سياست سبب سمورو ملڪي سرشتو بيهي رهيو آهي. ڪنهن کي ڪا خبر نه ٿي پوي ته ڪنهن جي حڪومت آهي؟ ان حڪومت وٽ ڪيترو وقت ۽ ڪيترو اختيار آهي؟ هن مهل تائين ته قومي اسيمبليءَ جو معاملو ئي هڪ پاسي نه ٿيو آهي. ان صورتحال ۾ صوبائي اسيمبلين جو ڇا ٿيندو؟ وڏي ڳالهه اها آهي ته اڪثر سوالن ۽ اعتراضن جي موٽ ۾ قانوني ماهر اهو جواب ڏين ٿا ته ان سلسلي ۾ ملڪي قانون ماٺ آهي. جيڪڏهن ملڪي قانون ماٺ هوندو ته پوءِ مسئلا حلا ڪيئن ٿيندا؟ ڇا ڪو ملڪ اهو برداشت ڪري سگهي ٿو ته هن جا معاملا هڪ قسم جي مونجهاري حوالي هجن؟ جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهڙي منجهيل باب جو اضافو به ٿي ويو آهي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا ان جو ذمو انهن سمورين پارٽين جي مٿان نه ٿو اچي، جيڪي هونءَ ته تمام گهڻيون جمهوريت پسند هجڻ جو ڏيک ڏين ٿيون پر انهن جو ڪردار انتهائي افسوسناڪ حد تائين غيرجمهوري ۽ هڪ طرح سان آمريت نواز آهي. ڇو ته هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ بار بار اها وضاحت ڪري رهي آهي ته هن جو سياست سان ڪو تعلق ناهي ۽ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو سياسي پارٽين جو ڪيوڌريو آهي. پر سياسي پارٽيون هڪ ته اهڙيون حالتون پيدا ڪري رهيون آهن، جن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار اڻ ٽر ٿي وڃي ۽ ٻيو ته ڪجهه سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ کان پڇڻ لڳيون آهن ته انهن جي خيال ۾ مخالف ڌر ملڪ دوست آهي يا ملڪ دشمن؟ ڇا ان ڳالهه جو فيصلو به اسٽيبلشمينٽ کي ڪرڻو هوندو آهي؟ اهي سياسي پارٽيون جن حڪومتون ڪيون آهن، اهي جيڪڏهن اهڙا سوال اسٽيبلشمينٽ کان معلوم ڪن ته پوءِ ماتم ڇو نه ڪجي؟
ملڪي جي سينئر سياسي پارٽين کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ته پتو هجڻ ئي گهرجي ته ان قسم جو فيصلو صرف ۽ صرف عدالتون ڪنديون آهن. جيڪڏهن ڪا پارٽي اسٽيبلشمينٽ کان اهو سوال پڇي ٿي ته ان جو مطلب صاف اهو آهي ته اها اسٽيبلشمينٽ جو ڌيان ڇڪائڻ چاهي ٿي. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جو ڌيان ملڪي سياست جي طرف ڇڪائڻ به هڪ جمهوري پارٽيءَ جو وڙ ناهي. ڀلي اسٽيبلشمينٽ ڪيترو به سياست ۾ ملوث هجي پر جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ پارٽين کي ته پوءِ به ان قسم جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، جنهن سان جمهوريت جي معيار مٿان هڪ طرح جي ميار اچي وڃي ٿي ۽ اهو ڪجهه ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي پون ٿا، جنهن جا ملڪ ۽ معاشري جي مٿان تمام اگرا اثر پون ٿا. اسان جنهن صورتحال مان گذري رهيا آهيون، اها تمام افسوسناڪ آهي. ان صورتحال سبب جيڪو به نقصان پئجي رهيو آهي، اهو ملڪ ۽ ان جي عوام جي مٿان بار وجهي رهيو آهي. ڇو ته ملڪ ۾ ڪافي وقت کان وٺي مهانگائي هئي ۽ ان مهانگائيءَ کي حڪومت ڪرونا جو نتيجو قرار ڏئي رهي هئي پر ڪورونا کان پوءِ هاڻي جيڪا مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ خاص طور تي جيڪا مهانگائي ملڪ ۾ سياسي بحران سبب پيدا ٿي آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا سياسي پارٽين وٽ ان سوال جو جواب آهي؟
پاڪستان جنهن وقت کان وٺي سياسي بحران جي ور چڙهيو آهي، تنهن وقت کان وٺي هڪ طرف اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لاٿ جو رجحان وڌيو آهي ۽ ٻي طرف ڪالهه جي ڳالهه آهي ته ڊالر به مهانگو ٿي ويو آهي. ڇا ان جو سبب سياست ناهي؟ هڪ سياست دنيا ۾ ٿي رهي آهي ۽ ان سياست سبب انهن ملڪن جي ماڻهن جي حصي ۾ مزا اچي رهيا آهن. اهي ماڻهو پهريان کان وڌيڪ خوش ۽ خوشحال زندگي گذارين ٿا. جڏهن ته هڪ اسان جو حال آهي، جنهن مطابق ته سياست اسان جي خوشين جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. هي ملڪ مسلمانن جو آهي. چون ٿا ته هي ملڪ ٺهيو ئي ان ڪري هو ته جيئن دين جي خدمت ٿي سگهي ۽ دنيا جي آڏو دين جو عظيم عملي نمونو پيش ڪري سگهجي پر ڇا انهن کان ڪو پڇڻ وارو آهي ته هن مهل جيڪو به ٿي رهيو آهي، ان ۾ ديني حڪمن جو حصو پتي به آهي؟ اسان اهڙي صورتحال ۾ آهيون، جنهن جو ذڪر به اسان جي لونءَ ڪانڊاري ڇڏي ٿو ۽ وڏي ڳالهه ته انهن حالتن ۾ هر ڪنهن کي اهو ڀرم آهي ته هو ملڪ ۽ مذهب جي سڀ کان وڌيڪ خدمت ڪري رهيو آهي. انهن ماڻهن کان پڇا ڪرڻ گهرجي ته هي ڪهڙو دين ۽ ڪهڙو ايمان آهي؟ هي ڪٿان جو دستور آهي ته ملڪ جو سياسي بحران ان ڏينهن تي آئيني بحران ۾ بدلايو وڃي ٿو، جنهن ڏينهن تي مسلمانن جي ڀلاري مهيني جي پهرين تاريخ هئي. اهو پهرين روزي وارو ڏينهن هو، جڏهن ملڪ جون سياسي پارٽيون پاڻ ۾ ايتريون ته اٽڪي پيون جو هاڻي ان جو سلجهاءُ سپريم ڪورٽ جي آڏو آهي.
سپريم ڪورٽ پنهنجي گذريل ڏينهن واري ڪارروائيءَ ۾ چيو هو ته نگران حڪومت جو مرحلو رڪيو پيو آهي، ان ڪري ڪوشش ڪبي ته فيصلو ايندڙ ڏينهن معنيٰ اڄ ڏنو وڃي. ان قسم جي ڳالهه ڪري سپريم ڪورٽ گهٽ ۾ گهٽ سياسي پارٽين ۽ انهن جي سربراهن کي ذهني طور تي تيار ته ڪري ڇڏيو آهي ته انهن کي فيصلي جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي ۽ انهن کي ان قسم جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ اهو به ذهن نشين ڪرڻ کپي ته سپريم ڪورٽ جو اشارو ڪهڙو آهي؟ سپريم ڪورٽ معاملي کي قانون ۽ آئين جي اصولن مطابق ظاهر آهي ته اڳتي هلائڻ چاهيندي. ڇو ته جيڪڏهن انصاف به ماضيءَ جي حساب ۾ الجهي پيو ته ايندڙ وقت جو سفر اڳتي ڪيئن وڌندو؟ وقت جو سفر سدائين اها تقاصا ڪندو رهي ٿو ته معاملي کي اڳتي هلايو وڃي ته جيئن پيدا ٿيندڙ مسئلا حل ڪري سگهجن. جيڪڏهن مسئلا حل نه ٿيندا ته ماڻهو پريشان ٿيندا. ڇا ماڻهو اڳواٽ گهٽ پريشان آهن؟ هن مهيني ۾ جهڙي طرح شيون سستيون ٿيڻ بدران مهانگيون ٿي رهيون آهن، انهن جي انداز کي ڏسي ڪير چوندو ته اهو فلاحي رياست جي جديد صورت جو ڪارنامو آهي؟
پاڪستان جي مٿان هن مهل عالمي بار به وڌي رهيا آهن. عمران خان آمريڪا جي مٿان اهو الزام هنيو ته آمريڪا هن جي حڪومت هٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪا هن جي خلاف پاڪستان جي سياسي پارٽين کي استعمال ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن اهو ڪجهه آهي ته اهو برو به آهي ۽ ان تي حيران به نه ٿيڻ گهرجي. ڇو ته اسان ماڻهن جي لاءِ اها ڳالهه حيرت جو باعث نه هجڻ گهرجي ته آمريڪا هن ملڪ جي حڪومت مٿان اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جنهن ملڪ جا اهم فيصلا به ماضيءَ ۾ آمريڪا هٿان ٿيا هجن، ان ملڪ ۾ آمريڪا جي مداخلت کي ان بحث جو موضوع بڻائڻ به عجيب آهي ته آمريڪا مداخلت ڪئي آهي يا نه ڪئي آهي؟ ڇا اسان کي معلوم ناهي؟ پاڪستان ۾ اها حقيقت ان کي به معلوم آهي، جيڪو اخبار نه ٿو پڙهي ته آمريڪا پاڪستان جي مٿان پنهنجا اثر وجهندو رهيو آهي ۽ ڪنهن حڪومت کي ڪامياب ڪرڻ ۽ ڪنهن حڪومت کي ناڪام ڪرڻ ۾ به آمريڪا جو ڪردار رهندو آيو آهي. اهو سوال تمام سادو ۽ آسان آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جنرل ضياءَ جي ڊگهي آمريت جو بار پنهنجن ڪلهن تي نه کڻي ها ته ڇا جنرل ضياءَ حڪومت هلائي سگهي ها؟ سياسي علم جا ماهر سدائين چوندا رهيا آهن ته ڀٽو حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ آمريڪا جو هٿ هو. اهو آمريڪا جو پلان هو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي هٽايو وڃي ۽ جنرل ضياءَ جي آمريت کي آندو وڃي ته جيئن ان جي معرفت افغانستان ۾ سوويت يونين جي خلاف جهاد ڪرائي سگهجي. اهو آمريڪي منصوبو هو. جيڪڏهن ان کان ڪوئي انڪار ڪري ٿو ته اهو انڪار ائين هوندو، جيئن ڪوئي ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن قرار ڏيندو هجي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ هر ڪنهن جو ڪردار ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اهڙو رهيو آهي، جنهن تي هو ڪنهن به طرح سان فخر نه ٿو ڪري سگهي. ڇا پاڪستان جون پارٽيون ان ڳالهه تي فخر ڪنديون ته انهن هڪ دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف فوجي بغاوت جو رستو صاف ڪيو هو ۽ هن اهو ڪجهه به ڪيو هو، جنهن جا هن مهل تائين هن ملڪ مٿان اثر صاف نظر اچن ٿا. پاڪستان پنهنجي ماضيءَ جي ڀيٽ هن مهل تائين پاڻ اهو سڌارو نه آڻي سگهيو آهي، جيڪو پنهنجي ماڻهن کي راحت ۽ سڪون ڏيڻ جي لاءِ ضروري هوندو آهي. جيڪڏهن اسان جو اڄ به غور سان جائزو ورتو وڃي ته اسان اڳتي وڌڻ بدران مستقل طور تي هڪ دائري ۾ ڦري رهيا آهيون. اسان کي ان مان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي پر پاڪستان کي هن جا سياستدان اڳتي وڌڻ نه ٿا ڏين.
ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون هن مهل جهڙي ريت سپريم ڪورٽ جي مٿان بار وجهي رهيون آهن، انهن کي گهرجي ته هو پاڻ ۾ ويهي ڪو نه ڪو رستو تلاش ڪن. جيڪڏهن پاڪستان جون سياسي ڌريون گول ميز ڪانفرنس ڪري هن صورتحال جو ڪو سٺو حل ڪڍن ته ان سان ملڪي سياست جي مٿان خوشگوار اثر پوندا ۽ ملڪ ۾ ادارا مضبوط ٿيندا. پر جيڪڏهن هر ڀيري سياست جي دانهن ڪنهن نه ڪنهن قانوني ۽ غيرقانوني دروازي کي تلاش ڪندي ته پوءِ اسان جو ملڪي معاملو ڪهڙي طرح اڳتي وڌي سگهندو؟ هن مهل ملڪ تمام گهڻي مصيبت ۽ تمام وڏي مونجهاري ۾ آيل آهي. اها ڳالهه به سڀ ڪن ٿا ۽ اهي ماڻهو ڪجهه وڌيڪ ڪن ٿا، جن ملڪ کي مصيبت ۾ وجهڻ جي سلسلي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. جن ملڪ کي هن هنڌ تائين پهچايو آهي. اهي ملڪ جا سڀ کان وڏا سڄڻ بڻجي پيش ٿي رهيا آهن. جن ملڪ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، انهن جي اڄ ڪنهن کي سار به نه ٿي اچي. هر ڪو پنهنجي پنهنجي مفاد جو سوچي رهيو آهي. هر ڪنهن کي ملڪ جو اقتدار گهرجي. پر ملڪ کي هڪ عظيم سياسي ادارو کپي ٿو. هڪ اهڙو ادارو جيڪو ملڪ کي ڪڏهن به بند گهٽيءَ ۾ بيهڻ نه ڏئي. ڇا جيڪو فيصلو متوقع آهي، اهو ملڪ کي بند گهٽيءَ مان ٻاهر ڪڍڻ جو سبب بڻجي سگهندو؟