هن وقت ملڪ ۾ جتي حڪومت نه رهي آهي، اتي امن به نه رهيو آهي. سنڌ سميت هر صوبو ۽ علائقو هونئن به بدامنيءَ جي ور چڙهيل رهيو آهي. هن وقت حيدرآباد شهر به بدامنيءَ جي ور چڙهيل آهي. ڦرن، ڌاڙن ۽ چوريءَ جي وارداتن عوام کان سڪون به کسي ورتو آهي. هن وقت ته ڦورن جو راڄ ٿي چڪو آهي، پوليس رڳو دعوتون کائڻ ۽ هڪٻئي کي ڪاميابيءَ جا سرٽيفيڪٽ ڏيڻ ۾ پوري آهي.
حيدرآباد ۾ 15 ڏينهن اڳ هڪ نوجوان کي ڀنگ لا به اغوا ڪيو ويو، جنهن کي هڪ عورت صائقا پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ڌاڙيوالن معرفت اغوا ڪرائي لاڙڪاڻي پهچايو، جنهن جي بازيابيءَ لا وارثن کان 2 ڪروڙ ڀنگ به طلب ڪيو ويو. اهو نوجوان بازياب ٿي مائٽن جي گهر پهچي چڪو آهي. اها ڀنگ پوليس کي ملي يا ڌاڙيوالن کي؟ ان تي ڪنهن صحافي اڃا انويسٽيگيشن نه ڪئي آهي. هن نوجوان جي اغوا کان اڳ ٻن ڦورن شهباز بلڊنگ وٽ هڪ شهريءَ کي يرغمال بڻائي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڦر دوران نوجوان کي ڪلهي ۾ گولي هڻي زخمي ڪيو ويو. ساڳئي وقت هڪ ڦورو شريف بروهي پنهنجي ئي ساٿي جي گولي لڳڻ سان مارجي ويو. ان واردات جا 2 ڪيس جي او آر ٿاڻي تي پڻ داخل ٿيل آهن. اهڙي بدامني کانپو اوهان ئي ٻڌايو ته ويچارو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي ٿو. ڦورو جڏهن پنهنجي ساٿي جي فائرنگ ۾ مارجي ويو ته ان وقت وري ڪوهسار واري علائقي ۾ دوائن جي ڪمپنيءَ جي ملازم جي گهر ۾ 6 هٿياربند داخل ٿي عورتن ۽ مردن کي رسن سان ٻڌي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اها واردات پوليس لا چئلينج بڻيل رهي ته پٺيان وري ساڳئي هنڌ وٽ ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد علائقي ڪوهسار فيز ون ۾ پيٽارو ڪاليج جي رٽائرڊ عملدار قاضي شبير جي گهر ۾ هٿياربند داخل ٿي لکين روپين جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا، جنهن ۾ 10 تولا سون، 90 هزار رپيا روڪ رقم، ايل اي ڊي، موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو ويو، اهڙي واردات کان پو جوابدارن جي ڳولا ۾ ئي نڪتي ته وري قاسم آباد جي نسيم نگر چيڪ پوسٽ جي علائقي شيدي ڳوٺ مان هٿياربند شاهه ذات جي فيمليءَ کان گهر مان ڌاڙو هڻي سون ڦري ويا. قاسم آباد ۾ ٻن هٿياربندن مهراڻ سينٽر وٽ ماشاءَ الله ڊيريءَ جي مالڪ عابد کان 6 سئو روپيا ۽ فضل ساند کان 20 هزار روپيا ڦر ڪيا. هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ لڳل مال پڙي مان واپاري کان 20 هزار روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جتان مهران ڪار پڻ چوري ڪئي وئي.
وري تازو گذريل ڏينهن ٻن شهرين کان 51 لک روپيا ڦر ڪي ويا، جنهن واردات جا پوليس ڦورو جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي. جنهن ۾ حيدرآباد جي قاسم آباد جي علائقي فراز ولاز ۾ ڏينهن ڏٺي جو 4 هٿياربند شوروم مالڪ معيز کان هٿيارن جي زور تي 30 لک روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود ناڪابندي نه ڪئي وئي ۽ ڦورو آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. ساڳئي وقت حيدرآباد جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ بينڪ مان پئسا ڪڍرائي گهر ويندڙ رضوان نالي نوجوان کي موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن يرغمال بڻائي 21 لک روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جنهن واردات پڻ پوليس تي سواليه نشان هڻي ڇڏيو آهي.
ڪالهه به قاسم آباد ۾ پوليس آڏو ڏينهن ڏٺي جو ڦر مزاحمت دوران ڦورن هٿان درزي ۽ هڪ واٽهڙو کي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو، مزاحمت تي ڦورو به گولي لڳڻ دوران زخمي ٿي پيو، زخمي کي ساٿي ڦورو کڻي فرار ٿي ويو. قاسم آباد ۾ درزي عباس ميمڻ بينڪ مان پئسا ڪڍرائي نڪتو ته ٻِن ڦورن پئسا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي کيس ڄنگهه ۾ گولي هڻِي زخمي ڪري ڇڏيو. ساڳئي وقت هڪ واٽهڙو پڻ گولي لڳڻ دوران زخمي ٿي پيو، زخمين کي قاسم آباد تعلقي اسپتال آندو ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب واردارت واري هنڌ پوليس جي موجودگي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو به زخمي ٿي پيو، جنهن کي وري سندس ساٿي ڦورو موٽر سائيڪل تي کڻي فرار ٿي ويو. ڦر واقعي جي سي سي ٽي وي پڻ سامهون اچي وئي آهي. ڏينهن ڏٺي جو پوليس جي سامهون واردات ڪرڻ تي پوليس جي ڪارڪردگيءَ تي سواليه نشان لڳي ويو آهي.
حيدرآباد پريس ڪلب سامهون 2 موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ سان گڏ هڪ ڪار جا شيشا ٽوڙي چور 2 ليپ ٽاپ کڻي فرار ٿي ويا. رات ئي اسرا اسپتال ڀرسان ميڊيڪل اسٽور مان هڪ لک 60 هزار روپيا ڦر ڪيا ويا آهن، اهڙين وارداتن کان پو اسين شهرين کان ڦر ۽ چوري جي واردارتن جا انگ اکر ويهي گڏ ڪريون ته اخبار جا صفا به گهٽجي ويندا. اهڙي صورتحال ۾ ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي حيدرآباد ساجد سدوزئي جو ويهي ڊيوٽي ڪرڻ به سمجهه کان ٻاهر آهي. جيتوڻيڪ پير محمد شاهه جي ڪرائيم سين جي فارنزڪ جي ڄاڻ شاندار آهي. ان باوجود ڦورن جو راڄ آباد آهي. ڦرن جي وارداتن سان گڏ انساني جانيون به محفوظ ناهن. حيدرآباد ۾ گذريل مهيني ٻن عورتن کي قتل ڪيو ويو. هڪ کي ڇرين سان ٻي کي گولين سان قتل ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ ٻن شاگردن جا به لاش مليا آهن.
بدليا ٿاڻي جي حد مان هڪ گهر مان 12 ورهين جي جئي رام ۽ اسرا اسپتال ۾ هڪ شاگرد ڊاڪٽر پهلاج جو لاش مليو. پوليس جو ڊپ ۽ قانون جي حڪمراني هجي ته اهي لاش به گهر ۽ هاسٽلن مان نه ملن. ملڪ ۾ جتي رياست ئي نه رهي هجي ته پو هيٺئين سطح تي امن قائم ڪرڻ وارو سوال سوال ئي ٿي رهجي وڃي ٿو. اڳ ۾ حيدرآباد ۾ پوليس عملدار چوندا رهيا آهن ته امن قائم ڪرڻ لا پوليس وٽ نفري ناهي، حيدرآباد جي 25 لک آبادي واري شهر ۾ ايترا اهلڪار ناهن، جيترا دادو شهر ۾ آهن. اهو انڪشاف مون سان اڳوڻي ايڊيشنل آ جي ڊاڪٽر جميل احمد ڪيو هو.
جيتوڻيڪ حيدرآباد ۾ تازو 11 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. جيڪي ٿاڻن تي ڊيوٽي ڏيکاري ويٺا گهر ۾ هوندا هئا. اهي ايس ايس پي آفيس ۾ رشوت ۽ خرچي ڏئي پنهنجي ڊيوٽي لڳائي ڇڏيندا هئا. هن وقت به پوليس آفيسر جاچ ڪن ته کوڙ گوسڙو اهڪار سامهون اچي ويندا. حيدرآباد ۾ عرفان بلوچ جي مقرريءَ کان اڳ ۾ ته حيدرآباد ۾ اهلڪارن کي نشانو بڻائي قتل به ڪيو ويندو هو. لطيف آباد ۾ 3 کان وڌيڪ اهلڪارن شهيد ڪيو ويو. پوليس جي جتي رٽ ختم ٿي وڃي اتي بدامني شهرن ۽ ڳوٺن جو مقدر بڻجي ويندي آهي. آ جي سنڌ پڻ ايس ايس پي حيدرآباد کان 8 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ 21 مختلف ڪيسن جي جاچ آفيسرن جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ ايس ايڇ او رحيم چانڊيو، ايس ايڇ او مجتبى شيخ، پاڻ کي ڊنگ عملدار سڏائيندڙ طاهر مغل، خادم حسين ڀٽي، تنوير شاهه، محمد علي ڌامراه، زياد نوناري، طاهر خانزاده، نثار هاليپوٽو، اعجاز لاکو شامل آهن. هنن جو ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ بابت رڪارڊ ورتو پيو وڃي. جن وٽ عدالت ۾ هلندڙ ڪيسن جي پڻ جاچ آهي. اهڙا عملدار ئي پنهنجي کاتي ۾ هٽ لسٽ تي هجن ته پو شهرين جو تحفظ ڪير ڪندو. ان ڪري پوليس کاتي کي حيدرآباد تي نظر رکڻي پوندي، ٻي صورت ۾ شهر برباد ٿي ماضي جو قصو بڻجي ويندو ۽ پوليس رڳو ڪاغذي ڪارروائي ڪرڻ ۾ پوري هوندي.