي اسان جي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا، جن کي ڄاڻڻ هر فرد جي ذميداري آهي ته جيئن هو پنهنجي سوشل (سماجي) زندگيءََ کي نئين انداز سان گُذاري سگهي.
موضوع ۽ معروض ۾ فرق موضوع مُشاهدو آهي ۽ معروض جنهن جو مشاهدو ڪيو وڃي، فلسفو موضوع کي اهميت ڏئي ٿو ۽ سائنس وٽ معروض اهميت جو حامل آهي. فلسفي ۾ موضوع معروض کي جنم ڏئي ٿو، جڏهن ته سائنس معروض سان موضوع پيدا ڪري ٿي. فلسفي جو موضوع مان مُراد انفراديت نه پر اجتماعي طور سماج آهي جنهن ۾ فرد سان جُڙيل هر شيءِ اُن مان ۾ اچي ٿي وڃي.
هيڊگر جنهن جو فلسفو ڊيزين پيش ڪيو، اهو جرمن ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي، اتي موجود، اهو وجودي فلسفي جو بُنيادي عنصر آهي، جيڪو خوُدي سان جُڙيل آهي. اُن جو اجتماعيت سان ڪو تعلق ناهي. اهو نج خوُدي سان جُڙيل آهي. اُن ۾ لازمي ناهي جيڪا شيءِِ هو ڪري ٻيا به ڪن، ٻين جو خدا هن جو خدا نه آهي ۽ هن جو خدا ضروري نه آهي ته ٻين جو خدا هجي. وجوديت جا فلاسافر موجود ۽ وجود ۾ فرق بيان ڪندي چون ٿا ته موجود جيڪو آهي يعني وجود ۾ آهي ۽ وجود جيڪو نه پر وُجود وٺي ٿو.
ڪتاب ۾ اهڙي قسم جا مُختلف موضوع بحث هيٺ آيل آهن. هڪ ڳالهه جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي ته اُهي بحث فقط تعارف تائين محدود آهن، جن کي جيڪڏهن تفصيل سان لکيو وڃي ها ته سمجهڻ ۾ اڃا وڌيڪ آساني ٿي پوي ها.
معروض ڇا آهي؟ معروض ڪُجهه به نه آهي، اُهو بند پيل اکين سان ئي ڏسي سگهجي ٿو، شيون جيڪي آهن اُنهن جي سڃاڻپ اُنهن جي خاصيتن سان ٿئي ٿي. صوف آهي اُن صوف جو رنگ، ذائقو، تازگي ئي اُن جي اصل سُڃاڻپ آهي. موضوع جي اهڙي صورت جيڪا ٻين حواسن ذريعي ڄاڻي سگهجي، ان کي معروض چئبو آهي. يعني جنهن شيءِ جي جيڪا خاصيت هوندي اُهائي اصل حقيقت آهي ۽ اُن جي سڃاڻپ.
حقيقت ڇا آهي؟ جيئن دنيا ۾ انسانن جون شڪليون الڳ آهن، ائين حقيقت جون شڪليون به ساڳيون نه آهن، حقيقت رڻ ۾ واريءَ تي پوندڙ کجيءَ جي پاڇي مان کارڪون پٽي کائڻ جي ڪوشش آهي.حقيقت، اسميت جو ضد هوندي به اسميت ۾ سمايل آهي، ڪا به حقيقت تصور مان پيدا ٿيل وهم مان وجود وٺي اعتماد جي حد ُڇهي حقيقت جو روپ ڌاري ٿي.
حقيقت جا مُختلف قسم آهن. ماوراءِ حقيقت، سنئين سڌي حقيقت، سائنسي حقيقت، جديد طبعي حقيقت، اخلاقي حقيقت، جمالياتي حقيقت، فيصلائيتي حقيت ۽ اُن جا ڪُجهه ٻيا مثال ڪِتاب ۾ شامل آهن. حقيقت جي حقيقت ۾ معنيٰ ڏاڍي منجهيل ۽ موجهارن ۾ وجهندڙ آهي، مختلف فلاسافر اُن کي مُختلف طريقن سان بيان ڪن ٿا. ايئن چئي سگهجي ٿو ته اُن جي ڪا هڪ لُغوي معنيٰ ناهي.
جديد فلسفي ۾ ماوراءِ حقيقت جو تصور پيش ڪندڙن ۾ فرانز برنيٽو، مينگ، وٽوريو بينوسي، ارنسٽ مالي ۽ هسرل شامل آهن، انهن موجب سچ تصوراتي نه آهي، پر ٺوس حقيقت آهي، سچ نظر اچي ٿو ۽ ان کي هيت (Form) آهي.
ڊائليڪٽيڪل ماديت (Materialism Dialectical ) جنهن جو بنياد وجهندڙن ۾ ڪارل مارڪس ۽ اينجلس شامل آهن. انهن چواڻي وجوديت سڀ کان وڏي حقيقت آهي. سائنس موجب جيڪو مشاهدن مان حاصل ٿئي ٿو اهائي حقيقت آهي. مذهبي حوالي سان جيڪو مذهب ٻُڌائي اهائي حقيقت آهي، يعني جيتري گهرائيءَ ۾ وينداسين، اسان حقيقت جي معنيٰ کان اوتروئي پري ۽ مونجهارن جو شڪار بنجون پيا. همعصر فلسفو (Philosophy Contemporary) جنهن ۾ برٽرينڊ رسل، لڊوگ، وٽجنسٽن، آسٽن، ڪارل پوپر ۽ گساف برگمين شامل آهن، انهن موجب اڳ تصور جُڙي ٿو ۽ اُهائي حقيقت آهي.
اسميت ڇا آهي؟ اها حقيقت کان بِلڪل اُبتڙ آهي جيڪي شيون نظر اچن ٿيون. اهائي حقيقت پر اسميت مُطابق اُنهن شين جي اهميت اُنهن جي نالن سان آهي. انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي جان اسٽارمل چيو ته نالن کانسواءِ ڪُجهه به نه آهي. هاڻي اوندهه کي اسان ٻيو نالو ڏيون ته يقينن اها چريائپ آهي. اها ته اوندهه جي نالي سان ئي ڄاتي وڃي ٿي. ايئن ئي هر شيءِ پنهنجي نالي سان حيثيت رکي ٿي.
خاصيتن کان سواءِ معروض جي ڪا اهميت ناهي ۽ اهي خاصيتون جن کي مختلف نالا ڏنل آهن، اهائي اسميت آهي. يعني اها شيءِ جيڪا ڪنهن به شيءِ جي سُڃاڻپ ڪري ۽ اُن کي مخصوص نالو ڏئي خاص بڻائي اهائي اسميت آهي. اڇو، رنگت ۾ خدا آهي ۽ ڪارو فنا، حقيقت هجي ته ڪو به رنگ نظر نه اچي، حقيقت اسميت ۾ سمائجي نوان رنگ تخليق ڪري ٿي، رنگ رنگن سان ملي رنگن ۾ تبديل ٿين ٿا، هر رنگ کي الڳ نانُءَ آهي ۽ هر نانُءَ پاڻ ۾ رنگ سمائي، رنگ جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
لقاءُ جو مطلب ڇا آهي؟ ان جو مطلب آهي هر اُن شيءِ جو مطالعو جيڪا ظاهر ۽ واضح آهي. لقاءُ سائنس جو حصو آهن، پر انهن جو واسطو نفسيات يا اعصاب جو علم (Neurology) سان نه آهي، اهي سڌو سنئون ڏيک جي بظاهر خاصيت جي تجرباتي ساخت جي مشاهدي جي موٽ آهن. جديد سائنسي نظريي موجب لقاءُ تجربي ۽ مشاهدي سان معلوم ٿئي ٿو، تجربي ۽ مشاهدي جي وسعت جيڪا ٽيڪنالاجيءَ سان حاصل ٿئي ٿي، اها نقاءُ کي لقاءُ جو روپ ڏئي ٿي.
انهيءَ جو ضد نقاءُ آهي. اُن موجب ڪجهه اهڙا واقعا آهن جيڪي ٿي رهيا آهن پر اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن، اهُي مروضي ته نه آهن، موضوعن جهڙا آهن. اکين کان اوجهل جنهن کي اسان خلل به چوندا آهيون. مان مان ۾ لڪيل آهي جيڪو مان نظر اچي ٿو اهو مان ناهي.
ٻيو ٽرم آهي اڻ هوند معنيٰ جيڪا شيءِ وجود نه رکي. پارمنائڊس چوي ٿو اڻ هوند ڪُجهه آهي جنهن جي کوجنا ۾ اڻ هوند ظاهر ٿئي ٿو. ڊيموڪريٽس چوي ٿو ته نجهه اڻ هوند پاڻ به ڪُجهه آهي مطلب ڪو وجود رکي ٿو .ماوراءِ طبعات (Metaphysics )نجهه مان نجهه ئي ظاهر ٿيندو آهي. سارتر موجب جيڪي شيون اسان جي شعور ۾ اچن ٿيون جن جو ظاهر وجود ته ناهي اڻ هوند آهن پر پوءِ به اُهي ڪُجهه آهن. ڪُن فيڪون جو فلسفو يعني پهريان ريزن سبب آهي پوءِ ڪاز جواز آهي هر شيءِ جي سبب پويان جواز هوندو آهي. خُدا وٽ جواز هيو تنهن سبب ڪري ڪائنات خلقيائين. هاڻي اهو ته سوال ئي رهندو ڪائنات جو جواز ڪهڙو آهي ۽ اُن جو پهريون سبب ڪهڙو هُيو؟ خدا ڪائنات پيدا ڪئي، خدا کي ڪنهن پيدا ڪيو؟ يا فلسفيانا طور سوچجي ٿو ته خدا ڪائنات پيدا ڪئي آهي، ڪائنات، خدا پيدا ڪيو، ڇو جو خدا ڪائنات ۾ سمايل آهي، ته پوِءِ پهريون ڪير پيدا ٿيو، خدا يا ڪائنات؟ صرف (One) آهي ته اُن کان اڳ ڪير هيو؟ ۽ ان کان اڳ ڪير؟
ڪائنات ڪائناتن جي انفرادي صورت آهي، اسان جي ڪائنات جيان اهي به مُڪمل آهن. اتي اسپيس ۽ وقت آهي خلا آهن هر شيءِ بلڪل سڌي طرح ساڳي صورت ۾ موجود آهي.
خَلل هڪ نفسياتي بيماري آهي جنهن کي ڪڏهن به ختم نٿو ڪري سگهجي ۽ ڪو به انسان ان کان رهيل نه آهي. خلل جون مُختلف شڪليون آهن خلل جو هڪ قسم آهي.
ڪوٽارڊ خلل ان ۾ مُبتلا شخص پاڻ کي زنده لاش سمجهندو آهي ۽ هو سمجهندو آهي ته هو ڀسم ٿي چُڪو آهي. ٻيو قسم آهي ذاتي معدوم جو خلل جنهن ۾ اها خاص ڪري ڊيپريشن ۾ مُبتلا ماڻهن ۽ اُنهن ۾ جن ٻارن کي گُٿا لفظ ڳالهيا ويندا آهن. اُهي پاڻ کي جسماني طور عجيب قسم جي پَٽَ محسوس ڪندا آهن ۽ دل ۾ سُور محسوس ڪندا آهن. منهن انڌيارو ان صورت ۾ مُبتلا شخص هوندو آهي جيڪو ڄاتل سُڃاتل شين کي به سُڃاڻي ناهي سگهندو. فريگولي خلل اُن ۾ لڳندو آهي ته مُختلف ڏٺل وائٺل صورتون سندس سامهون اچي ويون آهن. خيالي عشق اهو اڪثر ڪري شرميلي عورتن ۾ ٿيندو آهي ته ڪو مرد سندن خلل ۾ ڪا نازيبان حرڪت ڪري رهيو آهي.
خدا هيڏي وڏي هستي، ڪائنات ٺاهي ڇو انسانن جو امتحان وٺندي؟ خدا بي پرواهه آهي، پاڪ ۽ افضل آهي. ڪائنات بدي ۽ برائي آهي، هڪ هستي، پستيءَ کي ڇو وجود ڏيندي؟ يا اُها ڪا خلقيل ٻي ڪائنات آهي جنهن کان اسان اوجهيل آهيون جيڪا اسان کي نظر نٿي اچي ؟ هر شيءِ مادو آهي ۽ مادو چڱائي به آهي ته بُرائي به آهي ته پوءِ الله ته صرف چڱيون شيون خلقيون آهن، اها بُرائي ان مادي ۾ ڪٿان شامل ٿي؟ ٽرمنالاجيءَ جون وصفون ساڳي صورت ۾ ناهن لکيل ٿي سگهي ٿو. آئون مطالعي ۾ اُنهن جي تشريح غلط ڪري ويو هُجان پر مون جيئن سمجهيو اُن کي انهيءَ پهلوءَ سان لکيو آهي.