مجبوري هڪ اهڙي حالت آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي وس نه هوندو آهي. جنهن ۾ ماڻهو حالتن ۽ ايتري تائين جو پنهنجو پاڻ تي به اختيار ۽ وسُ وڃائي ويهندو آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪي ڪجهه ڪرڻو هوندو آهي سو ڪنهن ٻئي کي ڪرڻو هوندو آهي. خارجي قوتون اوهان تي غلبو حاصل ڪري وٺنديون آهن. اوهان بلڪل يا جزوي طور تي بيوس بڻجي ويندا آهيو. جهڙوڪ: ڪنهن خطرناڪ ۽ لاعلاج بيماريءَ جو شڪار بڻجي يا بدترين مالي مشڪلاتن جي ور چڙهڻ کان پوءِ جڏهن ان کوهه منجهان نڪرڻ لاءِ ڪا روشني نظر نه ايندي هجي.
مجبوري انسانن وانگر جانورن کي به پنهنجي پڪڙ ۾ آڻيندي آهي ۽ هڪڙا جانور ٻين جي مجبوريءَ جو فائدو وٺندا آهن. زراف مجبور هوندو آهي ته جڏهن پاڻي پيئڻو هجيس، پنهنجون ٽنگون ٽيڙي پاڻ کي زمين ۽ پاڻيءَ جي ويجهو ڪري. ان وقت تاڙ ۾ ويٺل شينهن مٿس حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پاڻي پيئڻ لاءِ آيل جانور پاڻيءَ ۾ لڪي ويٺل واڳونءَ جي تيز ڏندن ۽ طاقتور ڳياڙيءَ جي پڪڙ ۾ اچي ويندا آهن. شڪاري پکي داڻو چُڳڻ يا ٻچن لاءِ داڻو سهيڙڻ لاءِ ويل پکين جي خالي پيل آکيري تي حملو ڪري ان ۾ موجود چُوزن ۽ آنن کي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن.
پکين ۽ جانورن جيان ئي انسان به مجبور انسانن جي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. خاص ڪري تڏهن جڏهن هڪڙو انسان بيمار هجي، مفلس هجي يا وري ڪنهن مصيبت ۾ ڦاٿل هجي تڏهن چالاڪ ماڻهو ان جا سهڪاري بڻجڻ بدران ڳجهن وانگر مٿس ڪڙڪي پوندا آهن.
ڏک جي ڳالهه اها آهي ته شڪاري جانورن ۽ پکين وٽ پنهنجي شڪار جي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻ کان سواءِ ٻي واهه ڪانه هوندي آهي. مثال طور شينهن شڪار نه ڪري ته اهو زنده ڪيئن رهي سگهندو؟ پر انسان پاڻ جهڙي ڪنهن ٻئي انسان جي مجبوريءَ جو فائدو نه وٺي تڏهن به اهو زنده رهي سگهي ٿو. پنهنجي عقلمنديءَ سبب انسان وٽ هميشه هڪ کان وڌيڪ رستا موجود هوندا آهن. پر هُو عام طور تي مجبور انسان جي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻ واري رستي کي ئي اختيار ڪندو آهي. جهڙي نموني اڄ ڪلهه ڀلاري مهيني رمضان ۾ مجبور ماڻهن جي مجبوريءَ جو فائدو ورتو پيو وڃي. چالاڪ ماڻهن هڪڙي پاسي اها ڳالهه هُلائي ڇڏي آهي ته هن مهيني ۾ اوهان جو کيسو اجازت ڏئي يا نه پر پنهنجي گهر وارن کي بهترين کاڌا ۽ ميوا وافر مقدار ۾ کارائڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته هيءُ ڀلارو مهينو آهي. ڇاڪاڻ ته اوهان جي گهر جا ڀاتي روزائتا آهن، ان ڪري انهن کي سحري ۽ افطاري وقت بهترين طعام پيش ڪرڻ توهان جي ذميواري آهي. ٻئي پاسي اهي ساڳيا ئي چالاڪ ماڻهو ذخيره اندوزي، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ واپاري اٽڪلن ۽ هٿ کس ذريعي پنهنجي ڪسي پڪي شئي مهانگي وڪڻندا ۽ گھڻي کان گھڻو نفعو ڪمائيندا آهن. حالانڪه روزي جو فلسفو اهو هو ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي خواهشن کان روڪڻ سکي. ماڻهو کائڻ پيئڻ کي عارضي طور تي ٿوري وقت لاءِ ڇڏي. ماڻهو بک تي رهي اهو محسوس ڪري ته جن کي سمورو سال ئي بک تي رهڻو پوندو آهي، اڻ پوري کاڌي تي گذارو ڪرڻو پوندو آهي، انهن جو وقت ڪيئن گذرندو آهي. دنيا جو ان سان ڪوئي واسطو ڪونه هوندو آهي ته توهان اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ۽ ڪٿان ڪندئو! اهڙن موقعن تي دنيا کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان تي چاڙهي ڇڏيندي آهي. درزي ۽ حجم پنهنجي خدمتن جي اجرت وڌائي ڇڏيندا آهن. گوشت، مڇي، مرغي ۽ کاڌي پيتي جي ٻين سمورين شين جا واپاري به اٽڪل سان پهريان مجبور بڻايل ماڻهن جي مجبوريءَ جو فائدو وٺندي کين دل تي لُٽيندا آهن.
مجبور ماڻهن جي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻ وارن ۾ هن ملڪ جا ڊاڪٽر حضرات به واپارين کان گهٽ ڪونهن. جڏهن توهان بيمار آهيو تڏهن انهن ڊاڪٽرن جي رحم و ڪرم تي هوندا آهيو. اهي جهڙي ۽ جيتري چاهين توهان کي دوا کارائي سگهن ٿا. ضروري هجي يا نه، اوهان کي مختلف ٽيسٽون ڪرائڻ تي مجبور ڪندا. ظاهر آهي هر هڪ ٽيسٽ ۽ هر هڪ دوا تي ڊاڪٽر صاحب جي ڪميشن طئي ٿيل هوندي آهي. جيڪڏهن توهان اپينڊڪس جي معمولي آپريشن ڪرائڻ لاءِ به اسپتال ۾ داخل ٿيا ته سمجهو لک سوا تان هٿ کڻڻو پوندو.
جيڪڏهن توهان يا توهان جو ڪو پيارو اسپتال ۾ داخل آهي ته سمجهو اسپتال جي آس پاس موجود طبي عملو ۽ واپاري توهان کي بيماري ۽ مجبوريءَ ۾ ڦاٿل انسان نه پر گراهڪ ۽ کاڄ سمجهندا آهن. ريڙهيءَ وارو هجي يا اسٽور وارو، توهان کي بيڪار سامان وڪرو ڪرڻ ۽ ان جو وڏو ملهه وصول ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو. اسپتال جو عملو اها ڳالهه سمجهي وٺندو آهي ته اوهان اهو علاج ته ضرور ڪرائيندئو. کيس پتو هوندو آهي ته توهان مجبور آهيو. توهان ڪوئي ڍور ڍڳو وڪڻي يا قرض وٺي رقم جو ڪجهه نه ڪجهه بندوبست ڪري آيا هوندا. ان ڪري اهي توهان جا کيسا خالي ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن. جيڪڏهن اوهان سرڪاري اسپتال ۾ آهيو ته اهي توهان کي دوا ۽ آپريشن جو سامان ٻاهران پنهنجي خرچ تي وٺي اچڻ جو چوندا. توهان کي اهو پتو ئي نه پوندو ته توهان جي مريض کي اهي دوائون گهربل به هيون يا نه؟ توهان اهو به نه ڄاڻي سگهندا ته آپريشن لاءِ گهربل سامان جو ڪيترو حصو توهان جي مريض تي استعمال ڪيو ويو؟ توهان اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور هوندا آهيو ۽ سامهون توهان جي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻ وارا موجود هوندا آهن.
اسڪول، ڪاليج، ريل گاڏي، اسٽاپ ۽ اسٽيشن تي موجود کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو سامان وڪڻڻ وارا شاگردن، شاگردياڻين ۽ مسافرن کي جيل ۾ واڙيل انهن قيدين جيان سمجهندا آهن جن جي مجبوري هوندي آهي ته کين کائڻ پيئڻ ۽ استعمال لاءِ جيڪي ڪجهه ۽ جيتري قيمت تي به وڪيو وڃي اهو اکيون ٻوٽي قبول ڪن. اهڙين جاين تي اوهان کي ناقص معيار جون شيون مهانگي اگهه تي وڪرو ڪيون وينديون آهن ڇاڪاڻ ته ريل جو مسافر ريل منجهان لهي وڃي پنهنجي ڪنهن من پسند جڳهه تان کاڌو پيتو حاصل ڪرڻ جي طاقت نه رکندو آهي. تعليمي اداري ۾ پڙهندڙ شاگرد يا شاگردياڻي به ايئن ئي مجبور هوندا آهن ته تدريسي عمل جي ساهيءَ دوران سندن اداري اندر آيل کاڌي پيتي جو سامان ئي خريد ڪن ۽ واپرائين. اسڪول يا ڪاليج جي ڪينٽين ۽ بڪ اسٽور شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻ جا مرڪز هوندا آهن.
اصل ۾ اسان جنهن سماجي معاشي سرشتي هيٺ زندگي گذاري رهيا آهيون اهو اسان کي اها راهه ڏيکاري ٿو ته جيترو ٿي سگهي مال جمع ڪريو. ڇاڪاڻ ته اوهان جي هر مسئلي جو حل پيسي وٽ آهي. اوهان ڪهڙي به معاملي ۾ ڦاٿل آهيو اتان آزادي رڳو پيسي جي زور تي ئي ملي سگهي ٿي ان ڪري ظاهر آهي جائز ناجائز، حق ناحق، مناسب توڙي غير مناسب نموني وڌ کان وڌ دولت ڪٺي ڪرڻ ئي هن جهان ۾ سڀ کان اهم ۽ بنيادي ڪم بڻجي وڃي ٿو جنهن ڪري هڪڙي انسان جو ٻئي انسان جي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻ کان به نه رڪجڻ بلڪه اهڙو ماحول جوڙڻ، جنهن کان پوءِ انسان مجبور بڻجي پون ۽ چالاڪ ماڻهو انهن جي مجبوريءَ جو فائدو حاصل ڪري سگهن. موجوده سماجي معاشي سرشتي ۾ رهندي هڪ ڊاڪٽر جو فائدو بيمارين جي خاتمي نه پر انهن جي واڌ ۾ آهي. واپاريءَ جو فائدو حلال رزق ڪمائڻ ۽ ماڻهن کي انهن جي گهربل سامان تائين رسائي ڏيڻ ۾ نه پر شين جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري مهانگائي جي مشعل ٻارڻ ۾ هوندو آهي ته جيئن اهو گھڻي کان گھڻو مال ميڙي سگهي. نجي اسپتال هلائڻ واري ڊاڪٽر ۽ ٽيوشن سينٽر هلائيندڙ سرڪاري ماستر جو مفاد ان ۾ هوندو آهي ته سرڪاري اسپتال ۽ اسڪول سهولتن، طبي امداد ۽ معياري تعليم جي فراهميءَ ۾ قطعي طور تي ناڪام رهن ته جيئن انهن جي پنهنجي نجي دڪانداري چمڪندي رهي. اهڙن مفاد پرست عنصرن توڙي عوام جي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻ وارن منجهان ڇوٽڪاري جي راهه تبليغ ۽ تقرير نه پر موجود سماجي معاشي نظام جي ڪايا پلٽ منجهان ئي نڪري ٿي.