شوبز

سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي فنڪار ورهائجي ويا

پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جا فنڪار عمران خان جي کنيل قدم بعد سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي راين ۾ ورهائجي ويا آهن. ميڊيا مطابق اداڪارا زارا نور عمران خان بنا ٻئي کي وزيراعظم تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو آهي تھ مون کي پي ٽي آئي بنا ٻي پارٽي قبول ناهي. جڏهن تھ زارا نور جي مڙس اسد صديقي چيو تھ عدالت جو فيصلو انصاف تي ٻڌل آهي. اهڙي ريت فيصل قريشي ۽ عتيقا اوڍو وزيراعظم عمران خان جي حمايت ۾ ٻيهر سامهون آيا. اهڙي ريت منيب بٽ، هارون رشيد وچٿرو رستو ورتو آهي. جڏهن تھ ميرا سيٺي سپريم ڪورٽ جو فيصلو جمهوريت جي فتح قرار ڏئي آجيان ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button