ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آئين جي پائمالي

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

جيڪڏهن ڪنهن مفروضي کي بنياد بڻائي ملڪي آئين کي لتاڙجي ۽ اهو چيو وڃي ته جيئن ته عدم اعتماد واري تحريڪ عمران خان نيازيءَ جي حڪومت ۽ ملڪ خلاف سازش آهي، تنهنڪري ان کي عمل ۾ نٿو آڻي سگهجي ته ڇا اهو عمل آئين سان غداري ناهي. جڏهن عدم اعتماد واري تحريڪ پيش پئي ٿي ته ان وقت کان وٺي پي ٽي آءِ حڪومت جون ننڊون حرام ٿي ويون هيون. ڇاڪاڻ ته حڪومت کي خبر پئجي وئي هئي ته ان وٽ انگ پورو ناهي ۽ آهستي آهستي پي ٽي آءِ جا پنهنجا وزير حڪومتي ٻيڙيءَ مان لهڻ شروع ٿي ويا ۽ اهي اپوزيشن پارٽين سان گڏجي ويا. جنهن کان پوءِ اپوزيشن جو انگ ايترو ٿي ويو هو جو عمران خان نيازيءَ جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري پئي سگهي پر جيئن ته حڪومت جي نيت ڪجهه ٻي هئي ۽ ان اهو چاهيو ئي ڪونه پئي ته عدم اعتماد پيش ڪئي وڃي، تنهنڪري حڪومت قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي اينگهائيندي رهي ۽ جڏهن سمورا بهانا نه هليا ۽ اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن عدم اعتماد پيش ٿيڻي هئي ته ان ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڊپٽي اسيپڪر اهو چئي ڇڏيو ته هي عدم اعتماد آئين جي خلاف آهي، ان ڪري ان کي پيش نٿو ڪري سگهجي.
“ڪمپني بهادر” جي پنهنجي ئي تيار ڪيل ماڻهو ضياءَ وانگر آئين کي رڳو ڪاغذ جو ٽڪرو سمجهيو ۽ پنهنجي ئي گهڙيل ڪهاڻيءَ کي ملڪ ۽ سندس حڪومت خلاف سازش قرار ڏئي رهيو آهي پر هو اڃا تائين ان حوالي سان ڪي به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين نه ته آمريڪا ان ڳالهه کي قبولڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي هتان جون انٽيليجنس ايجنسيون ۽ ادارا اهو سمجهن ٿا ته اها ڪا عالمي سطح تي سازش آهي. هي معاملو رڳو ايترو آهي ته عمران خان نيازيءَ جي حڪومت گذريل پوڻن چئن سالن ۾ جيئن ته ڪا ڪارڪردگي ڪونه ڏيکاري سگهي آهي ۽ نه ئي هن وٽ هاڻ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آهي، تنهنڪري ڪابينه ۾ ڪي تبديليون ڪيون وڃن ڪي اهڙا ماڻهو هجن جيڪي آزمايل ئي هجن پر ملڪي معيشت کي ڪو ٽيڪو اچي سگهي ۽ ان کانسواءِ پاڪستان جي سياسي اڪيلائيءَ جو خاتمو ٿي سگهي. ان کي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان نيازي هڪ عالمي سازش قرار ڏئي رهيو آهي.
عمران خان نيازي اهو به چوي ٿو ته سندس پارٽيءَ کي جيڪي ماڻهو ڇڏي پيا وڃن، اهي ضمير فروش آهن ۽ هن ملڪ جا غدار آهن. پر اهي ساڳيا ماڻهو جڏهن ٻيون پارٽيون ڇڏي سندس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيا هئا ته اهي کي صادق ۽ امين نظر پئي آيا، ان وقت اهي پنهنجي ضمير جي آواز کي لبيڪ چئي رهيا آهن. عمران خان نيازيءَ کي به اها خبر آهي ته هو انهن ماڻهن کان سواءِ حڪومت نه پئي ٺاهي سگهيو ۽ نه ئي سندس حڪومت جٽاءُ ڪري پئي سگهي، تنهنڪري جائز توڙي ناجائز طريقي سان انهن ماڻهن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرائڻ هن لاءِ لازمي هو، پر جيئن ته هاڻ سندس پارٽيءَ جي ساک ساڳي ناهي رهي تنهنڪري اهي ماڻهو هن کان ڇڄي ڌار ٿي رهيا آهن. عمران خان نيازيءَ کي هر فورم تي صادق ۽ امين ڪري پيش ڪيو ويو پر جيڪي ڳالهيون هاڻ عليم خان ڪري رهيو آهي، اهي سندس ڪرپشن جا پول پڌرا ڪري رهيون آهن. ٻه ڏينهن اڳ هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ اهو چيو ته پنجاب ۾ اي سي جي مقررين ۽ بدلين لاءِ پئسا ورتا ويندا هئا ۽ اهي پئسا فرح نالي عورت وٺندي هئي. اهي پئسا بني گالا پهچايا ويندا هئا. ان ڪري اهو چوڻ غلط آهي ته اڳوڻو وزير اعظم ڪرپٽ ناهي يا وري هو صادق ۽ امين آهي.
پر هي معاملو رڳو صادق ۽ امين جو ناهي. جيڪڏهن ان ڳالهه کي مڃي به وٺجي ته عمران خان نيازي صادق ۽ امين آهي ته اهو گڻ ان ڳالهه جي ضمانت ناهي ته هو ڪو ڪامياب سياستدان آهي. ڪامياب سياستدان ٿيڻ لاءِ سياسي ساڃاهه جي ضرورت هوندي آهي. دنيا ۾ ڪئين ايماندار ماڻهو پيا آهن پر اهي سياست جي فن کان اڻ ڄاڻ آهن. تنهنڪري سياست نه ته ڪا راند آهي ۽ نه ئي ڪو افسانو آهي. اها هڪ مڪمل سائنس آهي. جنهن ۾ اهو ماڻهو ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿو، جيڪو ان کان چڱي ريت واقف هوندو.
ملڪ ۾ هن وقت آئيني بحران لڳو پيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ جيڪا رولنگ ڪجهه ڏينهن اڳ ڊپٽي اسپيڪر ڏني آهي، ان حوالي سان اپوزيشن سپريم ڪورٽ هلي وئي پر ان معاملي تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس پڻ ورتو آهي. ان جو فيصلو ڪهڙو ٿو اچي، اهو به ترت پتو پئجي ويندو. پر جنهن آئيني بحران کي عمران خان نيازي پيدا ڪيو آهي، ان کي ترت حل ضروري آهي. جڏهن سڀئي سياسي پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته آئين کان مٿانهين ڪا شيءِ ناهي ته پوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي مفروضي تي ٻڌل رولنگ به ڪا معنيٰ نٿي رکي. پي ٽي آءِ ته ان رولنگ کان پوءِ هڪدم چئي ڇڏيو هو ته ان کي عدالت ۾ چيلينج نٿو ڪري سگهجي. پر پي ٽي آءِ پاڻ عدالتن ۾ ڪئين اهڙا ڪيس کڻي ويندي رهي آهي، جيڪي عدالت جو وقت وڃائڻ کان سواءِ ڪجهه به نه هئا. هن وقت به فارن فنڊنگ جي حوالي سان جيڪو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ خلاف هلي رهيو آهي. ان حوالي سان ڪيترا ڀيرا اها ڪورٽ سان رابطي ۾ آئي آهي پر سدائين ڪورٽ ان جي درخواستن کي رد ڪيو آهي.
جڏهن ملڪ جي سياسي سرشتي ۾ هائبرڊ جمهوريت جا تجربا ٿيندا ته پوءِ اتي آئين جي ڪهڙي حيثيت رهندي ۽ آئين جي پائماليءَ کي به هڪ سٺو عمل سمجهيو ويندو. جيئن هن وقت سمجهيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ نه رڳو هر غير آئيني ڪم کي پٺي ڏيندي رهي آهي پر اها ملڪ ۾ آمراڻي سوچ کي هٿي پڻ ڏيندي رهي آهي. تنهنڪري هاڻوڪي رولنگ کي ان تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي ۽ ڪمپني وٽ ان ڳالهه جي ڪا اهميت ناهي ته ملڪ جو آئين ڇا ٿو چوي ته پر ان ڳالهه جي اهميت ضرورت آهي ته عمران خان ڇا ٿو چوي.
هاڻ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اها ڪهڙي ريت هن معاملي کي اڪلائي ٿي ۽ ملڪ جي آئيني بحران کي ڪيئن ٿي حل ڪري، ڇاڪاڻ ته هن وقت نه رڳو سياسي پارٽين پر عوام جون نظرون به ڪورٽ ۾ کتل آهي. جيڪا ماضي ۾ نظريه ضرورت کي به تحفظ ڏيندي رهي آهي ۽ آمرن جنهن کي پنهنجي مرضي موجب استعمال ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button