ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا سپريم ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر جو فيصلو رد ڪري ڇڏيندي؟

مخالف ڌر جي اڳواڻن عمران خان پاران ھڪ پراسرار خط جي بھاني قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ واري عمل کي نه رڳو سخت لفظن ۾ ننديو آهي پر انھيءَ خط کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن پڻ عمران خان جي انھيءَ خط سان پنهنجي لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
مون گذريل ھفتي آچر واري ڪالم ۾ انھيءَ خط کي ھٿ ٺوڪيو سڏيو ھو.
مون لکيو هو ته ڪوبه ملڪ خاص ڪري سپر پاورس کي جڏهن به ڪنهن ڳالهه تي اعتراض ھوندو آھي يا سندن عالمي مفادن کي ڇيهو رسڻ جو انديشو ٿيندو آهي ته اھي پنهنجي سفير معرفت واسطيدار ملڪ جي حاڪمن کي ڄاڻ ڏيندا آهن يا پرڏيهي وزارت پاران بيان جاري ڪرائي ڇڏيندا آهن جيئن ٻه ڏهاڙا اڳ روسي پرڏيهي وزارت عمران خان جي کليل پٺڀرائي ڪري آمريڪا کي نندڻ جو وجھه نه وڃايو آهي. روسي قيادت جي اھا مجبوري اسان سمجهون ٿا ڇاڪاڻ ته ھن مھل يوڪرين واري لڙائيءَ جي ڪٽ جھڙي طرح عالمي سامراج مٿن اقتصادي، مالي ۽ سياسي پابنديون مڙهي، ناٽو جا ھٿيار بند جٿا پولينڊ ۾ روس جي سرحدن ڀرسان جديد اوزارن ۽ ھٿيارن سان ليس ڪري روس تي حملي جي تيارين ۾ رڌل آهن، ان ڪري آمريڪا ۽ سندس ساٿارين کي خوار خراب ڪرڻ جو ڪوبه موقعو هٿان نه وڃائيندا. ھو جيڪا چوڻي آهي ته جنگ ۽ محبت ۾ ھر ڪم جائز آهي، ان تي ٻيئي ڌريون عمل ڪن پيون. ايئن متان سمجهو ته ولاديمير پوتين ڪو عمران خان جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري فيصلي کي بچائڻ جي ڪوشش پيو ڪري ۽ اھو بيان جاري ڪيو ويو آهي. ھي ته دشمنن خلاف رڳو ھڪڙو وار آهي آمريڪا کي خوار خراب ڪرڻ خاطر!
ماضيءَ ۾ خود آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ پارليامينٽ هائوس تي اڳوڻي حڪمران ڊونالڊ ٽرمپ گذريل سال اليڪشن ھارائڻ کان پوءِ اھڙو ته حملو ڪرايو جنهن جو صدين ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. عمران خان به بي اعتمادي واري رٿ مان جند ڇڏائڻ خاطر پارليامينٽ کي غير آئيني طريقي سان ٽوڙي باقاعدي پنهنجن ڪارڪنن کي حڪم ڏنو آهي ته ملڪ اندر فساد پکيڙي انارڪي پيدا ڪري ڇڏيو. مون ته سال کن اڳ ۾ به هنن ئي ڪالمن ۾ لکيو ھو ته عمران خان ۽ ڊونالڊ ٽرمپ جي بدمزاجي ۾ ھڪجھڙائي ڏسان ٿو پيو.
جڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ لکت ۾ سمورن ميمبرن کي اسپيڪر پاڻ دعوت ڏني ته سڀاڻي بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ڪرائي ويندي ۽ اجلاس ۾ رڳو انھي ايجنڊا تي عمل ٿيندو ته پوءِ انھيءَ ايجنڊا يعني اصل مقصد کي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ڪيئن ٿو لتاڙي سگھي؟ سپريم ڪورٽ جي مان وارن ججن اڱاري تي جيڪي رمارڪس ڏنا آهن تن مان صاف پڌرو آھي ته سندن فوڪس فقط فريادي ڌرين جي انھيءَ ھڪڙي نقطي مٿان آهي. شنوائي ھلندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال بار بار اھا ئي ڳالهھ ورجائي ته عدالت کي رڳو اھا جانچ ڪري فيصلو ڏيڻو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ جيڪي ڪجھه ڪيو ان جي آئين ۾ گنجائش آهي يا نه؟
انھيءَ سوال تي اپوزيشن پارٽين جي وڪيل سينيٽر رضا رباني چيو ته ھڪ دفعو اسيمبلي ۾ بي اعتماديءَ واري قرارداد پيش ٿي وڃي ۽ ووٽنگ واسطي اجلاس به گهرايو وڃي ته ان کان پوءِ سواءِ ووٽنگ جي ٻي ڪابه ڪارروائي ڪرڻ آئين سان غداريءَ برابر آهي. ھڪڙو ڪوڙو خط لکي مخالف ڌر جي ميمبرن کي غدار ٺھرائڻ سنئين سڌي بدمعاشي ۽ قانون جي لتاڙ آهي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان ٻنهي ڌرين منجهان ظاهر آهي ته ڪنهن به هڪ ڌر جو فائدو ٿيندو. منهنجي ذاتي را هي آهي ته ملڪ جي بگڙيل حالتن ۽ غير يقيني واري ڪيفيت کي ختم ڪرڻ لا سڀ کان وڏي عدالت جي ججن جي اڪثريت آئين جي بالادستي خاطر صورتحال کي واپس 3 اپريل جي شروعات ڏانهن موٽائي، اسيمبلي اجلاس هڪدم ٻيهر سڏائڻ ۽ ووٽنگ ڪرائڻ جو مختصر حڪم جاري ڪري، قومي اسيمبلي کي بحال ڪري ڇڏيندي.
سڄي دنيا جي ماڻهن 3 اپريل تي قومي اسيمبلي ۾ عمران سرڪار ۽ سندس ساٿارين طرفان پيدا ڪيل ڌماچوڪڙي ۽ غير قانوني داداگيري ڏٺي آهي، ڇا معزز جج صاحب اهڙي بدمعاشي کي جائز ٺهرائي سگهن ٿا!
ڪلهه اربع ڏينهن منجهند مهل جڏهن سرڪاري وڪيل علي ظفر اهو دليل ورجايو ته سپريم ڪورٽ کي ڪوبه اختيار ناهي ته پارليامينٽ جي فيصلن کي رد ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ٻنهي ادارن کي پنهنجا پنهنجا ڌار اختيار آئين ۾ ورهائي ڏنا ويا آهن. انهي دليل تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال کانئس سوال ڪيو ته جرمني ۾ ايڊالف هٽلر جڏهن حاڪم هو ته ھن پارليامينٽ جي چونڊيل ڪجهه پنهنجن مخالف ميمبرن کي غدار قرار ڏيئي مارائي ڇڏيو. ڇا اسان ليڊر آف دي هائوس کي هڪ ڊڪٽيٽر وارا اختيار ڏيئي ڇڏيون. عمران خان جو قانوني صلاحڪار بابر اعواڻ ڪلهه عدالت ۾ ڪوبه سگهارو دليل يا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو ۽ فقط ڊيش ڊيش ڊيش چوندو رهيو، جنهن تي جسٽس مندوخيل سندس ڇنڊ پٽي. ٻئي پاسي پنجاب اسيمبلي ۾ به ڪلهه چوڌري پرويز الاهي پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ۽ صوبائي اسيمبلي جي سمورن گسن ۽ گهيڙن کي چوڌاري ڪنڊن واريون لوهي تارون هڻائي ميمبرن جي داخلا بند ڪري ڇڏيائين. انهي حقيقت بابت ڪلهه جنهن مهل سپريم ڪورٽ ۾ مسلم ليگ جي وڪيل نذير تارڙ انڪشاف ڪيو ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال حيراني ظاهر ڪندي کيس چيو ته اوهان جي اصيلن وٽ اڪثريت آهي ته لاهور جي جناح باغ ۾ اجلاس سڏائي اوهان اسيمبلي جي ڪارروائي هلائي سگهو ٿا.
انهي فيصلي جي رستا روڪ ڪرڻ خاطر پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري کي سندس عهدي تان نئين گورنر پنجاب ڊسمس ڪري ڇڏيو آهي. هن فيصلي کي به مخالف ڌر پاران غير آئيني ٺهرايو ويو آهي. ڪالم لکندي مهل ئي 4 بجي ڌاري ٽي وي خبرن ۾ ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ شنوائي ملتوي ڪري، سڀاڻي فيصلو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ ٻي خبر ۾ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي اهو اعلان ڪندي ڏيکاريو ويو ته پرينهن جمعي جي نماز کانپو جمعيت علما اسلام جا ڪارڪن ملڪ جي سمورن شهرن ۾ جلوس ڪڍي پرامن احتجاج ڪن.
ظاهر آهي ته عمران خان ۽ سندس منشي بڻيل صدر عارف علوي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ عمران خان جي حڪومت ختم ڪرڻ بعد جنهن غير آئيني طريقي سان روزانو نوان حڪم جاري ڪري رهيا آهن انهن کي ڪوبه باشعور انسان قبول نٿو ڪري سگهي. هي ته اڃا به اسيمبلين، سرڪاري دفترن ۽ آفيسرن کي يرغمال ڪري غلط سلط فيصلا ڪندا وتن. جيڪڏهن عمران خان ۽ سندس سرپرست سمجهن ٿا ته ٽيويهه ڪروڙ ماڻهن کي سندن ووٽ جي حق کان محروم ڪري هو پنهنجي بادشاهي هلائي سگهن ٿا ته ڀليل آهن. اهڙي صورت ۾ پاڪستان اندر ڪجهه ڏينهن کانپو خانه جنگي رپورٽ شروع ٿي سگهي ٿي. بهرحال مون کي يقين آهي ته سپريم ڪورٽ جا جج ڪنهن به قسم جو دٻا قبول نه ڪندا ۽ فيصلو اهڙو ڏيندا جنهن سان گهرو لڙائي جا آسمان تي ڇانيل ڪڪر ٽري ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button